پروين شاڪر هڪ نئين ڍنگ ۽ رنگ جي بهترين شاعره هئي. جنهن مرد جي حوالي کان عورت جي جذباتي احساسن ۽ جذباتي سوچ جي ترجماني ڪئي. هن جي شاعري ماتم ڪرڻ واري روايتي عشقيه شاعري ۽ نه اوڀرين انداز واري رومانوي شاعري هئي، مگر جذبي و احساس جي شدت ۽ ان جو ساڌڙو ليڪن فنڪاراڻو بيان پروين شاڪر جي شاعري جي خاصيت آھي. هن جي شاعري جدائي و ميلاپ جي ڪشش واري شاعري آھي. جنهن ۾ نه جدائي مڪمل آھي ۽ نه ميلاپ، جذبي جي سچائي اوڀرين انداز جي خوبي ۽ لفظن جي خوبصورتيءَ سان گڏ پروين شاڪر اردو جي عورتاڻي شاعري ۾ هڪ ممتاز مقام حاصل ڪيو بقول گوپي چند جي ته نازڪ ۽ نفيس شاعري جو منظر نامو پروين شاڪر جي صحيح کانسواءِ اڻپورو آھي.
پروين شاڪر جي شاعري تي تبصرو ڪندي شاعر، نثر نويس ۽ ڪالم نگار احمد نديم قاسمي جو چوڻ ھو ته پروين شاڪر جي شاعري غالب جي شعر “ڦوڪڻو آھي ڪنهن محبت جي ڪنڊ ۾ اي خدا“ جادوگر جي اوسيئڙي جي اميد چئون جنهن کي جي پکيڙ آھي. ان جو چوڻ ھو ته اميد ڪرڻ يعني اوسيئڙي ڪرڻ واري انهيءَ جادوءَ هومر کان وٺي غالب تائين جي سموري بلند، سچي ۽ کري شاعري کي انساني دل ۾ ڌڙڪ سيکاري ۽ پروين شاڪر انهيءَ جادوگري سان اردو شاعري کي سچن جذبن جي سرمائي آسمان کان ٽمندڙ برساتن ۾ وهنجاريو. پروين شاڪر عورت شاعرن ۾ پنهنجي منفرد ٻولي و لهجي ۽ عورتن جا جذباتي ۽ نفسياتي مسئلا پيش ڪرڻ جي سبب اردو شاعري کي هڪ نئين سوچ ڏيندي ڏيک ڏئي ٿي يعني اها بيباڪ لهجو استعمال ڪري ٿي ۽ نهايت ئي همت سان گڏ ڏاڍ و تشدد جي خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي ٿي. اها پنهنجن جذبن و خيالن تي شرم و حيا جا پردا نٿي وجهي. هن جا موضوع محدود آھن، باوجود ان جي قاريءَ کي هن جي شاعري ۾ سريلائپ تجربي جي سچائي ۽ خوشگواري محسوس ٿئي ٿي.
پروين شاڪر 24 نومبر 1952ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. هن جو اصل وطن بهار جي ضلعي درڀنڪه هو. هن جو والد شاڪر ثاقب حسين پاڻ شاعر هو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي ويو. پروين ننڍڙي عمر کان ئي شاعري ڪرڻ لڳي هئي ۽ ان ۾ ھن کي پنهنجي والد جي مدد حاصل رهي. پروين ميٽرڪ جو امتحان رضويا گرلس ڪاليج ڪراچي مان ۽ بي اي سر سيد ڪاليج مان پاس ڪيائين. 1972ع ۾ ھن انگريزي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وري لسانيات ۾ به ايم اي پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن عبدالله گرلس ڪاليج ڪراچي ۾ بحيثيت ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪيائين. 1976ع ۾ ھن جي شادي ماسيءَ جي پٽ نصير علي سان ٿي، جيڪو ملٽري ۾ ڊاڪٽر هو ۽ اها شادي پروين جي پسند سان ٿي هئي. ليڪن ڪامياب نه رهي ۽ طلاق تي ختم ٿي. ڊاڪٽر نصير مان هن جو هڪ پٽ به آھي. ڪاليج ۾ 9 سالن تائين پڙھائڻ کانپوءِ پروين پاڪستان سول سروس جو امتحان پاس ڪيو ۽ ھن کي 1982ع ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري سينٽرل بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ هن اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جو فرض پڻ نڀايو ۽ صرف 25 سالن جي عمر ۾ ھن جو پهريون مجموعو “خوشبو“ منظر عام تي آيو ته ادبي ڌرين کي ڏندين آڱريون اچي ويون. هن کي انهيءَ مجموعي تي آدم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
پروين شاڪر جي شخصيت ۾ وڏي خود اعتمادي هئي، جيڪا سندس شاعري ۾ به ڏيک ڏئي ٿي ۽ انهيءَ جي سهاري هن زندگي ۾ هر قسم جي مشڪلات کي منهن ڏنو. 18 سالن جي عرصي ۾ ھن جا چار مجموعا خوشبو، صدبرگ، خود ڪلامي ۽ انڪار ڇپيا. 1985ع ۾ ھن کي ڊاڪٽر محمد اقبال ايوارڊ ۽ 1986ع ۾ يو ايس آئي ايس ايوارڊ مليو. ان کانسواءِ ھن کي فيض احمد فيض انٽرنيشنل ايوارڊ ۽ ملڪ جي وقار جو ايوارڊ ۽ پرائز آف پرفارمنس سان نوازيو ويو. 26 ڊسمبر 1994ع تي هيءَ خوشبوئن جي شاعره هڪ ڪار حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ الڳ ٿي وئي.