ايڊيٽوريل

سنڌ سرڪار کي نيب جو تحفو 18 لک ايڪڙ زرعي زمين واپس

            ملڪ جي هڪ نامور صحافي پنهنجي پروگرام ۾ اسٽوري بريڪ ڪئي آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب جي اداري سنڌ سرڪار کي قبضي هيٺ آيل سنڌ جي سرڪاري زمين جيڪا 18 لک ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي، ڪاغذن سميت قبضو خالي ڪرائي واپس ڪئي وئي آهي. اهو هڪ وڏو تحفو آهي جيڪو نيب اداري طرفان سنڌ سرڪار کي ڏنو ويو آهي. نيب جو ادارو ماضيءَ ۾ ڪنهن به حوالي سان تعريف جوڳو نه رهيو آهي، هميشه ان تي تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪهڙي به حڪومت هجي، ڪهڙي به سياسي پارٽي هجي نيب جي عتاب هيٺ رهندي آئي آهي، پوءِ اهي ڪيس ثابت نه ٿيا هجن يا ان تي سياسي ڪيس ٺاهيا ويا هجن.

            انهن سڀني ڳالهين جي تنقيد نيب جي اداري مٿان ٿيندي رهي آهي، پر هن اسٽوري ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا آهن ان ۾ نيب اداري پنهنجي ذميواري انتهائي چابڪ دستي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندي سياسي ڪيس کان هٽي ڪري سنڌ جي 18 لک ايڪڙ زرعي زمين جي باري ۾ تحقيق ڪئي، ان زمين جا ڪاغذ هٿ ڪيا، خبر پئي ته اها زمين 1925ع کان جهنگلات کاتي سنڌ جي ملڪيت آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ان وقت نڪتو هو جڏهن انگريزن جي سرڪار هئي، ان کانپوءِ 1950 ۾ هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن نڪتو هو جنهن وقت ۾ پاڪستان ٺهي چڪو هو ۽ ٽيون نوٽيفڪيشن 1976 ۾ پيپلز پارٽي جي پهرين دور حڪومت ۾ نڪتو هو. انهيءَ نوٽيفڪيشن تحت مذڪوره زمين سنڌ جي جهنگلات کاتي جي ملڪيت ڄاڻائي وئي هئي. جهنگلات کاتو پنهنجي انهيءَ مالڪي کان اڻ ڄاڻائي ۾ يا ڄاڻي واڻي لاتعلق رهيو جنهن جي ڪري انهيءَ زمين تي قبضاگيرن قبضو ڪري ورتو. هن وقت نيب انهيءَ زمين جي مالڪي قبضاگيرن کان ڇڏائي ڪاغذن سميت سنڌ سرڪار جي حوالي ڪئي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار کي گهر ويٺي هڪ مرڪزي کاتي طرفان ايڏو وڏو تحفو ڏنو ويو آهي، ڇا ان تي مالڪي برقرار رکي سگهندي؟ يا پهرين وانگر ونڊ ورڇ ڪري ڏاڍن ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيندي؟ 40 سال پهرين تائين سنڌ اندر ٻيلو کاتو فعال هو، پر هن وقت ٻيلي کاتي پاڻ ٻيلي کاتي جون زمينون ورهائي ڏنيون آهن جنهن جي ڪري سنڌ اندر ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن ۽ جيڪي بچيا آهن انهن تي به ڌاڙيلن جو قبضو ٿيل آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته 18 لک ايڪڙ زمين تي سنڌ سرڪار جو جهنگلات وارو کاتو ٻيلن جي ٻيهر پوکائي شروع ڪري. صرف پنجن سالن لاءِ پوکيل ٻيلن جي سار سنڀال ڪندو ته ٻٻر جو وڻ پنجن سالن اندر ايترو وڌي وڃي ٿو ۽ ان مان ڪاٺ حاصل ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ زمين جي ملڪيت هزارين ارب ٻڌائي وڃي ٿي. جيڪڏهن 18 لک ايڪڙ زمين تي ٻيهر ٻيلو پوکيو ويندو ته نه صرف آبهوا بهتر ٿيندي، بارش پوڻ جو امڪان وڌي ويندو ان سان گڏ ٻيلن اندر مويشي جي پالنا پڻ ڪئي ويندي، جنهن سان گوشت ۽ کير جهجي انداز ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٻيلي جو ڪاٺ، ٻيلي اندر ٿيندڙ ماکي ۽ کونئر پڻ وافر مقدار ۾ حاصل ڪري ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. سنڌ صوبي اندر ذريعن جي ڪا کوٽي نه آهي، اگر کوٽ آهي ته حڪمرانن جي نيت ۾، جيڪي بجاءِ پوري صوبي جي عوام کي فائدو ڏيڻ جي چند طاقتور ماڻهن کي فائدو ڏيڻ ۾ خرچ ڪئي ويندي آهي، ان مان حڪمران به ذاتي فائدو حاصل ڪن ٿا.

            اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا سڀئي ذريعا عوام جي ڪتب اچڻ جي بجاءِ مخصوص ماڻهن جي ڪتب اچن ٿا. سنڌ جي عوام جي معاشي حالت بهتر نٿي ٿئي، پر ڏينهون ڏينهن خراب تر ٿيندي رهي ٿي. عوام ۽ اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ سرڪار هاڻي ته اکيون کولي هڪ وفاقي اداري طرفان واپس ٿيل ايڏي وڏي زمين جو بهتر استعمال ڪري. زمين موجود آهي، جهنگلات کاتو موجود آهي، ايندڙ پنج سال به سنڌ تي حڪمراني پيپلز پارٽي جي رهندي. ڇا پوءِ اميد ڪجي ته انهن پنجن سالن ۾ واپس ٿيندڙ زمين تي ٻيلا پوکي انهن جي سار سنڀال لهي جهنگلات کاتو ۽ سنڌ سرڪار پنهنجو فرض پوري ڪندي.