سپريم ڪورٽ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي رهائي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي رهائي جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي رهائي جي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏنا ته ڪرنل (ر) انعام عملي طور تي جاسوسي ڪندو رهيو. هو اڪيلو نه پر ان جو پورو نيٽ ورڪ آهي، انهن آءِ ايس آءِ ۽ جوهري پروگرام سميت حساس معلومات ظاهر ڪيون ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪئي، ان جي نيٽ ورڪ جا ڪيترائي ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ کي ڦاسي به ٿي هئي. جڏهن ته وڌيڪ ماڻهو به گرفتار ٿيندا، تحقيقات جي دوران انهن کي گهر وارن سان ملڻ جي اجازت نه آهي.