آمريڪا پاران گڏيل قومن جو بجيٽ گهٽايو ويو
آمريڪا گڏيل قومن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي. گڏيل قومن ۾ آمريڪي مشن طرفان جاري ڪيل اعلان مطابق واشنگٽن گڏيل قومن جي بجيٽ ۾ 28 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي ڪٽوتي ڪندو. اقوام متحده ۾ آمريڪي سفير نڪلي هيلي چيو آهي ته هي هڪ سٺو فيصلو آهي جنهن جو سٺو نتيجو نڪرندو. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ فضول خرچي جا چرچا ٿيندا رهندا آهن ۽ هاڻي آمريڪا جي پئسن کي ضايع ٿيڻ نه ڏبو. هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي معلوم به ٿيڻ گهرجي ته اسان پنهنجي مفادن خلاف ڪم نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ گڏيل قومن جي طريقي کي صحيح طرف هلائڻ لاءِ نوان طريقا ڳوليندا رهنداسين. واضح رهي ته گڏيل قومن ۾ اسرائيلي گادي جي هنڌ کي بدلائڻ واري آمريڪي صدر جي سهڪار کي رد ڪيو ويو آهي.