پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو: عبدالحفيظ

سرڪاري ٽي وي چينل کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ خزاني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف معاهدو طئي ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف ٽن سالن دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالر قرض ڏيندو. جڏهن ته بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ بعد ٻيا مالياتي ادارا ٽي ارب ڊالر گهٽ وياج تي ڏيندا. عبدالحفيظ شيخ وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جي معاشي حالت بهتر نه آهي. هن وقت تائين پاڪستان 25 هزار ارب رپيا قرض وٺي چڪو آهي. جڏهن ته گذريل پنجن سالن ۾ ايڪسپورٽ به گهٽ رهي آهي هاڻي آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ بعد معيشيت ۾ بهتري ايندي. ملڪي معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ اسان کي امير طبقي جي سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي ۽ ڪجهه شين جي قيمت کي به وڌائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر بجلي استعمال ڪندڙن جي 75 سيڪڙوماڻهن جيڪي 300 يونٽس کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ آهن انهن کي 216 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پيڪيج جي طئي ٿيڻ بابت آءِ ايم ايف به اعلاميو جاري ڪيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments