ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ايم ڊي ڪيٽ

شهر کان ٻاهر هڪ خوبصورت فارم هائوس ۾ خيرات ۾ مليل لُنڊي جو ڪوٽ پهريل جهونو کنگهي رهيو هو. ڪوٽ به ايڏو گرگهلو هو جو همراهه ان ۾ ايئن پئي نظر آيو، ڄڻ سهي کي هاٿيءَ جي کل چڙهيل هجي. ٿي سگهي ٿو اهو ڪوٽ سامراج جي ڪنهن ٿلهي متاري سرمائيدار جو چوڙيل هجي. هن جي کنگهه اشارن ۾ ٻڌائي رهي هئي ته هو سستا سگريٽ پيئندڙ آهي.
جهونو صفائي ڪري نئين نئين امير بڻيل سيٺ جي ويهڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪرسين کي سيٽ ڪري رهيو هو ته سيٺ به پنهنجي پياڪ سنگت سان گڏ اچي نڪتو.
ڪاڪا! تڪڙو آ! اندران نمڪو ۽ ووڊڪا بوتل کڻي آ. هتي ٽيبل تي رک.
جي ساب (صاحب)..! جهوني جواب ڏنو…
ساب اڄ ڏاڍا خوش آهيو خير ته آهي…؟
بس جهونا! نه پڇ اڄ وڏو ڇڪو لڳو آهي، تون وڃ بورچيءَ کي چئو چڪن جا ٽڪا ۽ پيس صفا ڪڙڪ تيار ڪري ۽ مٽن جي ڪڙھائي به صفا مست ٺاهي.
جهونا ٻيو خير آهي…
يار ڪامران! مان ته اڳي الائي ڪاٿي پئي لوڙهيو! جڏهن پيٽي ٺيڪيدار هئس ته مزورن سان سئو سئو روپين تي مغز ماري ڪندو هئس. پيو انهن سان مفت ۾ اوور ٽائيم ڪم نه ڪرڻ تي رنج ٿيندو هيم.! بعد ۾ جڏهن وڏو ٺيڪيدار ٿيم تڏهن به ننڍن ننڍن پيٽي ٺيڪيدارن سان پيو ٿوري ٿوري گهٽ وڌائيءَ ٿيڻ تي ڏند چڪ ڏيندو هيم…!
يار حامد! هي ته اڃان شروعات آهي اسان کي ته هن ڌنڌي جي هاڻ خبر پئي آهي. نه ته هي ڌنڌو ڪو نئون ڪونهي، هي به پراڻو ڌنڌو اٿئي يار..! بس اسان کي هاڻي سوشل ميڊيا جي ڪري خبر پئي آهي. باقي رک الله تي دماغ منهنجو هجي ۽ پيسا تنهنجا هجن ته الائي ڪاٿي پهچندا سين…
يار باقي ڇڪو واھ جو لڳو آهي. هڪ رات ۾ چار ڪروڙ… چار ڪروڙ ڪمايا آهن. اسي لکن ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ورتو ۽ هڪ رات ۾ چار ڪروڙ ڪمايا. واھ جو داءُ لڳو آهي. دل اڄ جهومي جهومي ٿي يار. نشيلي نيڻن ۾ خمار ۾ ڀريل نظرن سان سيٺ حامد ڪامران کي مخاطب ٿيندي چيو..!
هي دوست پاڻ ۾ ايم ڊي ڪيٽ پيپر جي باري ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. مڌ جا خمار هنن جي نيڻن مان ٽمي رهيا هئا، هنن جو جسم بي ساخته جهومي رهيو هو ته جهونو به ايم ڊي ڪيٽ جي لفظن ٻڌڻ تي هنن ڏانهن سري آيو ۽ هنن کي چوڻ لڳو ته منهنجي پوٽي به اها ٽيسٽ ڏني آهي..! هن ڏاڍي محنت ڪئي آهي ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهائي ڪئي آهي ۽ هن هڪ سئو پنجيتاليهه مارڪون کنيون آهن ڇا هن جي به ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا ٿيندي…!!؟
هنن جا خمار اڏري ويا ۽ هو حيرت مان انگريز ملڪ جي ڪنهن وڏي سرمائيدار جي چوڙيل ڪوٽ ۾ ملبوس مسڪين جهوني کي ڏسي رهيا هئا…!
***