خاصنئون

ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کان مطالبو

سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ تي پابندي لڳائي وڃي. وزير زراعت سنڌ محمد اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ آهي ان شيءِ کي ڏسندي وفاق ڪڻڪ کي پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائي ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وڃي. نيازي سرڪار ڏهه لک ٽن کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن اماڻي آهي جنهنڪري کنڊ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايڪسپورٽ تي پابندي نه لڳائي ته ايندڙ سال ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.