سوار کان بغير هلندڙ موٽرسائيڪل ايجاد
بي ايم ڊبليو ڪمپني ٻن سالن جي محنت بعد هڪ اهڙي موٽرسائيڪل ايجاد ڪري ورتي آهي جيڪا نه صرف سوار بغير هلي سگهي ٿي پر پنهنجو توازن برقرار رکندي، تيز رفتاري سان هلي سگهي ٿي. هن بائيڪ کي بي ايم ڊبليو پاران BMW Motor Radar 1200 GS جو نالو ڏنو ويو آهي ان جون بريڪون به آٽوميٽڪ آهن، ان کان علاوه خطرناڪ صورتحال ۾ هيءَ بائيڪ ازخود توازن برقرار رکي سگهي ٿي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هيءَ بائيڪ پنهنجي انجڻ پاڻ اسٽارٽ ڪندي. ايڪسيليٽر دٻائيندي ريسنگ ٽريڪ تي تيز اسپيڊ ۾ هلي سگهي ٿي. ان لاءِ هن کي ڪنهن به انسان جي ڪابه ضرورت نه آهي. BMW جو چوڻ آهي ته في الحال اها تجارتي مقصدن لاءِ نه ٺاهي وئي آهي پر ان کي اڃان بهتر بڻائي جلد مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

