خاصنئون

 8 سرڪاري ادارا ختم ڪري رهيا آهيون: عشرت حسين

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عشرت حسين چيو آهي ته 8 سرڪاري ادارن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 441 ادارن جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي ۽ 8 سرڪاري ادارا ختم ڪيا ويندا ۽ 342 ادارا وفاق وٽ رهندا، جنهن مان ڪجهه جي نجڪاري ۽ ڪجهه کي ضم ڪيو ويندو. عشرت حسين اهي ڳالهيون سينيٽ جي ڪابينا واري ڪميٽي آڏو رکيون هن وڌيڪ چيو ته ضم ٿيندڙ ادارن جي ملازمن کي ٻين ادارن ۾ موڪليو ويندو.