خاصنئون

12 مئي ماءُ جو عالمي ڏينهن

اڄ 12 مئي تي سڄي دنيا ۾ ماءُ  جو عالمي ڏينهن (Mother’s Day) مهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جي مائرن کي مان ڏيڻ آهي. سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندڙ  هن ڏينهن جي شروعات 1908 ۾ آمريڪا جي شهر ويسٽ ورجينا ۾ ٿي، هن ڏينهن جي شروعات اينا جاروِس (Anna Jarvis) ڪئي، اينا جاروِس هڪ ايڪٽوسٽ هئي جنهن آمريڪا جي سِوِل وار ۾ ٻنهي طرفن جي ماڻهن کي طبي امداد ڏني هئي. اينا جاروِس هن ڏينهن  کي ملهائڻ جي لاءِ مهم به هلائي هئي. جنهن بعد  هن 12 مئي 1908 ۾ پهريون دفعو هي ڏينهن ملهايو.

Anna Jarvis

جڏهن ته آمريڪا جي حڪومت ان ڏينهن کي ڪابه مڃتا نه ڏيندي نامنظورڪري ڇڏيو هيو، پر اينا جاروِس پنهنجي ڪوشش جاري رکي ۽ آخرڪار 1911 ۾ آمريڪي حڪومت ان ڏينهن کي عالمي ڏينهن طور مڃي ورتو. اينا جاروِس جو چوڻ هو ته هڪ ماءُ اسان جي لاءِ سڀ کان وڏيون قربانيون ڏيندي آهي ۽ ان کي پنهنجي قربانين جي مڃتا ضرور ملڻ گهرجي. اينا جاروِس مدرس ڊي لاءِ هڪ ڳالهه جي وضاحت به ڪئي آهي ته مدرس ڊي انفرادي طور تي هر ماءُ جو ڏينهن آهي نه ڪي اجتماعي طور تي سڀني مائرن جو ڏينهن جنهن جو مطلب آهي ته هن ڏينهن کي هر ڪوئي پنهنجي ماءُ جي لاءِ ملهائي سگهي ٿو.