سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلدياتي ادارن جي فنڊن جي تحقيق لاءِ درخواست دائر

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلدياتي ادارن تي فنڊن جي تحقيق لاءِ آئيني درخواست دائر ڪئي وئي، هيءَ درخواست شهري محمود اختر نقوي جي طرفان دائر ڪئي وئي جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪٽري بلديات، سيڪريٽري داخلا، ڊي جي نيب، آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست جمع ڪرائڻ واري جو موقف آهي ته بلدياتي ادارن جي فنڊ جاري ڪرڻ ۽ انهن جي استعمال جي جي. آءِ. ٽي ٺاهي وڃي ۽ تحقيق ڪرائي وڃي ته بلدياتي نمائندن ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪرايا آهن.