سمرقند
قسط چوويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
عمر خيام پنهنجي چيلي جو سوڳ ساڳئي وقار، ساڳئي بي بس صبر ۽ انهيءَ محتاط اذيت سان ملهايو. جيئن ٻين دوستن جو ماتم ڪيو هيائين-
”اسان ساڳيو ئي شراب پي رهيا هئاسين، پر هو ٻه ٽي جام مون کان پهرين مدهوش ٿي ويو-“ بهرحال هو ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهيو ته بياض جو نقصان سندس لاءِ وڌيڪ دل ڏاريندڙ هو؟ هو يقينن ان کي ٻيهر نقل ڪري ٿي سگهيو، کيس ان جو هڪ هڪ لفظ ياد هو. بظاهر هن اهو ڪرڻ نه ٿي چاهيو، ڇو ته ڪنهن پوشيده نسخي جا آثار ناهن ملندا- لڳي ٿو ته بياض جي چوري ٿيڻ کانپوءِ خيام کي وڏو سبق مليو هو، هاڻي هو ڪڏهن نه پنهنجي مستقبل تي اختيار رکڻ جي ڪوشش ڪندو. نه پنهنجي نظمن تي-
هن جلد ئي مروَ ڇڏي ڏنو، الاموت وڃڻ لاءِ نه- اوڏانهن وڃڻ لاءِ هن هڪ ڀيرو به تصور نه ڪيو هو- بلڪه وطن وڃڻ لاءِ- ”وقت اچي ويو آهي، ان پنهنجو پاڻ کي چيو،“ ”ته پنهنجي آواراگردي ختم ڪريان- نيشاپور منهنجي زندگيءَ جي پهرين قيام گاهه هئي- ڇا اها نظم و ضبط جي تقاضا نه آهي ته اها ئي آخري به هجي؟“ ته هاڻي هو اتي رهڻ وارو هو، مٽن مائٽن، ننڍي ڀيڻ، بامروت ڀيڻيوو، ڀاڻيجا، ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ ڀاڻيجيءَ جي وچ ۾ جيڪا سندس پيريءَ ڏانهن وڌندڙ عمر جي وقت ۾ سندس سڄي شفقت ۽ نرمي جو مرڪز هوندي- سندس اوسي پاسي سندس ڪتاب موجود هوندا- هن ٻيو ڪجهه ناهي لکيو، پر هن اڻ ٿڪ طريقي سان پنهنجن استادن جا ڪتاب ٻيهر پڙهيا-
هڪ ڏينهن، جڏهن عمر پنهنجي ڪمري ۾ گوڏن تي ابنِ سينا جو ڪتاب الشفاءَ جو باب ”واحد ۽ متعدد“ کوليو ويٺو هو، کيس هڪ بيزار ڪندڙ سور محسوس ٿيو- هن پنهنجي سون جي ڏند کوٽڻي، جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، صفحن جي وچ ۾ نشان طور رکي ڇڏي، ڪتاب کي بند ڪيو ۽ خاندان وارن کي پنهنجو وصيت نامو لکرائڻ لاءِ گهرايو- پوءِ هن دعا گهري جيڪا هنن لفظن سان ختم ٿي وئي: ”منهنجا خدا، توکي خبر آهي ته مون تو کي تمام ڀرپور طريقي سان محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي- مون کي معاف ڪجائين، جيڪڏهن صرف منهنجو علم ئي تو تائين پهچڻ جي راهه هو!“
ان کانپوءِ سندس اکيون وري نه کليون- اها 4 ڊسمبر 1131 جي تاريخ هئي- عمر خيام پنهنجي عمر جي 84هين سال ۾ هو، پيدائش 18 جون 1048 فجر جي وقت جي ٿي هئي- اها ڳالهه ته ان وقت جي ماڻهوءَ جي ڄم تاريخ ايتري يقين سان معلوم هجي، واقعي ڏاڍي غير معمولي ڳالهه هئي، پر خيام کي ان موضوع سان هڪ نجوميءَ جهڙو سوداءَ هو- اهو به ممڪن آهي ته هن پنهنجي ماءُ کان پڇي ڳاڇي پنهنجي عروج جو وقت معلوم ڪيو هجي، يعني جوزا، ته جيئن دنيا ۾ پنهنجي آمد جي گهڙيءَ وقت سج، عطارد ۽ مشتري جي درجن جو تعين ڪري سگهي- اهريءَ طرح هن پنهنجي پيدائش جو زائچو ٺاهيو هوندو ۽ تاريخدان بيهقي جي حوالي ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هوندو-
سندس هڪ عمعصر، نظامي عروضي، بيان ٿو ڪري: ”مان عمر خيام سان سندس وفات کان 20 سال پهرين بلخ ۾ مليو هئس- هو انسانن جو واپار ڪرڻ وارن جي هڪ شاهراهه تي مقيم هڪ ممتاز شخص سان گڏ قيام ڪرڻ آيو هو، سندس شهرت کان باخبر هجڻ سبب ساڻس پاڇي وانگر چنبڙيل رهيس ته جيئن سندس هر هڪ لفظ ٻڌي سگهان- انهيءَ سبب مون کيس چوندي ٻڌو: ”منهنجي قبر اهڙي جاءِ تي هوندي جتي اتر جي هوا هر بهار ۾ گل پکيڙيندي آهي-“
”شروع ۾ مون کي سندس لفظ بي معنيٰ لڳا، پر بهرحال مون کي خبر هئي ته اهڙو شخص ڪابه ڳالهه مناسب غور ۽ فڪر کانسواءِ نه ٿو چئي سگهي-“
شاهد بيان جاري ٿو رکي: ”آئون نيشاپور مان خيام جي موت جي 4 سالن کانپوءِ لنگهيس- جيئن ته مان سندس ايتري ئي تعزيم ڪندو هئس جيتري هڪ عالم جي ڪرڻ گهرجي، آئون سندس آخري رهائشگاهه پهتس- سير ڪرڻ وارو رهنما مونکي قبرستان وٺي آيو- داخل ٿيندي ساڄي هٿ طرف مڙندي ئي مون کي هڪ باغ جي ديوار جي ڀرسان قبر نظر آئي- ناشپاتيون ۽ زردالو سندس مٿان ڇانو ڪيو بيٺا هئا ۽ مٿس ايترا گل وکيريا هئا جو اهي پتين جي قالين هيٺان لڪي ويا-“
A drop of water fell in to the sea.
A speck of dust came floating down to earth
What signifies your passage through this world?
A tiny gnat appears and disappears.
عمر خيام جو خيال غلط هو- سندس وجود، يا گهٽ ۾ گهٽ سندس رباعين جو وجود ان جي برخلاف هو جو هن انهن کي معمولي چيو هو، بس اڃا شروع ئي ٿيو هو- ته ڇا شاعر ان لاءِ وڏي عمر جي خواهش ڪئي هئي ڇو ته هو پنهنجي لاءِ ته اهڙي خواهش ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ڪري سگهيو؟
اهي جيڪي الاموت ۾ حسن صباح سان ملاقات جي اجازت جي دهشتناڪ امتياز حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀت اندر محرابي کڏڙيءَ اندر ٿلهن لوهي شيخن جي پٺيان هڪ ڪتاب جا مبهم نقش ڏسڻ بغير نه رهي سگهيا. اهو ڇا آهي، اهو ڪنهن کي به پتو نه هو، نه وري معلم اعليٰ کان پڇڻ جي جرئت ڪري سگهيا ٿي- بس فرض ڪيو ٿي ويو ته جيڪڏهن ان کي ان ڪتب خاني ۾ داخل ناهي ڪيو ويو، جتي تمام نادر ڪتاب جمع ٿيل آهن جن ۾ اعليٰ درجي جون ناقابل بيان صداقتون دفن ٿيل هيون، ته خاص پنهنجي سبب هيون-
جڏهن حسن لڳ ڀڳ 80 سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو هو ته سندس مقرر ڪيل قائم مقام کي آقا جي ٻِر ۾ ويهڻ جي همت نه ٿي، ۽ ان کان به گهٽ همت ان پراسرار لوهي ڄاريءَ کي کولڻ جي- باني جي ختم ٿيڻ کانپوءِ الاموت جا رهواسي هڪ ڊگهي عرصي تائين رڳو انهن ڀتين جي منظرن کان ئي دهشت زده ٿي ويندا هئا، جن کيس امان ڏني هئي، اهي گذريل آباد حصن ۾ قدم رکڻ کان ڪيٻائيندا هئا ته متان سندس پاڇي سان نه ڪٿي ملاقات ٿي وڃي- برادريءَ تي اڄ به اهي ئي اصول ۽ ضابطا مڙهيل هئا، جيڪي حسن مقرر ڪيا هئا ۽ برادريءَ جا رڪن اڄ به تمام ڪٽر مذهبي هئا- نه ڪو انڪار، نه ڪا لطف اندوزي، بس ٻاهر جي دنيا جي خلاف وڌ کان وڌ تشدد، پهرين کان وڌيڪ قتل شايد اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته سربراهه جي موت سندس عقيدتمندن جي عزم کي ڪمزور ناهي ڪيو-
۽ ڇا انهن عقيدتمندن ان سخيءَ کي خوش دليءَ سان قبول ڪيو؟ آهستي آهستي گهٽ کان گهٽ- سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا، تجربيڪارن وچ ۾ ته ايترا نه جن حسن جي زندگيءَ ۾ ئي الاموت کي فتح ڪيو هو، کين اڄ به اهي عقوبتون ۽ اذيتون ياد هيون، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڀوڳيون هئائون ۽ کين اهو خوف وڪوڙيل هو ته ذري ڍر به ڪٿي کين وڌيڪ نقصان نه پڄائي-
تڏنهن به، اهي ماڻهو ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندا ٿي ويا ۽ قلعو وڌ کان وڌ سندن پٽن ۽ پوٽن سان ڀرجندو ٿي ويو- پينگهي کان ئي کين پنهنجي ديني مسلڪ جي سخت تلقين ۽ تعليم ڏني ٿي وئي، جنهن کين حسن جي تڪليفن ۽ هدايتن کي ذهن نشين ڪرڻ ۽ سندن احترام ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪيو، ڄڻ ته اهو ڪو نازل ٿيل ڪلام هو- پر انهن مان ڪجهه ان جي وڌيڪ مزاحمت ڪرڻ لڳا هئا، زندگي انهن کان ٻيهر پنهنجو حق گهري رهي هئي-
ڪيترن ته هڪ ڏينهن اهو به پڇي ورتو هو ته انهن کي سڄي جواني هن فوجي قيام گاهه جهڙي خانقاهه ۾، جنهن مان سڄي کل خوشيءَ کي بنواس ڏنو ويو آهي، رهڻ لاءِ مجبور ڇو ڪيو ويو. اهي ايتري ته شديد دٻاءُ جو شڪار هئا، جو ننڍڙي کان ننڍڙي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۾ به محتاط ٿي رهيا- يعني کلي عام ڄڻ اندر ئي اندر خفيه مجلسون ٿيڻ لڳيون هيون، نوجوان سازشين کي انهن سڀني عورتن حوصلو ڏنو، جن ڪنهن پڻ، ڀاءُ يا مڙس کي ڪنهن خفيا ڪارروائي لاءِ رخصت ڪيو هو، جتان پوءِ ڪڏهن واپس نه ٿي آيا-
هڪ شخص پنهنجو پاڻ کي ان گهٽيل ۽ دٻيل خواهش جو ترجمان بڻايو- ڪو ٻيو اڳيان وڌڻ لاءِ تيار نه هو: هي ان شخص جو پوٽو هو جنهن کي حسن پنهنجو خليفو نامزد ڪيو هو ۽ هو خود به پنهنجي پيءَ جي مرڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي برادريءَ جو اعليٰ حاڪم ٿيڻ وارو هو-
کيس پنهنجي وڏن جي ڪري اعليٰ مرتبو مليل هو- جيئن ته هو برادري جي باني جي مرڻ کان ڪجهه عرصو بعد پيدا ٿيو هو، ان کي سندس دهشت ۾ زندگي گذارڻي نه پئي، هو سندس رهائشگاهه کي تجسس، ۽ قدرتي ڳالهه آهي ته ڪافي خوف سان ضرور ڏسندو هو، پر ان چريائپ سان نه جنهن ٻين کي اپاهج ڪري ڇڏيو هو-
ايتري تائين جو هو 17 سالن جي عمر ۾ هن حجره ممنوعه مان به ٿي آيو هو، ان جي چوڌاري گهميو هو، ان طلسماتي حوض تائين ويو هو ۽ ان جي برف جهڙي يخ پاڻيءَ ۾ هٿ به ٻوڙيا هئائين ۽ پوءِ ان محرابي کُڏڙيءَ وٽ به اچي بيٺو هو، جنهن ۾ اهو ڪتاب رکيل هو- هن لڳ ڀڳ اهو ڪتاب کولي ورتو هو، پر پوءِ ارادو مٽي ڇڏيو هئائين، هڪ قدم پٺيان هٽيو ۽ پوءِ ابتي پيرين ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو، هو سندس ان پهرين ئي آمد تي ان کان وڌيڪ ڪجهه نه پيو ڪرڻ چاهي-
جڏهن وارث الاموت جي گهٽين ۾ گهري سوچ جي عالم ۾ گهمندو ڦرندو هو ته ماڻهو جمع ٿي ٿي ويا، چئجي ته تمام ويجهو ٿي آيس ۽ برڪت لاءِ عجيب عجيب ٻول ٿي ٻوليائون- هن جو نالو به صباح وانگر حسن ئي هو، سندس اوسي پاسي هڪ ٻيو نالو به ڪنن ۾ سُس پُس ڪندي دهرائجڻ لڳو هو: ”نجات ڏياريندڙ! مهدي منتظر!“ صرف هڪ ئي ڳالهه جو خوف هو: حشاشين جا اصحابِ قدم جن کي سندس احساسن جو علم هو ۽ اهي جيڪي کيس پهرين ئي ان سخت گيريءَ واري جاري ۽ ساري ماحول خلاف ڏاڍي بهادريءَ سان تنقيد ڪندي ٻڌي چڪا هئا، ڪٿي اهي کيس اقتدار جي حاصل ڪرڻ کان پري نه رکن. في الحال سندس پيءَ به مٿس خاموشي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري تائين جو مٿس ملحد هجڻ ۽ بانيءَ جي تعليمات سان غداري ڪرڻ جي تهمت به لڳائي- چيو ٿو وڃي ته هن سندس ڏيڍ سئو حامين کي مارائي ڇڏيو ۽ اڍائي سئو کي اتان نيڪالي ڏئي ڇڏي، اهڙيءَ طرح جو هو ويندي وقت پنهنجي ساٿين جا لاش پنهنجي پٺين تي کڻي هيٺ پهاڙيءَ جي دامن ۾ وڃي- باقي پدرانه محبت جي رمق سبب هن حسن صباح جي طفل ڪُشيءَ جي پيروي نه ڪئي-
جڏهن 1162 ۾ سندس پيءُ هلي چُريو، ته بغير ڪنهن معمولي رڪاوٽ جي باغي پٽ سندس وارث بڻيو، گهڻي وقت کانپوءِ الاموت جي اڌ اونداهين گهٽين ۾ پهريون ڀيرو خوشي ۽ مسرت ڄڻ ڦٽي نڪتي-
ڇا واقعي هڪ ڊگهي عرصي کان انتظار گاهه ”نجات ڏياريندڙ“ جو سوال هو، عقيدتمندن پنهنجو پاڻ کان پڇيو- ڇا هي اهو ئي ماڻهو هو جيڪو سندن مصيبتن کي ختم ڪرڻ وارو هو؟ هن پاڻ ته ڪجهه چيو ئي ڪونه هو- بس هو ته پهرين وانگر پنهنجين غلطين ۾ غلطان الاموت جي گهٽين ۾ گهمندو ٿي رهيو، يا پوءِ ڪتب خاني ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان مسودي لکڻ واري جي اکين جي نگرانيءَ هيٺ ويٺو ٿي رهيو، جيڪو اصل ۾ ڪرمان کان آيو هو-
هڪ ڏينهن هو فيصله ڪن انداز ۾ حسن صباح جي گذريل رهائشگاهه طرف ويندي نظر آيو- هن ڌڙام سان دروازو کوليو، محرابي کڏڙيءَ وٽ آيو ۽ لوهي شيخن کي اهڙي ته جنوني تشدد سان لوڏايو جو اهي ڀت کان اُکڙي ڌار ٿي ويون ۽ ان پٺيان ريتي ۽ پٿر فرش تي مينهن وانگر ڪِرڻ لڳا- هن خيام جو بياض کنيو، ان مٿان مٽيءَ کي ڇنڊيائين، ۽ پنهنجي ڪڇ ۾ رکي اتان کان نڪري ويو-
ان وقت اهو چيو ويو ته هن خود کي ان مطالعي واسطي بند ڪري ڇڏيو آهي، ان کي پڙهڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ لاءِ، تان جو اچي ستون ڏينهن پهتو- هاڻي هن حڪم ڏنو ته الاموت جا سڀ رهواسي، ڇا مرد، ڇا عورتون ۽ ڇا ٻار سڀ ميدان ۾ جمع ٿين، اها واحد جڳهه جتي سڀ گڏجي جمع ٿي سگهيا ٿي-
هي 18 آگسٽ 1164 جو ڏينهن هو الاموت جو سج نهايت تيزيءَ سان سندن مٿن ۽ چهرن تي چمڪي رهيو هو، پر ڪنهن به ان کان بچڻ جو خيال نه ڪيو، اولهه پاسي هڪ ڪاٺ جو چبوترو کڙو ڪيو ويو هو- ان کي چئني ڪنڊن کان هڪ ڳاڙهي، هڪ سائي، هڪ پيلي ۽ هڪ اڇي علم سان سينگاريو ويو هو، هر ڪنهن جي نظر ان تي لڳل هئي-
اوچتو ئي هو ظاهر ٿيو، نُنهن کان چوٽيءَ تائين حيرت ۾ وجهندڙ سفيد لباس ۾ ملبوس، سندس ننڍڙي جوان زال سندس پٺيان پٺيان- چهرو بي نقاب، اکيون زمين طرف جهڪيل، ۽ ڳل حيرانيءَ مان گلابي- ائين لڳي رهيو هو ته پاڇي هجوم جي آخري شڪ کي رفع ڪري ڇڏيو هو، ماڻهو اهڙي بيباڪيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا: ”اهو ئي آهي، ”اهوئي نجات ڏياريندڙ آهي!“
هو ڏاڍي شان و شوڪت سان چاڙهيون چڙهندو چبوتري تي آيو ۽ ڪنن ۾ سُس پُس ڪندڙن کي خاموش ڪرڻ جي نيت سان پنهنجن وفادارن کي ڏاڍي جوش ۽ خروش سان ڀليڪاريو- ۽ پوءِ هن ڏاڍي حيران ڪندڙ تقرير ڪئي، ايتري حيران ڪندڙ جو ڌرتيءَ تي ان کان پهرين مشڪل سان ڪنهن اهڙي تقرير ٻڌي هوندي:
”دنيا جي سڀني باشندن کي جنن، انسانن ۽ ملائڪن“، هن چيو: ”مهدي، پنهنجي برڪت ۽ عفو پيش ڪري ٿو، انهن جي تمام پوين ۽ ايندڙ گناهن جي“-
”هو اعلان ٿو ڪري ته مقدس قانون ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، ڇو ته قيامت جي گهڙي اچي چڪي آهي- خدا توهان تي اهو قانون ان لاءِ نافذ ڪيو ته جيئن جنت ڪمائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري سگهو ۽ هاڻي توهان واقعي ان جا مستحق آهيو- اڄ جي ڏينهن کانپوءِ جنت توهان جي آهي- جيئن ته توهان قانون جي بار کان آزاد ڪيا ويا آهيو-“
”هر شئي جنهن جي پهرين جهل هئي، هاڻي جائز آهي، ۽ هر شئي جيڪا پهرين فرض هئي ان جي ادائگي هاڻي جهل آهي!“
”5 وقت نماز جي جهل آهي،“ نجات ڏياريندڙ ”پنهنجو ڪلام جاري رکيو-“ جيئن ته هاڻي اسان جنت ۽ خالق سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، هاڻي اسان کي مقرر اوقات ۾ مخاطب ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، جيڪي پنج وقت نماز ادا ڪرڻ لاءِ بضد آهن، اهي اها ڳالهه ثابت ڪري رهيا آهن ته انهن کي قيامت تي ڪيترو نه گهٽ اعتبار آهي- نماز بي اعتقادي جو عمل بڻجي وئي آهي-“
ٻئي پاسي شراب جنهن کي قرآن بهشت جو مشروب قرار ڏنو آهي، هاڻ ان جو پيئڻ جائز ٿي چڪو آهي ۽ ان جي پيئڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪڻ دين جي ڪميءَ جي نشاني سمجهيو ويندو-
”جڏهن اهو اعلان ڪيو ويو،“ ان وقت جو هڪ ايراني مورخ لکي ٿو، ”ته جماعت بربط ۽ ني وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لڳي ۽ بلڪل چبوتري جي سامهون کلم کلا شراب ڏوگهڻ لڳي-“
اهو ڏاڍو ڪوڙ جهڙو ”مبالغه آميز“ رد عمل هو، ۽ قرآني قانون جي نالي تي جيڪي ذيادتيون حسن صباح عمل ۾ آنديون هيون، ان جي بلڪل عين متناسب- تمام جلد ئي نجات ڏياريندڙ جا گادي نشين سندس مسيحائي جوش و خروش جي گهٽتائيءَ جو ڪم پنهنجي ذمي وٺڻ وارا هئا، پر الاموت هاڻي ٻيهر ڪڏهن شهيد جو ڪو مسڪن بڻجي نه سگهندو، جنهن جي خواهش ”واعظ اعليٰ“ ڪئي هئي، مستقبل ۾ زندگيون هتي مٺيون هونديون ۽ قتل جي انهيءَ سلسلي اسلامي شهرن ۾ دهشت پکيڙي هئي، انهن ۾ رخنو پئجي ويندو، اسماعيلي جيڪي ڪڏهن ايترو تشدد ڪرڻ وارو فرقو هو، هاڻي مثالي رواداريءَ جي علمبردار جماعت جي قلب ۾ تبديل ٿيڻ وارو هو-
حقيقت ۾ الاموت ۽ ان جي اوسي پاسي جي ماڻهن کي خوشيءَ جي خبر ٻڌائڻ کانپوءِ، ”نجات ڏياريندڙ ايشيا ۽ مصر جي ٻين اسماعيلي جماعتن ڏانهن قاصد روانا ڪيا، کين دستاويزات ڏنا ويا، جن تي سندس صحيح ٿيل هئي- انهن کي اهو چيو ويو ته اهي نجات جو ڏينهن ملهائين- ان نجات جي ڏينهن جي تاريخ ٽن مختلف ڪئلينڊرن ۾ ڏنل هئي، نبي جي هجرت جي تقويم، سڪندرِ يوناني جي ۽ ”ٻنهي عالمن جي ممتاز ترين شخص، عمر خيام، نيشاپور“ جي-
خود الاموت ۾ ”نجات ڏياريندڙ حڪم جاري ڪيو ته مخطوطهءِ سمرقند جي ڪتاب جو ڏاهپ جي ڪتاب طور احترام ڪيو وڃي- نقاشن کي ان جي تصويري سينگار واسطي معمور ڪيو ويو، فنڪارن کي ان رستي لاءِ ۽ ان واسطي سون جي جڙاءُ ۾ قيمتي پٿرن سان صندوقچيون ٺهرايون ويون- ڪنهن کي به ان جي متن کي نقل ڪرڻ جي اجازت نه هئي، پر ان کي اندروني ڪمري ۾، جتي ڪتبخاني جا انتظام سنڀاليندڙ ويٺا ٿي، صنوبر جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل هڪ ننڍي قد واري ميز تي مستقل فائض ڪيو ويو- اتي انتظام سنڀاليندڙ جي شڪ ڀريل نظرن هيٺ چند ممتاز رڪن ئي اچي ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهيا ٿي-
ان وقت تائين ماڻهن کي خيام جي بس چند رباعين جي باري ۾ ئي علم هو جيڪي هن جوانيءَ جي تيز مزاجيءَ ۾ چيون هيون- هاڻي ٻيون به ڪيتريون ئي پڙهي نقل ڪيون ويون ۽ دهرايون ويون، ڪيتريون ئي تمام مخدوش حالت ۾ هيون- ان دور هڪ عجيب ترين مظهر جو نظارو به ڪيو: جڏهن به ڪنهن شاعر اهڙي رباعي ٿي لکي جنهن سان سندس گرفتاريءَ جو انديشو پيدا ٿي ٿيو ته هن ان کي عمر سان منسوب ٿي ڪري ڇڏيو، ان ريت سوين نقلي ٻه بيتا خيام جي رباعين سان گڏجي ويا، ايتري حد تائين جو، اصل مسودي جي غير موجودگي ۾ خود هن جي رباعين جي اصل ۽ نقل ۾ تميز ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو-
ڇا اهو ”نجات ڏياريندڙ جي اشاري تي ٿيو هو ته الاموت جي ڪتبخاني ۾ ڪم ڪندڙن پيءَ کان پٽ جي شڪل ۾ ڪتاب جي واقعن جو سلسلو انهيءَ مقام تان وري جاري ڪيو، جتي ورطان ان کي پهچايو هو؟ خير هاڻي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو، اهو واحد ذريعو آهي، جنهن سان اسان کي حشاشين جي نفسيات جي عمل تي خيام جي مرڻ کانپوءِ اثراندازي جو پتو پوي ٿو، اها مختصر پر بي بدل بيان تاريخ هڪ صديءَ تائين جاري رهي تان جو هڪ ظالم ۽ سفاڪ دخل اندازي رونما ٿي- منگولن جو حملو-
پهريون ريلو، جنهن جي قيادت چنگيز خان ٿي ڪئي، بلاشڪ سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ بڻيو، جنهن جو تجربو اوڀر کي اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو- وڏا شهر مڪمل تباهه ڪيا ويا ۽ آباديءَ کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، اها واردات پيڪنگ، بخارا ۽ سمرقند تي گذري، اتان جي ماڻهن سان جانورن وارو ورتاءُ ڪيو ويو، جوان عورتون فتحياب ٿيندڙ آفيسرن جي حوالي ڪيون ويون، هنرمندن کي غلاميءَ واري حالت تائين رسايو ويو ۽ باقين کي قتلِ عام ڪيو ويو، سواءِ هڪ اقليت جي جن وقت جي قاضيءَ جي اڳيان جمع ٿي اک ڇنڀ ۾ ئي چنگيز خان سان پنهنجي وفاداريءَ جو اعلان ڪيو-
ان تباهيءَ جي باوجود، سمرقند لڳ ڀڳ عنايت جو مستحق معلوم ٿيو، ڇو ته انهيءَ کي هڪ ڏينهن پنهنجي ملبي مان ٻيهر جنم وٺي هڪ عالمگير سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ٿيڻو هو- تيمور لنگ جي سلطنت- انهن ٻين سڀني شهرن جي ابتڙ جن جي قسمت ۾ ٻيهر ڪڏهن به آباد نه ٿيڻو هو، مثلن خراسان جي ٽن عظيم شهرن جتي هن دنيا جون تمام گهڻيون دانشورانه سرگرميون هڪ ڊگهي عرصي تائين مرڪز رهيون: مرووَ، بلخ ۽ نيشاپور- جنهن جي فهرست ۾ ري کي به شامل ڪرڻ گهرجي، جيڪو ذري گهٽ اوڀر جو (مهد طبي) هو ۽ جنهن جو نالو ئي وسري وڃڻ وارو هو- دنيا کي ڪيترين صدين تائين هڪ ويجهي جڳهه تي تهران جي قالب ۾ ان شهر جي ٻيهر ولادت جو انتظار ڪرڻو هو-
هي منگول حملي جو ڌڪ هو جيڪو الاموت کي وهائي کڻي ويو- چئي سگهجي ٿو ته اهو هن پهرئين جي مقابلي ۾ گهٽ خوني هو، پر ان جا اثرات ڏاڍا ديرپا هئا- اسان ان وقت ۾ زنده رهڻ وارن جي دهشت ۾ ڪيئن شريڪ نه ٿي ٿي سگهياسين، اهو ڄاڻندي ته منگول سپاهي ڪجهه مهينن اندر ئي بغداد، دمشق، پولينڊ ۾ ڪراڪائو ۽ چيني صوبي سيچوان کي برباد ڪرڻ وارا هئا-
اها ئي ڳالهه هئي جو حشاشين جي قلعي وارن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو- هي اهو قلعو هو جنهن 160 سالن تائين ڪيترن حملا آورن جي حملن کي روڪيو! شهزادو هلاڪو، چنگيز خان جو پوٽو عسڪري تعمير کي ڏسڻ پاڻ آيو، قصن ۾ بيان ٿيل آهي ته ان کي اتي کائڻ پيئڻ جي شين جي اها رسد نظر آئي، جيڪا حسن صباح جي زماني کان جمع ڪيل هئي-
هلاڪو پنهنجن فوجي آفيسرن سان گڏ ان جاءِ جو معائنو ڪيو ۽ ان کانپوءِ سپاهين کي هر شئي کي تباهه ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، تان جو هڪ پٿر به پنهنجي جڳهه تي باقي نه رهيو، تان جو لائبريري به تباهه ڪئي وئي- ان جي باوجود ان کي باهه ڏيڻ کان پهرين هن جويني نالي هڪ ٽيهن سالن جي تاريخدان کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني- هي شخص هلاڪو جي چوڻ تي ”تاريخ فاتح عالم“ لکڻ جي عمل مان گذري رهيو هو، اهو ئي ڪتاب جيڪو اڄ به منگول حملن متعلق اسان جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو قيمتي ذريعو آهي- ائين هو ان پراسرار جڳهه تائين رسائي حاصل ڪري سگهيو، جتي هزارين ڪتاب قطار اندر هيٺ مٿي يا ويڙهيل رکيا هئا، ٻاهر هڪ منگول آفيسر ۽ هڪ گاڏي وارو سپاهي ان جو انتظار ڪري رهيا هئا- ان گاڏي تي جيترا ڪتاب اچي سگهيا ٿي، بس اهي ئي بچڻ وارا هئا، باقي سڀ باهه جي ور چڙهڻ وارا هئا، ايڏي وڏي ذخيري کي پڙهڻ يا ڪتابن جي فهرست سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو-
جويني، جيڪو هڪ پرجوش سني هو، پنهنجو پاڻ کي چيائين ته سندس پهريون ڪم الله جي ڪلام کي باهه کان بچائڻ آهي- هن جلدي جلدي قرآن جا جيترا به نسخا کيس مليا هئا، انهن کي جمع ڪرڻ لڳو، جيڪي پنهنجي ٿلهن جلدن ۽ هڪ ئي جاءِ تي رکيل هجڻ ڪري آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجيا ٿي- کيس لڳ ڀڳ ويهن جي برابر مليا ۽ هن انهن کي ڪڇ ۾ کڻي انهن کي ان ريڙهيءَ تي 3 قسطن ۾ آڻي رکيو، جيڪا لڳ ڀڳ ڀرجي چڪي هئي- هاڻي وڌيڪ ڪهڙي شئي جي چونڊ ڪجي؟ هڪ ڀت طرف ويندي، جتي ٻين جڳهن جي مقابلي ۾ ڪتاب وڌيڪ منظم طريقي سان سانڍي رکيل هئا، حسن صباح جون ڪيتريون ئي شيون مليون، جيڪي هن 30 سالن جي چئجي ته خود ساخته اختيار ڪيل تنهائيءَ جي دوران قلم حوالي ڪيون هيون- ان مان هن صرف هڪ شئي چونڊي، هڪ سوانح عمري جنهن جا ڪجهه ٽڪرا هو اڳيان هلي پنهنجي تصنيف ۾ نقل ڪرڻ وارو هو- کيس الاموت جي واقعن جا نسخا به نظر آيا، جيڪي تازوئي لکيا ويا هئا ۽ خاطر خواهه دستاويزي حوالن ۽ شهادتن سان ڀريل هئا ۽ جنهن ۾ نجات ڏياريندڙ ”نجات ڏياريندڙ جي پوري تاريخ تفصيل سان بيان ڪئي“ هن ان کي به پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ لاءِ ڦڙتي ڏيکاري، ڇو ته اهو واقعو اسماعيل جماعت کان ٻاهر لڳ ڀڳ نامعلوم هو-
ڇا تاريخ نويس کي سمرقند جي مخطوطهءِ سمرقند جي وجود جو علم هو؟ شايد نه- اسان کي ان جو علم ناهي- بس جيڪو چيو وڃي ٿو اهو آهي ته هو ڪتابن جي سٿي ڀرسان اچي بيهي رهيو، جيڪي علمِ سحر مطابق هيون ۽ انهن ۾ اهڙو ته غرق ٿي ويو جو کيس وقت جو احساس ئي نه رهيو- اهو منگول آفيسر جيڪو بس چند لفظن ۾ کيس ياد ڏيارڻ آيو هو نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڳاڙهي رنگ جي زرهه بڪتر سان ڍڪيل هو ۽ مٿي جي حفاظت لاءِ لوهه جو ٽوپ پاتل هئس، جيڪو ٻاهر کان ائين پکڙيل هو ڄڻ ڊگها وار ڳلي تائين پکڙيل هجنس- سندس هٿ ۾ هڪ ٻريل مشعل هئي- اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ته هن کي ڪيتري تڪڙ آهي، هن مشعل کي گول ڪيل ۽ مٽيءَ سان ڀريل ورقن جي انبار ڀرسان رکي ڇڏيو- تاريخ نويس هار قبول ڪندي انهن مان جيترا به ڪتاب سندس بغلن ۾ اچي سگهيا ٿي، کنيا ۽ جڏهن ”اسرارِ ڪواڪب و اعداد ازلي“ جو نسخو زمين تي وڃي ڪريو ته ان کي ٻيهر کڻڻ لاءِ هيٺ نه جهڪيو- ايئن حشاشين جو ڪتبخانو لڳاتار ست ڏينهن، ست راتيون ٻرندو رهيو ۽ بيشمار ڪتاب سڙي رک ٿي ويا، جن جو ڪو نقل نه بچيو ۽ جن لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته ڪائنات جا ڪيترائي راز مضبوطيءَ سان محفوظ ڪيل هئا-
طويل عرصي تائين اهو سمجهيو ٿي ويو ته الاموت جي هن جهنم زار ۾ سمرقند جو نسخو به سڙي ڀسم ٿي ويو هو-
***