خاصنئون

آمريڪي فوجي اڏن تي حملي ۾ 80 ماڻهو ماريا ويا: ايران جي دعويٰ

غير ملڪي خبر ڏيندڙ ادارن مطابق ايران طرفان عراق ۾ ٻن فوجي اڏن تي 12 کان وڌيڪ زمين کان زمين تائين حملو ڪندڙ ايراني ميزائيلن سان حملو ڪيو ويو. ايران جي دعويٰ آهي ته ان حملي ۾ 80 ماڻهو ماريا ويا آهن. آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون به عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته عراق ۾ ٻن فوجي اڏن تي هڪ ڊزن کان وڌيڪ ميزائيلن سان حملو ڪيو ويو آهي. ايراني سرڪاري ٽي وي جي مطابق پاسداران انقلاب آمريڪا کي ٻيهر جارحيت تي شديد رد عمل ڏيکارڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هي جنرل قاسم جي هلاڪت جي جوابي ڪارروائي آهي ان حملي کي “آپريشن سليماني” جو نالو ڏنو ويو آهي. فرانسيسي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي به ڏني آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪا جي جارحيت ۾ ان سان تعاون ڪندڙ ملڪن تي به حملا ڪيا ويندا.