بلاگنئون

جمهوري آئين

هي مضمون هڪ تدريسي ۽ تعليمي مضمون آهي. هن مضمون ۾ مون اهڙا سوال اُٿاريا آهن، جن جا جواب اسان سڀني کي هڪ شهري طور اچڻ گهرجن. هِن مختصر مضمون ۾ هيٺيون ڳالهيون زيرِبحث آنديون ويون آهن. جيئن:

(i) آئين جي وصف، (ii) آئين جي تاريخ، (iii) آئين جا قسم، (iv) آئين ٺاهڻ ڇو ضروري آهي؟، (v) آئين ڪيئن ٺهندو آهي؟ ، (vi) آئين جا ڪم ڪهڙا آهن؟، (vii) سُٺي آئين جون خاصيتون ڪهڙيون آهن؟، (viii) سنڌ ۽ آئين.

مٿي ڄاڻايل موضوعن تي مختصر ۽ جامع ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي آهي، پر پوءِ به ڪي نقطا ضرور رهجي ويا هوندا، پر ايتري پڪ اٿم ته هر سياسي ڪارڪن ۽ عام شهريءَ لاءِ هيءَ بيحد مفيد ۽ اهم مضمون آهي.

(i) آئين جي وصف

لفظ آئين لاطيني ٻولي جي بنياد کان فرينچ ٻوليءَ مان نڪتل آهي، جيڪو انسان جي هزارين سالن جي جدوجهد کانپوءِ موجود جمهوري آئين جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. آئين ڪنهن به رياست جو بنيادي قانون آهي اهو لکت يا غير لکت ۾ محفوظ هوندو آهي. آئين حڪومت جي طاقت ۽ ان جي سٽاءُ سان واسطو رکي ٿو. حڪومت ۽ حڪومت جي تحت عوام جي رشتن سان ان جو گهرو واسطو آهي. آئين ڪنهن به رياست جو اعليٰ قانون آهي ۽ ان جي سڀني جزن جي پيروي ڪرڻي آهي. هندستان جو آئين سڀ کان وڌيڪ ڊگهو آهي. جو 448 آرٽيڪل، 124 ترميمون ۽ 146350 لفظن تي ٻڌل آهي. موناڪو جو آئين ننڍي ۾ ننڍو آهي جيڪو 97 آرٽيڪلس سان گڏ 3840 لفظن تي ٻڌل آهي.

آمريڪي آئين جيڪو سال 1787 ۾ لکيو ويو، 1788 ۾ منظور ڪيو ويو، ۽ 1789 کان عمل ۾ آندو ويو، اهو مختصر ترين آئينن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن جي لفظن جي ڊيگھ 4543 آهي. دنيا جي 222 خود مختيار رياستن وٽ آئين آهي، جيڪي مختلف عرصن ۾ ٺاهيا ويا مثال طور: برما جنهن کي ميانمار چيو وڃي ٿو، اهو 2008 ۾ 17 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ لکيو ويو. ان جي مقابلي ۾ جاپان جو آئين 1946 ۾ هڪ هفتي اندر لکيو ويو. دنيا ۾ صرف چار ملڪ اهڙا آهن جن جو آئين لکت جي شڪل ۾ نه آهي، جن ۾ برطانيه، نيوزيلينڊ، اسرائيل ۽ سعودي عرب شامل آهن.

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ووڊرو ولسن (1913 – 1921) جي مطابق ”آئين رڳو وڪيلن جو دستاويز ناهي، پر آئين هڪ زندگي آهي‏“. ”فلپائن جي چيف جسٽس مارڪوس وي. منگلاپس جي مطابق آئين عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي“. آئين هڪ اهم دستاويز ۽ اعلى قانون آهي. جنهن جي ذريعي سماج ۾ نظم و ضبط، انصاف، ڀلائي، انساني حق ۽ آزاديون، سٺن اڳواڻن ۽ پارٽين جي چونڊ جا قانون آهن. اهو ايندڙ نسل جي خوشين جو ضامن ۽ ٻاهرين ڌاري طاقتن کان بچاءُ جهڙا انتظام انهيءَ ۾ سمايل آهن.

(ii) آئين جي تاريخ

سميرين بادشاھ اُرُوڪاگينا لگاش اٽڪل 2300 ق م ڪوڊ آف جسٽس ظاهر ڪيو. ان کان پوءِ 2050 ق م ۾ اُرُ-نامو جو ڪوڊ ٺاهيو ويو. ان کان پوءِ مختلف ڪوڊ ٺاهيا ويا. جنهن ۾ خاص بابلين جو حمورابيءَ جو ڪوڊ لکيو ويو. 621 ق م هڪڙي نمائندي ايٿين جي شهري رياست لاءِ ڊراڪُو قانون ٺاهيا، جيڪي تمام گهڻو سخت هئا، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين سخت ڊريڪونين قانون چيو وڃي ٿو. ايٿين جي آئين کي جمهوري انداز ۾ 508 ق م ۾ بهتر ڪيو ويو. ارسطوءَ اندازن 350 ق م ۾ آئين ٺاهڻ جو خيال پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي لکت واري ڪم ايٿين جو آئين، سياست ۽ نڪوميچين ايٿڪس ۾ مختلف آئينن جو اڀياس ڪيو، جنهن ۾ ايٿين اسپارٽا ۽ ڪارٿينن شامل آهن. ان کان پوءِ 450 ق م ۾ رومن آئين ٺاهيو جنهن کي 12 ٽيبلس چيو وڃي ٿو.

مختلف ملڪن ۾ جاري ٿيل قانونن کي گڏ ڪري لکيو ويو، پر جديد آئين جي شروعات 12 جون 1788 تي آمريڪا ۾ ٿي. ان کان پوءِ باقي ملڪن ان کان متاثر ٿي پنهنجي پنهنجي حالتن تحت لکت ۾ آئين ٺاهيو. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته پهريون دفعو سياسي خيال سياست تي حاوِي ٿي ويا ۽ اُهي آمريڪي آئين ٺاهڻ کان پهريان ئي 4 جولاءِ 1776 ۾ آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ زندگي، آزادي ۽ خوش گذارڻ لاءِ خوبصورت لفظن ۾ سڄي فلاسافي ظاهر ٿي ۽ آمريڪا جي آئين ۾ مختلف فلاسافرن جي لکڻين اثر وڌو، پر جان لاڪ ۽ مونٽسڪو، جان لاڪ جي سماجي معاهدي ۽ مونٽسڪو جي طاقت کي جدا ڪرڻ جو خيال جنهن قانون سازي، حڪومت سازي ۽ عدالت سازي جو فلسفو ڏنو.

(iii) آئين جا قسم

اڪثر آئين لکت جي صورت ۾ آهن، سواءِ برطانيه، نيوزيلينڊ، سعودي عرب ۽ اسرائيل جي. هي ملڪ ماضيءَ جي آئيني فتوائن تي ٻڌل قانون ذريعي ملڪ هلائن ٿا. باقي ٻين ملڪن جو هڪڙو مڪمل جامع دستاويز آهن. جنهن کي اعليٰ قانون يا بنيادي قانون به چيو ويندو آهي. آئين ٻن قسمن جا آهن هڪڙو وفاقي ۽ ٻيو مرڪزي آئين.

وفاقي آئين جنهن ۾ وفاق، صوبا يا رياستون ڪنهن ملڪ ۾ گڏيل حڪومت ڪندا آهن ۽ انهن جو قانوني دائرو واضح لکيل هوندو آهي ۽ آئين کي تبديل ڪرڻ جا مختلف طريقا ڏنل هوندا آهن. ڪجھ آئين جي قسمن ۾ آئين جي شقن ۾ تبديليون نسبتاً آسان هونديون آهن، پر اڪثر آئين ۾ ترميم ڏاڍي سخت طريقي سان ٿيندي آهي. جيئن پاڪستان جي آئين ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ 2 ڀاڱي 3 جي ميمبرن کان پوءِ ئي ڪا ترميم ڪري سگهجي ٿي.

هڪڙن آئينن ۾ بادشاهت جي اجازت آهي، پر ان جي آئين جي مطابق نامياري حيثيت آهي، مثال طور: برطانيه، ڊينمارڪ، سوئيڊن يا جاپان جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا، جتي اصلي طاقت اُتي جي عوام وٽ آهي ۽ اهو ئي عوام چونڊن ذريعي پنهنجي راءِ مطابق حڪومت ٺاهيندو آهي ۽ ٻيا آئين ريپبلڪن جي فلاسافي جنهن کي رعيتي راڄ چيو ويندو آهي. جنهن ۾ باشاھ جو تصور نه هوندو آهي. مثال طور: پاڪستان، آمريڪا، هندستان، سوئيٽزرلينڊ، فن لينڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ اچي وڃن ٿا. هتي ريپبلڪن يا رعيتي راڄ جي تصور مطابق عوام پنهنجي ڀلائي لاءِ حڪومت ٺاهيندو آهي، جنهن کي ريپبلڪن چيو ويندو آهي.

اقوامِ متحده جي 193 ميمبر ملڪن مان 166 ملڪن جو مرڪزيت وارو آئين آهي ۽ 27 ملڪن جو آئين وفاقي طرز جو آهي. پولينڊ جي 1997 جي آئين جي آرٽيڪل 30 مطابق فرد جي عظمت شهرين جي آزادي ۽ حقن جو ذريعو آهي.

(iv) آئين ٺاهڻ ڇو ضروري آهي؟

شهرين ۽ سماج جي مختلف ضرورتن جي ڪري آئين ٺاهڻ جي به گهڻي گهرج آهي، انهن ضرورتن ۾ خاص ڪري رياست کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائجي، ٻيو رياست جي سماج کي امن مهيا ڪجي، ٽيون بنيادي قانون ذريعي حڪومت جي اختيارن کي ڪنٽرول ڪجي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني رائج ڪجي. شهرين جي بنيادي حقن ۽ آزادين جي حفاظت ڪجي. خانه جنگي، بدامني ۽ وڳوڙن کان سماج کي بچائجي. آئين جي بنياد تي سٺي حڪومت قائم ڪجي ۽ ان سان گڏ ماڻهن کي بنيادي ضرورتن سميت سٺي زندگي مهيا ڪجي.

(v) آئين ڪيئن ٺهندو آهي؟

مختلف ملڪن جي آئين ٺهڻ جو مختلف پس منظر آهي. مثال طور: آمريڪا جون 13 خود مختيار رياستن پنهنجا پنهنجا نمائندا 1776 ۾ فلاڊيلفيا شهر ۾ موڪلي ڪنفيڊريشن جو معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ڏهن سالن کانپوءِ ان کي فيڊريشن جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو. جاپان جي قابض اتحادي فوجن جي نمائندي جنرل مئڪآرٿر هفتي جي اندر آئين ٺاهي ملڪ ۾ ان کي رائج ڪيو. هندستان ۾ آئين ساز اسيمبلي سال 26 جنوري 1950 ۾ آئين ٺاهي پوءِ سال 1951 – 1952 ۾ قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون.

سائوٿ آفريڪا جڏهن گورن جي نسلي برتري جي نظام کان آزاد ٿيو ته ان جي مختلف صوبن جي نمائندن گڏجي آئين ٺاهيو ۽ ائين ٻين ملڪن ۾ به ملڪ اندر صوبا، رياستون يا علائقا اسيمبلي ۾ پنهنجا نمائندا موڪلي پوءِ آئين ٺاهيو ويندو آهي. پوءِ ان آئين تحت قانون ساز اسيمبلي لاءِ چونڊون ٿينديون آهن. پاڪستان ۾ آئين ساز اسيمبلي 1947 ۾ وجود ۾ آئي ۽ 9 سالن کان پوءِ 1956 ۾ آئين ٺاهيو ويو ۽ ان جٽاءُ نه ڪيو، وري 1962 ۾ آئين ٺهيو ان به جٽاءُ نه ڪيو، تنهن کان پوءِ 1973 ۾ موجوده آئين ٺاهيو ويو. فرانس جو مثال دلچسپ آهي، ان جو پهريون آئين 1791 ۾ ٺهيو، تنهن کي پهريون رعيتي راڄ چيو ويندو آهي. پوءِ 1793 سال ۾ آئين ٺاهيو ۽ ائين ئي 1958 ۾ پنجون آئين ٺهيو، جنهن جي پويان فرانس کي پنجون رعيتي راڄ ڪوٺيو ويندو آهي.

ان تفصيل ڏيڻ جو تت هي آهي ته ڪن ملڪن ۾ آئين مٿان کان ان ملڪ ۾ لاٿو ويندو آهي يا ان ملڪ جا مختلف علائقا پراڻي آئين کي ختم ڪري وري نئون آئين ٺاهيندا آهن. ان ڪري هر ملڪ جي آئين ٺهڻ جي پس منظر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو هر ملڪ جو آئين ٺهڻ جو پس منظر جدا جدا آهي.

آئين جا حصا

گهڻو ڪري لکيل آئين جا هيٺيان حصا آهن:

حصو پهريون: مهاڳ

آئين جي هن حصي ۾ سماج کي ڪيئن هلائڻو آهي ۽ ان ملڪ جو اصلي مالڪ ڪير آهي، ڪهڙن قدرن تي ملڪ هلائڻو آهي ۽ آئين جا مقصد ڪهڙا آهن ۽ ان ۾ تاريخي واقعن جو حوالو به ڏنل هوندو آهي. مثلاً پاڪستان جي آئين ۾ 1949 جو آئين ساز اسيمبلي جي مقصدي قرارداد يا فرانس جي آئين جي مهاڳ ۾ يا جاپان جي آئين جو مهاڳ هي لکيل آهي ته اسان عوام…

حصو ٻيون: ملڪ ۾ ڪهڙا صوبا يا علائقا آهن. ملڪ جو نالو ڇا هوندو، ان جا شهري ڪهڙا هوندا وغيره.

حصو ٽيون: هي حصو تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ ته فرد جي آزادي ۽ ان جي انساني حقن جو احترام واضح طور لکيو ويندو آهي. ۽ هن حصي ۾ اهو شرط لاڳو ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙيون به حالتون هجن، ڇا به ٿي سگهي، پر شهري جا بنيادي انساني حق ۽ آزاديون کانئس ڪو به نه ٿو کسي سگهي. ڀلي اها جنگ جي صورتحال هجي يا هنگامي حالتون هجن سماج ۾ انصاف ۽ شهرين ۾ برابري جي حق جي حفاظت هن حصي ۾ واضح لکي ويندي آهي.

حصو چوٿون: سماجي، معاشي يا ثقافتي ترقيءَ لاءِ حڪومت جون ڪهڙيون ذميواريون آهن، اهو هن حصي ۾ ڄاڻايل هوندو آهي. هي حصو حڪومت لاءِ حڪم نامي جي شڪل ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته شهرين جي خدمت، ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ٺهي ان کي هن حصي تي عمل ڪرڻو آهي.

حصو پنجون: پارليامينٽ جي مختلف پاسن کي آئيني شڪل ڏني ويندي آهي. مثلاً هڪڙي قومي اسيمبلي هجي، سينيٽ هجي، ان جا ڪيترا ميمبر هجن، انهن جو مدو ڪيترو هجي، اليڪشن ڪيئن ٿيندي ۽ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪيئن ٿيندي ان جو به مڪمل طريقي ڪار هن حصي ۾ ڏنو ويندو آهي.

حصو ڇهون: هن حصي ۾ رياست جو سربراھ، ان جي عرصو، اختيار ۽ ان جو احتساب سان لاڳاپيل حڪم ناما هوندا آهن.

حصو ستون: هن حصي ۾ حڪومت جي متعلق تفصيل ڏنل هوندا آهن، مثلاً، حڪومت جو سربراھ صدر يا وزيراعظم هوندو ۽ ڪابينه جا ميمبر ۽ انهن جو اختيار ڪهڙو هوندو. انهن جو احتساب ڪيئن ٿيندو، سرڪار ڪهڙي صورتحال تحت ختم ڪئي ويندي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا پهلو هن ستين حصي ۾ ڏنل هوندا آهن.

حصو اٺون: هن حصي ۾ عدالتي نظام تفصيل سان لکيل هوندو آهي، جنهن ۾ عدالت جي خود مختياري، ججن جي مقرري، انهن جو مدو، انهن جو احتساب ۽ ان جي اختيارين جون حدون (جيئن پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ هوندي آهي ۽ هر صوبي لاءِ الڳ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت ڪورٽون هونديون آهن) انهن بابت ٻيا اهم پهلو هن حصي ۾ ڏنل هوندا آهن.

حصو نائون: ريفرنڊم ۽ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ سان لاڳاپيل شقون هي حصو ٻڌائيندو آهي ته ڪهڙين حالتن ۾ ريفرنڊم يا ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهجي ٿي.

حصو ڏهون: خاص ادارن جي ٺاهڻ، انهن جو اختيار ۽ هلائڻ جا طريقي ڪار هن حصي ۾ ڏنل هوندا آهن. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن، محتسب اعليٰ، مالي آڊٽ ۽ ٻيا خاص ادارا اچي وڃن ٿا.

حصو يارهون: ملڪ جي سلامتي لاءِ نظام جي جوڙجڪ ٺهيل هوندي آهي. ان جو اختيار، اُهي ڪنهن جي ماتحت هونديون آهن، ان ۾ ڪهڙا اهم عهدا هوندا آهن ۽ اهي حڪومت ۾ ڪهڙي جڳھ والاريندا آهن اهڙيون لاڳاپيل شقون هن حصي ۾ هونديون آهن.

حصو ٻارهون: آئين ۾ ترميم آڻڻ جي هميشه ضرورت پوندي آهي، مثال: سماجي حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. معاشي نظام ترقي ڪري ٿو. عالمي نظام جو حصو بڻجي ملڪ جون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. صوبن جي حدن جي ڦير ڦار يا نوان صوبا ٺاهڻ، ملڪ جي قدرتي وسيلن جي ورهاست يا حڪومتي نظام ۾ وڌيڪ سڌارن آڻڻ جي ضرورت کي سامهون رکي آئين ۾ ترميم آڻڻ جي هن حصي ۾ گنجائش هوندي آهي. اهي ترميمون ڪيئن آڻجن ان جو سڄو طريقي ڪار هن حصي ۾ ڏنل هوندو آهي. گهڻو ڪري چونڊيل اسيمبليز جي 2 ڀاڱي 3 اڪثريتي ووٽ سان ترميم آڻي سگهجي ٿي يا ڪن ملڪن ۾ ريفرينڊم جي ذريعي ترميم ڪئي ويندي آهي.

مثال طور: برازيل جي آئين ۾ 61142 ترميمون ڪيون ويون آهن. پاڪستان جي آئين ۾ 34 ترميمون آنديون ويو آهن ۽ آمريڪا جي آئين ۾ 27 ترميمون آنديون ويون آهن.

حصو تيرهون: وفاق، صوبا ۽ مڪاني گورنمينٽ جي وچ ۾ اختيارين جي ورڇ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل معاملن کي هلائڻ ۽ واضح طور انهن جي قانوني حد جو تعين ٿيل هوندو آهي ته جيئن انهن ادارن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا نه ٿئي.

حصو چوڏهون: مٿئين معاملن کان علاوه هر ملڪ جي تاريخي ارتقاءُ ۾ ڪي اهڙيون به شيون هونديون آهن، جن کي آئيني تحفظ مليل هوندو آهي يا انهن کي هلائڻ لاءِ طريقيڪار ڏنل هوندو آهي. مثال طور ٻين عالمگير جنگ کانپوءِ جاپان جي آئين ۾ وري جنگ نه ڪرڻ جي شق موجود آهي.

(vi) آئين جا ڪم ڪهڙا هوندا آهن؟

  1. آئين ڪنهن به ملڪ جي سرحدن کي واضح ڪري ٿو ۽ ان جي اندر رهندڙ سياسي برادري کي به
  2. سياسي ڪميونٽيءَ جي اختيار کي واضح ڪري ٿو، جيئن فرانس جو آئين ٻڌائي ٿو ته فرانس کي گهٽ وڌ نه ٿو ڪري سگهجي، (سيڪيولر، جمهوري ۽ سماجي) رعيتي راڄ آهي ۽ ٻيو قومي خود مختياري صرف عوام جي آهي.
  3. آئين قوم جي سڃاڻپ ۽ قدر(Value) جو اظهار ڪري ٿو.
  4. آئين شهرين جي حقن ۽ فرضن جي وصف ٻڌائي ۽ اعلان ڪري ٿو.
  5. آئين سياسي ادارن کي ريگيوليٽ ڪري ٿو.
  6. آئين مختلف سياسي قوتن ۾ طاقت جي ورڇ ڪري ٿو.(Center, province and local bodies)
  7. آئين رياست جي مذهب کي پڌرو ڪري ٿو ۽ سيڪيولر اختيارن جو ان سان واسطو ٻڌائي ٿو.
  8. آئين سماجي اقتصادي يا ترقيءَ جي مقصدن لاءِ حڪم نامو ڏئي ٿو.
  9. آئين طاقت ۽ انصاف جو ميلاپ ڪرائي ٿو.
  10. آئين جمهوريت ۽ مالي معاملن ۾ ماڻهن جي شرڪت، قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ حڪومت جي احتساب وسيلي شهرين کي سگھ پهچائي ٿو.

(vii) سٺي آئين جون خاصيتون ڪهڙيون آهن؟

مختلف ملڪن ۾ مختلف انداز ۽ ٻوليءَ ذريعي آئين لکيا ويندا آهن، پر سٺي آئين جون هيٺيون خاصيتون آهن:

  1. آئين جي هر شق سادي زبان ۽ صحيح گرامر جي ذريعي لکي وڃي جيئن ان جي معنيٰ واضح هجي ۽ ڪو به ماڻهو ان شق مان هڪ کان وڌيڪ ٻه يا ٽي معنائون نه ڪڍي سگهي ۽ ان کي مونجهارو نه ٿئي.
  2. آئين تمام ڊگهو نه هجي ۽ گهٽ شقن ۾ سڄو مقصد ظاهر ڪري.
  3. آئين جيڪڏهن وفاقي هجي ته ان جو وفاق ۽ صوبن يا رياستن جي وچ ۾ اختيار واضح نموني ورهايل هجن.
  4. آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ڏکيو نظام نه هجي جو وقت جي حالت مطابق ان ۾ ترميم نه ڪري سگهجي.
  5. آئين ۾ شهرين جا حق، بنيادي حق ۽ آزاديون واضح نموني لکيل هجن جو حڪومت ان کي پنهنجي مفاد لاءِ تشريح نه ڪري سگهي.
  6. سٺي آئين ۾ عدالتي نظام آزاد هجي، جيڪو بنيادي حقن جي حفاظت ڪري ۽ حڪومت کي پنهنجي مرضيءَ سان اختيار استعمال نه ڪرڻ ڏي.
  7. آئين ۾ رياستي پاليسي صاف لکيل هجي ته جيئن حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهي.
  8. آئين ۾ حڪومت کي ڪٿي به خود اختياري جي اجازت نه هجي ۽ حڪومت جو هر عمل قانون جي دائري ۾ هجي.
  9. آئين ۾ قانون سازي، حڪومت سازي ۽ عدالت سازي جا اختيار ايترا ته واضح ۽ جدا جدا لکيل هجن جو انهن جو حڪومتي وهنوار سان ٽڪراءُ نه ٿئي.
  10. سٺي آئين ۾ مقامي حڪومت جا اختيار ائين محفوظ هجن جو نه مرڪزي حڪومت/وفاقي حڪومت ۽ صوبائي يا رياستي حڪومت ان نظام کي اپاهج ڪري سگهي يا ان جي ڪردار کي گهٽائي سگهي.
  11. سٺي آئين جي اها به نشاني آهي ته رياست ٺاهڻ جا اعليٰ آدرشي اصول لکيل هجن.
  12. سٺي آئين ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ وارين شقن کي ڪو به تبديل نه ڪري.
  13. بهترين آئين اهڙو آزادي جهڙو ماحول پيدا ڪندو آهي جو قومي اقليتون ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ حصو وٺي سگهن.

سنڌ ۽ آئين

اسان جي سنڌي سماج ۾ تمام گهٽ پنهنجي روزاني ڳالھ ٻولھ ۾ آئين جو حوالو ڏيندا آهيون. هاڻي ته سرڪاري لکپڙھ ۾ به آئين جو حوالو ڏيڻ گهٽجي ويو آهي. ائين وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي سماج ۾ اڪثر ڪري آئين جي اهميت جو اسان جي زندگي، خوشي ۽ غمن سان تعلق ۽ پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ ان جي ڪنهن شق جو اظهار نه ڪندا آهيون، مثال طور: پاڪستان جي آئين 25 شق ۾ واضح لکيل آهي ته پاڪستان (سنڌ سميت) جا سڀ شهري برابر آهن يا 26 شق ۾ واضح لکيل آهي ته شهرين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي(Discrimination) مت ڀِيد جي بلڪل اجازت ناهي.

ترقي ڪيل ملڪن جي شهرين وچ ۾ گفتگو، خط و ڪتابت يا بحث ۾ ۽ عام درخواست ۾ به آئين جي شقن جو واسطيدار صورتحال ۾ حوالو عام جام هوندو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ترقي ڪيل ملڪن ۾ روزاني زندگي ۾ آئين جو ڪيترو استعمال ٿئي ٿو. آئين حڪومت جي ڏاڍ کي روڪي ٿو. ماڻهن جي وچ ۾ تشدد واري تڪرار کي روڪي ٿو. ماڻهن جي وچ ۾ يا ماڻهن ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو جهڳڙو عدالت ۾ آئين جي حڪم نامي سان اهي تڪرار ختم ٿين ٿا ۽ ائين ئي مجموعي طور سماج ۾ خوشحالي، ڀائپي، حقن ۽ آزادين جو تحفظ حاصل ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل ماڻهن تي ذميواري اچي ٿي ته هو آئين جي 2 اي کان وٺي 38 شقن کي باقائدي سان پڙهي ۽ خاص شقن جن ۾ شهرين جي حقن ۽ آزادين جي ضمانت ڏنل آهي ان کي به زباني ياد ڪن. آئين سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ توهان کي لکت ۾ ۽ انٽرنيٽ تي موجود ملي ٿو. توهان ڪو به معاملو اٿاريو ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ آئين ۾ شقون موجود آهن. اها ٻي ڳالھ آهي ته آئين جو صحيح طريقي سان استعمال نه ٿو ٿئي. جيئن ھڪ ليکڪ جي لفظن ۾ ته آئين وڏي طاقت رکي ٿو، پر جيڪڏھن ان تي عمل نه ٿئي ته اهو ئي آئين ڪاغذي شينهن آهي. جيئن اسان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڏسي رهيا آهيون. مثال آئين جي 9 شق ۾ انساني زندگيءَ جي حفاظت حڪومت جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهي، پر اسان روزانو قتل، حادثن انساني حياتي جو ضايع يا ڦورن هٿان شهرين جي موت جون خبرون پڙهون به ٿا ۽ ٻڌايون به ٿا ۽ انهن جا شاهد به ٿيون ٿا.

جيڪڏهن وقت گذرڻ سان نئون ماحول، نيون ضرورتون، نيون ٽيڪنالاجي يا نوان تڪرار پيدا ٿين ٿا ته آئين ۾ اها گنجائش رکي وئي آهي ته ان ۾ تبديلي آڻي ان کي وقت جي تقاضا سان هم آهنگ ڪجي. جيئن ته اسان کي آئيني ڄاڻ (پڙهائي، تعليم يا ڄاڻ) تمام گهٽ آهي. ان ڪري اسان پنهنجي مسئلن، تڪرارن يا نئين ضرورتن جي حل لاءِ غير آئيني گفتگو ڪيون ٿا، صلاحون ڏيون ٿا يا غير حقيقي خيال پيش ڪيون ٿا.

مثال طور: سنڌ ۾ 2022 جي مها ٻوڏ آئي جنهن جو سبب اسان صرف موسمن جي تبديلي کي ٿا سمجهون، پر اهو وساري ٿا ويهون ته موسمي تبديلين کان بچاءُ لاءِ مڪمل طور حڪومت (وفاقي ۽ صوبائي) ذميوار آهي. اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين جو جواب اسان قبائلي جرڳي ۾ ٿا ڳولهيون، جڏهن ته آئيني حڪومت مطابق سنڌ حڪومت امن امان لاءِ بجيٽ ۾ 130 ارب کان وڌيڪ پئسا منظور ڪرايا آهن ۽ سنڌ ۾ 130000 پوليس جي نفري موجود آهي، پوءِ به اسان ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ غير منطقي حل ٻڌايون ٿا.

سنڌ ۾ بقول سنڌ جي وزيراعلى مطابق ٻهراڙيءَ ۾ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب ماڻهو آهن ۽ غربت کي ختم ڪرڻ مڪمل طور سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، اهڙا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. جو عوام جي تڪليفن جو حل غير آئيني ٻوليءَ ۾ ڳولهيون ٿا. ان جي مقابلي ۾ ترقي ٿيل جمهوري ملڪن ۾ جيڪڏهن هڪڙو ڪوڪو به زمين تي ڪِري ٿو ته ان لاءِ حڪومتي پارٽي ۽ حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي، انهن جو احتساب ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن حڪومت جي نااهلي وڌي وڃي ٿي ته حڪومت جي سربراهه جي استعفى جو مطالبو ڪن ٿا.

***