ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اسٽريٽ لائبريري جو افتتاح سوين ڪتاب رکيا ويا
ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي ملڪ جي پهرين اسٽريٽ لائبريري قائم ڪري ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏينهن جي موقعي تي ان لائبريري جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي ڊاڪٽر سيف الرحمان، سينئر بيورو ڪريٽ طارق مصطفيٰ، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ صلاح الدين احمد، غازي صلاح الدين، منيزه شمسي، ڪيترن ئي ليکڪن سميت ڪمشنر ڪراچي لٽرري سرڪل جي رڪنن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ساره جاويد به موجود هئي. چيف سيڪريٽري اهڙي لائبريري جي قيام کي ساراهيو ۽ چيو ته ان ڪوشش سان ماڻهن جي اندر مطالعي جو شوق پيدا ٿيندو جنهن سان سماج ۾ ترقي ۽ سڌارو ايندو. مطالعي جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ لائبريرين کي بحال ڪرڻ جي هن ڪوشش کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سڄي صوبي اندر ٻين شهرن ۾ به ان ماڊل تي لائبريريون قائم ڪيون وڃن.