خاص

15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي سپر ٽيڪس لاڳو

ايف بي آر 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين ۽ ڪارپوريشنن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ امير ڪارپوريشنن کي 50 سيڪڙو بقايائون 7 ڏينهن اندر ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ان فيصلي سان ايف بي آر جي روينيو ۾ اربين رپين جي اضافي جو امڪان آهي، وڌيڪ ڪمائندڙ ڪمپنين جي آمدني تي سپر ٽيڪس جي نفاذ ۾ اهم پيش رفت ٿي، سپريم ڪورٽ ايف بي آر طرفان دائر ڪيل درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.