نئون

واٽس ايپ پنهنجي سروس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ واٽس ايپ پنهنجي سروس ڪجهه سيٽن ۾ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ بندش گذريل سال کان ٿيڻي هئي پر ان ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي، جنهن ڪارڻ سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو ان سروس جي استعمال کان محروم رهجي ويندا. واٽس ايپ ڪمپني مطابق 31 ڊسمبر کانپوءِ بليڪ بيري آپريٽنگ سسٽم بليڪ بيري 10 ۽ ونڊوز 8 ۽ ان کان پهريان جي سسٽم تي هلندڙ سيٽن جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏيندي. جنهن بعد اهڙن سيٽن تي واٽس ايپ جو استعمال نه ڪري سگهبو. ماهرن مطابق واٽس ايپ جي ان فيصلي سان بليڪ بيري جو هر سيٽ متاثر ٿيندو، ڀلي پوءِ ان ۾ بليڪ بيري 10 کانپوءِ جو سسٽم ڇو نه هجي. ان ئي طرح سان ونڊوز 8 سان هلندڙ سيٽ تي به استعمال واٽس ايپ جو هلڻ ختم ٿي ويندو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي سروس کي بهتر بڻائي رهيا آهن پر پراڻن سيٽن جا سسٽم جي سروس لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن ان ڪري اسان انهن لاءِ  سپورٽ ختم ڪري رهيا آهيون.