بلاگنئون

قومپرستي، برابري وارن حقن جي حاصلات جو نانءُ آهي

اڄ ڪلهه سياست ۾ قومپرستي جو وڏو چرچو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جون مشهور يا بدنام واپاري جنگيون جاري آهن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ سخت ۽ قدامت پسند اميگريشن پاليسيون مشهور آهن. نسل پرستي قوم پرستي سان گڏجي نئين صورتن ۽ شڪلين ۾ سامهون اچي رهي آهي. ڀارت ۾ هندو مذهبي قومپرستي هڪ نئون جنم وٺي رهي آهي. عرب ۽ مسلم قومپرستي جون ڪٿي ڪٿي ڳالهيون پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن.

اسان جي دور ۾ قومپرستي جا ڪيترائي خيال آهن. عام طور تي سادڙي ٻولي ۾ “ڪنهن شهري جي پنهنجي قوم سان وفاداري، محبت ۽ عقيدت کي قوم پرستي سمجهيو ويندو آهي” پر اڄ ڪلهه جهڙيءَ ريت قومپرستي جو لفظ استعمال ٿي رهيو آهي، ان جي مناسب تاريخي پسمنظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي. قومپرستي ڪنهن خاص قوم جي مفادن جو واڌارو ۽ تحفظ جو هڪ سماجي، سياسي ۽ معاشي نظريو يا تحريڪ آهي. ان تحريڪ يا نظريي جو مقصد قومي سڃاڻپ ۽ خود مختياري جي حاصلات يا تحفظ ٿي سگهي ٿو. قومپرستي جو مطلب آهي ته هڪ قوم کي پنهنجن وسيلن تي پنهنجي حاڪميت جو حق هئڻ گهرجي. اها قوم مداخلت کان آزاد هجي يا ٿئي، ان کي بنا شرط تي حق خوداراديت حاصل هجي. قومپرستي جي نظريي يا تحريڪ جو مقصد گڏيل ٻولي، تاريخ ۽ روايتن جي بنياد تي هڪ قومي سڃاڻپ قائم ڪندو آهي.

قومپرستي جو اهو سادو خيال اڳتي هلي ڪري ٻين سياسي نظرين سان گڏ عمل ۾ ڏکي شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو قدامت پرست نظرين سان ڳنڍجي وڃي ته هڪ تنگ نظر ۽ قدامت پسند قوم پرستي جو روپ اختيار ڪري وٺي ٿو ۽ اهو کاٻي ڌر جي سوشلسٽ نظرين کان متاثر ٿي ڪري سوشلسٽ قومپرستي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو، ٿورڙو اڳتي ۽ ترقي پسند اسٽيج تي وڃي ڪري اهو نظريو بين الاقواميت يا گلوبل سوچ به قبول ڪري سگهي ٿو. تاريخ ۾ قومپرستي هڪ نئون خيال آهي. قديم رومي وڏي ايمپائر جا ڪجهه پاسا قومپرستي تي مشتمل هوندا هئا، پر ڪافي بادشاهتن ڪيترن ئي علائقن ۽ قومن تي مشتمل هونديون هيون. اهي ڪشاديون سلطنتون هيون، جيڪي ڪيترين ئي قومن ۽ علائقن تي پکڙيل هونديون هيون. جيتوڻيڪ انهن منجهه غالب ۽ بالادست طبقو عام طور تي ڪنهن هڪ نسل، مذهب يا سماجي گروهه تي مشتمل هوندو هو. ارڙهين صدي ۽ اوڻيهين صدي ۾ آمريڪي ۽ فرانسيسي انقلاب کانپوءِ قومپرستي جي سياست ۽ جذبا اڀرڻ لڳا، انهن جذبن جي تحت قومن کي گڏيل معاشي ۽ سياسي مفادن جي تحت گڏ ڪيو ٿي ويو. ان دور ۾ جان جيڪب ۽ روسو جهڙا دانشور اڀريا، نيپولين جهڙا سياستدان پيدا ٿيا، جن فرانس ۾ قومپرستي جي نظرين کي واڌ يا سگهه ڏني. جرمني ۾ بسمارڪ جهڙا ماڻهو سامهون آيا، جن جرمني کي قومپرستي جي نالي تي گڏ ڪيو، مگر هتي قومپرستي سان گڏوگڏ نسل پرستي ۽ قومي برتري وارن خيالن کي به واڌارو حاصل ٿيو. ويهين صدي جي بحران ۾ اهي خيال خطرناڪ نظرين ۾ بدلجي ويا، انهن جي ڪک مان فاشزم ۽ نازي ازم جنم ورتو. مسوليني ۽ هٽلر جهڙن ماڻهن ان کان فائدو ورتو. هنن قومي سڃاڻپ، برتري ۽ روايتن وارن خيالن کي منفي هٿيار بڻائي تباهي پکيڙي.

قومپرستي جا ڪيترائي قسم ۽ ڪيترائي خيال آهن. نسل تي مشتمل قومپرستي ۾ هڪ قوم کان مراد اهي ماڻهو جن جو گڏيل نسل، ورثو ۽ ثقافت آهي. اهڙي قومپرستي ۽ نسل پرستي ۾ اهڙو فرق هوندو آهي. ڪو وقت اهو فرق مٽجي ويندو آهي. ان قسم جي قومپرستي قبائلي قومپرستي جي بلڪل ويجهو هوندي آهي، ليڪن اهي ٻئي بنيادي طور تي هڪ خيال ناهن. شهريت جي بنياد تي قومپرست اهي ماڻهو آهن جن جي گڏيل شهريت، قدر ۽ ادارا آهن ۽ ان جو لاڳاپو آئيني حب الوطني سان آهي. ان قسم جي قومپرستي جو تصور جان جيڪ روسو جي “سوشل ڪنٽريڪٽ” ۾ ملي ٿو. ان شهري قومپرستي جو هڪ مظهر سياسي قومپرستي به آهي. رياستي قومپرستي ڪو وقت نسلي قومپرستي سان گڏ جي ڪري خطرناڪ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. تاريخ ۾ ان جو هڪ بدترين مثال اٽالين فاشزم جو آهي. انهيءَ قومپرستي جي بنياد تي مسولينيءَ هي نعرو بلند ڪيو هو ته “هر شيءِ رياست جي اندر ڪا شيءِ رياست کان ٻاهر ناهي ۽ ڪا شيءِ رياست جي خلاف ناهي.” قومپرستي جي هڪ شڪل ڪشادگي پسند قومپرستي آهي. ان ۾ قومي عظمت ۽ تاريخ جي نالي تي ٻين علائقن کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي. فاشسٽ اٽلي، نازي جرمني، جاپاني ايمپائر، قديم البانيا ۽ سربيا وغيره، ان جا مثال آهن.

ان ريت جي قومپرستي پنهنجي برتري جي وڏائي ۾ ٻين قومن جي حق خوداراديت جي نفي ڪري انهن کي پنهنجي اثر هيٺ آڻيندي آهي. قومپرستي جي هڪ انتهاپسند شڪل به آهي، جنهن کي انقلابي قومپرستي به سڏي سگهجي ٿو. ان قومپرستي جو بنياد هڪ گڏيل مقصد ۽ گڏيل منزل هوندي آهي، ويهين صديءَ جي شروعات ۾ فرانس ۽ اٽلي ۾ ان قسم جي قومپرستي جا لاڙا عام هئا. اسان جي دور ۾ ٽين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان قسم جي قومپرستي جون انقلابي تحريڪون موجود آهن۔مختلف علحيدگي پسند تحريڪن  ۾ قومپرستي جا لاڙا ڏٺا وڃن ٿا، پر ضروري ناهي ته هر عليحدگي پسند تحريڪ قومپرست هجي، ڪو وقت سياسي ۽ معاشي ٽڪراءُ، علائقائي پسماندگي ۽ ناراضگيءَ جي سببن کان فردن جو ڪو گروهه  الڳ رياست جو مطالبو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو لازمي مطلب اهو ناهي هوندو ته اها قومپرستي جي تحريڪ آهي. هر الڳ رياست جو مطالبو قوم پرست مطالبو ناهي هوندو.

قومپرستي جي هڪ شڪل مارڪسسٽ لينينسٽ قومپرستي آهي، قومپرستي جي ان لاڙي جي تحت ڪنهن قسم جي نسلي، مذهبي يا علائقائي فرق واري قومپرستي کي عالمي نقط نظر سان ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان تصور جي تحت قومن جو بنا شرط حق خود اراديت تسليم ڪندي انهن کي هڪ بين الاقوامي لڙهيءَ ۾ ٽاڪي سگهجي ٿو. ان قسم جي بنا تعصب واري ترقي پسند قومپرستي جي ويجهو کاٻي ڌر جي قومپرستي به آهي، جنهن کي سوشلسٽ قومپرستي به چئي سگهجي ٿو.

قومپرستي جي هڪ شڪل لبرل يا آزاد خيال قومپرستي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته قومپرستي جو اهڙو تصور آزادي، رواداري ۽ برابري جهڙن تصورن سان مشاهبت رکي ٿو. ارنسٽ رينن ۽ جان اسٽورٽ مل کي انهيءَ ريت جي قومپرستي جو نظريو ڏيندڙ سمجهيو وڃي ٿو.

تاريخي اعتبار کان قومپرستي جو ٻٽو معيار رهيو آهي. هڪ ڪردار مثبت هو جنهن سان دنيا ۾ انقلاب برپا ٿيا، هڪ ڪردار منفي رهيو آهي، جنهن جي ڪک کان نسل پرستي ۽ هالو ڪاسٽ جهڙا دردناڪ واقعا نروار ٿين ٿا. قومپرستي سان گڏ اهو ٻٽو ڪردار اڄ به ڳنڍيل آهي، جنهن جا مظهر اسان کي هر هنڌ ڏيک ڏين ٿا ۽ جنهن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. اڄ قومپرستي کي واپاري جنگين، نسل پرستي جي آڙ ۾ امريگيشن جي سخت پاليسين ۽ ٻين قومن کان ڊيڄاري نفرت ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. صدر ٽرمپ جي تنگ نظرئي تي ٻڌل قومپرستاڻيون پاليسيون، نسل پرستي، اميگريشن دشمني ۽ واپاري جنگيون ان جو مثال آهن ۽ ٻئي پاسي اولھه يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نسل پرست ۽ تنگ نظريا رکڻ وارين ننڍين ننڍين پارٽين جي مقبوليت حاصل ڪرڻ قومپرستي جو هڪ منفي اظهار آهي.

ڪن جڳهين تي قومپرستي ۽ حب الوطني کي پاڻ ۾ منجهايو وڃي ٿو، حالانڪه اهي ٻه مختلف تصور آهن. حب الوطني پنهنجي وطن سان محبت ۽ وفاداري جو نالو آهي، ان جي مقصدن ۽ قدرن سان محبت جو نالو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ قومپرستي اڪثر ڪري ٻولي ۽ ڪلچر جي بنياد تي پنهنجي سڃاڻپ ۽ قومي خود مختياري  جي احساس جو نالو آهي. پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جي طرف کان برابري وارن حقن جو مطالبو يا پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي لاءِ رياست جي اندر جائز رتبو گهرڻ ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جا مطالبا لازمي طور تي قومپرستي ناهن هوندا، بلڪه اها برابريءَ وارن حقن جي منصفاڻي جدوجهد هوندي آهي، جنهن کي درست سوچ ۾ ڏسڻ لازمي ۽ ضروري آهي.