سينيٽ ۾ نئون پاڪستان بل منظور ڪيو ويو

قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي بل 2019 منظور ڪري ڇڏيو. چيئرمين صادق سنجراڻي جي زير صدارت اجلاس ۾ هائوسنگ بل وزير پارلياماني معاملات اعظم سواتي پيش ڪيو ۽ منظوري تي اپوزيشن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اهڙو اتفاق رهيو ته عوامي مسئلن تي قانون سازي ڪري سگهنداسين. اپوزيشن جي مطالبي تي زينب الرٽ رد عمل ۽ بحالي بل 2020 ۽ عورتن جي ملڪيت جي حقن جي نفاذ جي بل 2020 سميت 7 بل واسطيدار ڪاميٽي جي حوالي ڪيا ويا.