ڊائري جا ورق
سڄو نظام درهم برهم آهي، هيٺ کان مٿي تائين حڪومت جو مڪمل نظام، تباهي، بربادي ڏانهن پيو وڃي.
پاڪستان جا ۽ خاص ڪري سنڌ جا تمام وڏا اهم بنيادي ادارا، کاتا ۽ محڪما، تقريبن مڪمل طرح معذور، بيمار ۽ بي فيض بلڪه نقصان ده صورت ۾ تباهي جو شڪار آهن. مثال طور انصاف، انتظام، بيوروڪريسي ۽ اقتصادي، سماجي ۽ تهذيبي ادارا تعمير ۽ ترقي جي بجاءِ تخريب ۽ تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن. سڄو نظام اونڌو پيو هلي، سڄو معاشرو گندو، بدبوءِ دار لاش مثل، صرف سڙانڌ پيو پکيڙي مورڳو ماڻهن کي بيمار، موڳو ۽ مايوس ڪري رهيو آهي.
هي نظام جيڪو سڄو خراب ٿي چڪو آهي، نس نس ۾ زهر ڀرجي چڪو آهي، ان کي هڪ وار ختم ڪري، وري نئين سِري کان جيئن ٻار کي سٺي، سهڻي ۽ سچي طريقي سان پالي جوان ڪبو آهي، اهڙي طرح هن سڄي نظام کي به نئين، سچي، حقيقي قومي عوامي جمهوري اصولن ساڻ، نوان قانون جوڙي، انهن کي اسيمبلين ۾ پاس ڪري سڄي حڪومتي ۽ انتظام نظام ۾ فوري انقلابي تعمير ۽ تبديلي سان آهسته آهسته سڌارو آڻي سگهجي ٿو.
هن نظام کي سڌارڻ سئو سيڪڙو ممڪن آهي، دنيا سڄي ۾ هاڻ جيڪي ملڪي نظام اڪثريتي ملڪن ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، اهي آهن، قومي، عوامي جمهوري نظام. اهڙوئي نظام هتي به انصاف ۽ سچائي سان نافذ ڪري، اهڙي ئي سچي نظام سان ترقي ڪري سگهجي ٿي، سماج کي بدلائي سگهجي ٿو، جيئن ٻين دنيا جي ملڪن ترقي ڪئي آهي ۽ پنهنجا سماج بدلايا آهن.
***
12 آڪٽوبر، 1992
شام جو سج لٿي، مبارڪ ڪالوني جماعت خانه وٽان اسڪوٽر تي پئي ويس، ساجن به پٺيان هو ته ڏٺم امان اڪيلي پئي آئي، مون هڪدم بريڪ هڻي امان جي اڳيان اسڪوٽر بيهاري لهي ويجهو ايندڙ امان سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ اول امان جي پيرن تي هٿ رکڻ لاءِ جهڪيس اهو چوندي ته امان مونکي معاف ڪر، پر امان هڪدم هٽي پاسي ٿي ۽ اهو چوندي هلي ويئي ته ڇڏ مون کي، ائين نه ڪر، اهو چئي هلي ويئي مان ڏسندو رهجي ويس، پر امان وري پٺيان به ڪونه ڏٺو. مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو، اتي آئون ٻڏي ويس، ته مون کان ڪهڙو وڏو گناهه ٿيو آهي جو منهنجي ماءُ مون اڇي ڏاڙهي واري پٽ سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهي. مون کان ڏوهه اهو ٿيو آهي جو مون پنهنجي نياڻي جو مڱڻو سادگي سان ڪرڻ ٿي گهريو، پر امان ۽ منهنجي ڀينرن ان کي عين موقعي تي وڌائي ڊيگهه ڏني، جنهن تان ڳالهه وڌي. امان ناراض ٿي پئي.
***
15 آڪٽوبر، 1992
بدين ويس، رڪارڊنگ ڪرڻ، پراڻا دوست ۽ پارٽي ساٿي، سڄاڻ جوان، ڊاڪٽر ستار چنا پنهنجي پٽ مهراڻ جي سالگرهه پارٽي ڪئي هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري، شمشير حيدري، نقاش، ڪنول لوهاڻو به موجود هئا، ڳائڻ جي محفل به سٺي ٿي. صبح 4 وڳي واپس نڪتاسين.
***
18 آڪٽوبر 1992
ڌنڌو ڪريان، ڪاروبار ڪريان، منهنجو گهر ۽ ٻار آهن، خرچ کپي، نياڻيون وڏيون آهن، مڱيل به آهن، شاديون به ڪرائڻيون آهن ۽ بدقسمتي سان ڪوبه روزانو ڪاروبار يا دڪان ڪونهي. سواءِ هوائي روزي جي جيڪا وڊيو مان ڪنهن مهيني هڪ يا ٻه پروگرام مس ٿين، زمين ويچاري بس اٺ سئو مهيني ۾ مس ٿي ڏي، هن وقت ته گذر سفر ۾ سخت تنگ آهيون، پريشان آهيون، پر آئون ڪريان ڪجهه به نٿو. ڪو دڪان کوليان، ڪو ڪاروبار ڪريان، پر پئسا ڪونهن. آئون قرض کڻان پٽ سٽ ڪريان ته مس ويهه پنجويهه هزار ڪري سگهندس، ان مان ڪجهه ڪونه ٿيندو، ڪاروبار لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک کپي. بهرحال هٿين خالي آهيان.
ٻيو هڪ سبب منهنجي اندر جو به آهي. منهنجي دل نٿي ٿئي ڪوبه ڌنڌو يا ڪاروبار ڪرڻ تي، سچ پچ ته روح کڄي ويو آهي، دنياوي هر شئي تان. ڪاروبار ڪجي، ترقي ڪجي، لکن جا واپار ڪجن، ڇاجي لاءِ؟ سڄي زندگي صرف هڪ ئي معمولي مقصد پويان وڃائي ڇڏڻ جنهن جي ڪابه ضمانت ڪانهي. آخر پئسي کانسواءِ به ته هن وسيع ترين ۽ حسين ترين دنيا ۽ ڪائنات ۾ ٻيا پاسا آهن، ٻيون به سوين عظيم شيون ۽ ڪم آهن، جن جي اهميت دائمي آهي. پئسو ايترو هجي جو عزت سان زنده رهي سگهجي. باقي پئسي کي خدا سمجهڻ ته بيوقوفي ٿيندي. بهرحال مونکي اڃا ڪجهه فرض پورا ڪرڻا آهن، انهي لاءِ رقم کپي. الله مالڪ آهي، ڪو نه ڪو در يقينن کلندو.
***