ڊائري جا ورق ڀون سنڌي July 2021
وڌندڙ عمر مسئلو ناهي، پر ان تي سوچڻ ۽ پوڙهن جيان زندگي گذارڻ مسئلو پيدا ڪري ٿو. سدائين پنهنجي جسم جي ٺاهه ٺوهه کي بنائي رکو ۽ هميشه تازن خيالن سان سرشار رهو. اهڙي طرح توهان پاڻ کي سدائين ننڍڙي ٻار جيان تازو ۽ توانو محسوس ڪندا.
***
هڪڙي انگريزي جي پروفيسر جيڪو انگريزي ۾ به سنڌي ۾ ڳالهائيندو آهي، کي مون چيو ته جڏهن تون انگريزي ڳالهائيندو آهين ۽ لٽريچر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو آهين ته شرم آئون محسوس ڪندو آهيان. ڇا پروفيسر جي اها ليول هوندي آهي؟ هو ڪاوڙجي پيو، پر اها هڪ عام حقيقت آهي ته سڀ انڌا، گونگا، ٻوڙا ۽ جاهل تعليمي ادارن ۾ کپايا ويا آهن. ايتري قدر جو اهي اهم سڻڀين پوسٽن تي پڻ براجمان آهن.
تنهنڪري آئون چوندو آهيان ته خدا جو شڪر ڪريو جو پاڪستان ٺهيو، نا اهل ماڻهو ڦٻي ويا نه ته اهي ڪيڏانهن وڃن ها؟ شايد سمنڊ ۾!؟ جي ڪڏهن ايئن ٿئي ها ته سمنڊ به انهن جي غلاظت سان برباد (Polluted) ٿي وڃي ها.
***
اسين فخر محسوس ڪندا آهيون ته اسين دنيا جي قديم ۽ نهايت ئي سڌريل ۽ تهذيب يافته موهن جي دڙي جو ورثو ۽ تسلسل آهيون، پر ان جي باوجود به ڪالهه کان اڄ جي جديد دور تائين. اسان اهڙو ڪو مثالي شهر اڏي نه سگهيا آهيون جيڪو موهن جي دوڙي جو مٽ هجي.
تنهنڪري آئون چوندو آهيان ته اسين موهن جي دڙي جي سڌريل ۽ اعليٰ تهذيب جو اڻ سڌريل ۽ غير تهذيب يافته ورثو ۽ تسلسل آهيون.
***
خالي دل جيان تنهنجو SMS به خالي (Blank) پهتو. او منهنجا مغرور محبوب! آئون توکي ٻه پيار ڀريا ٻول موڪلي رهيو آهيان. شايد اهي تنهنجي خالي دل ۾ جنبش آڻي تنهنجي چهري تي مرڪ وکيري سگهن.
***
گل محبت جي علامت طور استعمال ٿيندا آهن، پر پوءِ به انهن کي پئسي جي عيوض وڪرو ڪيو ويندو آهي.
ساڳي ريت سنڌ به جن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي، ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانو بڻي آهي، انهن ئي کيس سر بازار نيلام ڪيو آهي.
***
ڪڏهن به پنهنجي اندر ۾ لڪل آواره (Vulgar) انسان کي مرڻ نه ڏيو. ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان پنهنجي معمول جي زندگيءَ مان بيزار ٿيو ٿا ته هو توهان کي اتان ڪڍي رنگن ڀري دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو جتي توهان پنهنجا ٿڪ ڀڃو ٿا ۽ ٽينشن کان آزاد ٿي مزا ماڻيو ٿا ۽ پوءِ واپس پنهنجي دنيا ۾ اچي نئين سري ۽ نئين جذبي سان زندگيءَ جي شروعات ڪريو ٿا ۽ نون لاڙن ۽ رخن کان متعارف ٿيو ٿا.
***
ڪنهن وڏي شخصيت جي پوئلڳي کان بهتر آهي ته پنهنجي دل جو آوز ٻڌ. ڪنهن وڏي ايجاد کان متاثر ٿيڻ کان بهتر آهي ته ننڍڙي ئي صحيح پر پنهنجي ڪا شيءِ تخليق ڪر.
***
پوڙهائپ ۾ اڪيلائپ محسوس ڪرڻ جو ڪارڻ اهو آهي جو ماڻهو پنهنجي ماضي سان گڏ گهارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن ۾ هنن جو ياري دوستي مٽي مائٽي ۽ سماجي لاڳاپن جو وڏو حلقو شامل هو ۽ هنن جي جسماني سگهه به بهتر هئي ۽ هر ڪم ڪرڻ جي طاقت به هئي، جيڪا هنن ۾ پوڙها پڻ ۾ نٿي هجي. انهيءَ ڪري هو اڪيلائپ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي زندگي بي مزي گذارين ٿا.
بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انهن لاءِ ضروري آهي ته هو ماضي ۽ ان جي ساروڻين کي وساري حال ۾ جيئڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوءِ ڪو سبب ناهي جو هو زندگي جو سرور ماڻي نه سگهن.
***
ڊيوٽي تي وڃڻ دوران ڪوٽڙي جي پل ڪراس ڪبي هئي، پر ڪڏهن ڪو گڏهه گاڏو اڳيان اچي ويندو هو ته سڀني گاڏين کي سنگل ٽريڪ جي ڪري ان جي پويان هلڻو پئجي ويندو هو، ايستائين جيستائين اهو گڏهه گاڏو پل ڪراس ڪري نه وٺي.
ان منظر تي مون ڀر ۾ ويٺل دوست کي چيو: ڏس! اسين (عوام) گڏهه (حڪمران) جي پروٽوڪول ۾ هلي رهيا آهيون.
***
پنهنجين احساس محرومين يا جسم ۽ روح جي خواهشن جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڀلي ٻه چڪيون پي وٺو يا پنهنجي اندر جي آواره انسان جو چوڻ مڃو ته جيئن توهان جي دکن ڀري زندگي ۾ خوشين جا لمحا موٽي اچن، پر ڪڏهن به ان کي عادت (Habit) طور نه اپنايو. ڇاڪاڻ ته جڏهن عادت ڪمزوري بڻجي وڃي ته اها ماڻهو کي جنوني (Crazy) بڻائي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ ماڻهو عادت جي پورائي لاءِ ڪو جرم ڪرڻ کان به نٿو ڊڄي ۽ ايتري قدر جو هو پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ کان به نٿو گسي.
***
اسان جي سماج (معاشري) ۾ جينيئس ۽ چرين کي هڪڙي ئي کاتي (ڪئٽيگري) ۾ رکيو ويندو آهي.
ان کي خود سماج جي ائبنارملٽي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟
***
جيڪڏهن تون پڙهڻ چاهين ٿو ته،
ماڻهن جا چهرا پڙهه.
جيڪڏهن تون لکڻ چاهين ٿو ته،
اهو لک جيڪو دل چوي.
جيڪڏهن تون زندگي گهارڻ چاهين ٿو ته،
ماڻهن منجهه گذار.
جيڪڏهن تون سمهڻ چاهين ٿو ته،
ان خواهش سان سمهه ته،
صبح جو تازي توانا ذهن سان اٿڻو آهي.
***
هن چيو: “ماڻهن توکي وساري ڇڏيو آهي.”
مون پڇيو: “ڇا ماڻهو اڃان به پنهنجي وجود جي ڳولا لاءِ نڪرن ٿا؟”
هن چيو: “ها”
مون وراڻيو: “ته پوءِ ماڻهن مون کي وساريو ڪٿي آهي.”
***

