ڊائري جا ورق

ڪنهن پڇيو: تون ڪارونجهر گهمڻ ويئين، ڇا محسوس ڪيئي؟ مون وراڻيو: ”خوبصورتي، جيڪا غربت ۾ دفن ٿيل آهي“.

***

جڏهن بحث مباحثي ۾ آئون هن سان متفق نه ٿيندو آهيان ته، هو مون کي منفي سوچ جو ماڻهو سڏيندو آهي. جڏهن ڪو توهان کي منفي سوچ جو ماڻهو سمجهڻ لڳي ته، پڪ ڄاڻو توهان مثبت سوچ جا ماڻهو آهيو.

***

ڪنهن پڇيو ته ماڻهو جڏهن ته هن دنيا ۾ ٿورڙي عرصي لاءِ آيو آهي، ڀلا پوءِ ايڏيون ڊگهيون منصوبابنديون ڇو ٿو ڪري؟

مون وراڻيو: بيشڪ ماڻهو هن دنيا ۾ ٿورڙو وقت رهي ٿو، پر هن کي سدائين زندگي ۾ يقين رهيو آهي ۽ هن موت کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه ڪيو آهي. تڏهن ته هو مستقبل لاءِ سوچي ٿو ۽ ڊگهيون منصوبابنديون ٿو ڪري.

***

فقط ماضي جي ورثي جي بنياد تي پنهنجي عظمت تي فخر ڪرڻ صحيح ناهي. فخر لائق اها ڳالهه هئڻ گهرجي ته اسين حال ۾ ڇا آهيون..!

***

مون کيس سدائين مختلف فنڪشن جهڙوڪ، ڪنهن شخصيت جو جنم ڏڻ، ورسي، ڪتاب جو مهورت وغيره ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندي ڏٺو آهي.

هڪ ڏينهن مون هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيم، ”اها سٺي ڳالهه آهي ته تون ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرين ٿو، پر ڇا تو هڪ ڀيرو به ان تي سوچيو آهي ته، تون به انهن شخصيتن جيان تاريخ جي صفحن ۾ ياد ڪيو وڃين، بشرطيڪ جي تون پاڻ کي تبديل ڪرين.!“

***

ٿر ۾ هڪ راجپوتن جي سردار جي مرڻ کانپوءِ ان جي پٽ کي گادي عطا ڪئي وئي. هن کي راجپوتن جي روايتي تلوار ڏني وئي جنهن تي هن قسم کنيو ته هو راجپوتن جي حفاظت ڪندو.

هن جديد دور ۾ جتي ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا جديد هٿيار موجود هجن. اُتي تلوار سان ڪهڙو بچاءُ ڪري سگهبو.؟ وقت بدلجي ويو آهي، پر اسان پنهنجا روايتي انداز (Traditions) ناھن بدلايا ۽ شايد اهي ئي انداز جن کي اسان پنهنجو ورثو ڪوٺيون ٿا ۽ فخر به ڪريون ٿا هڪ ڏينهن اسان کي ڳهي ويندا.

***

هڪ بيوقوف ئي پاڻ کي مڪمل انسان سمجهندو آهي، انهي ڪري هو سڄي عمر بيوقوف ئي رهندو آهي. جڏهن ته هڪ جينيس پاڻ کي نامڪمل، انهي ڪري هو مڪمل ٿيڻ لاءِ ڄاڻ جي دنيا ۾ نڪري پوندو آهي ۽ هڪ ڏينهن پاڻ کي مڪمل ڪري وٺندو آهي.

***

ڪارونجهر کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي قيد ڪيو ويو آهي، ماروئڙا سمجهن ٿا ته ڪوئي ڏور کان ايندو ۽ ڪارونجهر کي آزاد ڪرائيندو. شايد هو پنهنجي ديس جي سورمن کي وساري چڪا آهن. اڄ به ڪارونجهر جي وادين ۾ روپلي جو آواز رڙي ٿو، پر ڪير پنهنجا حواس جاءِ تي ته رکي!؟

***

جيڪو ماڻهو پاڻ سان پيار ڪري ٿو اُن کي دنيا جي هر شئي خوبصورت لڳي ٿي.

***

ماڻهو جي سڀ کان وڏي حاصلات آهي پاڻ سڃاڻڻ ۽ جڏهن هو ائين ڪري وٺي ٿو ته پوءِ مڪمل ۽ لافاني ٿي وڃي ٿو.

***

هو ڪنن کان ٻوڙو آهي ۽ آئون هن کي هز هائينيس چوندو آهيان، ڇاڪاڻ جو بادشاهه هميشه ڳالهائيندا (ٻڌائيندا) آهن، پر جڏهن هنن جي ٻڌڻ جو وارو ايندو آهي ته هو ٻوڙا بڻجي ويندا آهن.

***

آسمان تي هڪ ئي وقت ٻه چنڊ ڏسڻ نه وسارجانءِ، هڪ زمين جو ۽ ٻيو مريخ جو.

مون مرڪي ڏنو ۽ چيو: پاڳل! اڄ ليڊي ڊائنا جي ورسي آهي خوبصورتي ڪڏهن به مري نٿي، جڏهن هوءَ هن ڌرتي تي هئي ته هوءَ مرڪون ورهائيندي هئي ۽ هوءَ ڌرتي جو چنڊ هئي ۽ هاڻ جڏهن هوءَ ٻي دنيا ۾ هلي ويئي آهي تڏهن به هن جي حسن جو چنڊ آسمان ۾ کڙي ٿو ۽ پنهنجن چاهيندڙن جي اندر ۾ سونهن اوتي ٿو.

***

پنهنجا قدم سوچي سمجهي کڻو، ڇاڪاڻ جو توهانجو حال ايندڙ نسل جو ماضي چوائيندو، جنهن تي هو پنهنجي مستقبل جو بنياد رکندو.

***

هڪ بيوقوف ئي پاڻ کي وڌ ۾ وڌ ذهين (ڏاهو) سمجهي ٿو.

***

جيڪو ماڻهو هر مسئلي تي پنهنجي ماهرانه راءِ ڏي ٿو، منهنجي نظر ۾ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪو جاهل يا بيوقوف ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ جو هي (Specialization) جو دور آهي ۽ ڪير به هر فن مولا (All Rounder) هجي. اهو ممڪن ناهي.

***

هڪ فاتح جي فتح ڪيل علائقن جون حدون ڀلي ڪيتريون به وسيع هجن، پر اُن جي هڪ حد ٿئي ٿي ۽ وقت سان گڏ اُهي سرحدون ميسارجي وڃن ٿيون، پر ڪلا (ڏات) جون حدون نه صرف لامحدود آهن، پر اُنهن کي ڪڏهن به وقت ميساري نٿو سگهي.

***

وقت هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسين هڪ صدي پوئتي واري سماج ۾ زندگي گذاريون پيا، جيڪڏهن اسان وقت سان گڏ هلڻ نه سکيو، ته بنياد پرستي اسان کي کائي ويندي ۽ واپس اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيندي.

***

آئون اُها ماچيس جي تيلي ٿيڻ پسند نه ڪندس، جيڪا ٻيلن کي آڳ لڳائي، پر آئون اُها ماچيس جي تيلي ٿيڻ پسند ڪندس جيڪا اوندهه ۾ ڏيئو جلائي سگهي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments