غيرقانوني مهاجرن جي وطن واپسيءَ جي پلان کي آخري شڪل ڏني وئي آهي: نگران وزير داخلا
نگران وزير داخلا سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور رهندڙ مهاجرن جي روانگي لاءِ پلان کي مڪمل ۽ آخري شڪل ڏني وئي آهي. مختلف شهرن ۾ سينٽر ٺاهيا ويندا، جتي انهن غير قانوني مهاجرن کي رکيو ويندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پهرين نومبر کانپوءِ غير قانوني طور رهندڙ غير ملڪين تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. اهڙا غير قانوني ماڻهو 50 هزار رپين کان وڌيڪ ڪيش پاڻ سان گڏ نٿا رکي سگهن ۽ ڪوبه پاڪستاني انهن ماڻهن کي پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندو. جنهن به انهن کي پناهه ڏني ته انهن تي سختي ڪئي ويندي. اهڙن غير ملڪي مهاجرن جي جيوفينسنگ ڪري ورتي آهي، اسان کي خبر آهي ته اهي غير قانوني مهاجر ڪهڙي ڳوٺ يا شهر ۾ رهن ٿا، سندن رضاڪارانه طور واپسيءَ جي ڀليڪار ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به ويزا وٺي پاڪستان ايندو ان جي مهمان نوازي ڪنداسين. هن وقت سياسي قيادت کي خطرا موجود آهن. هڪ وقت ايندو جو ملڪ ۾ هڪ به غير قانوني مهاجر نه هوندو.