خاصنئون

 وزيراعظم جي هدايت تي مريم نواز کي والد وٽ منتقل ڪيو ويندو

وزيراعظم عمران خان پاران اڳوڻي وزيراعظم جي حالت خراب ٿيڻ سبب سندس ڌيءَ مريم نواز کي هڪ جاءِ تي گڏ جيل ۾ رهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته مريم نواز کي نواز شريف جي سامهون وارو ڪمرو ڏنو ويندو. هي ڳالهيون پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ميڊيا سان ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته هو وزيراعظم سان مليو ۽ هن سان نواز شريف جي طبيعت بابت ڳالهايو، ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته قانون جي دائري ۾ رهندي مريم نواز کي وڌ کان وڌ وقت پنهنجي والد سان رهڻ ڏنو وڃي. اسان جون نيڪ خواهشون نواز شريف سان گڏ آهن ۽ دعا آهي ته هو جلد صحتياب ٿي ويندو. چوڌري سرور وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي منتقليءَ بابت مشاورت ٿي چڪي آهي ۽ مريم نواز کي جلد ئي والد وٽ آندو ويندو.