ايڊيٽوريل

شاهنواز ڪنڀار جي قاتلن خلاف ايف آءِ آر درج

            سنڌ حڪومت ذميداريءَ جو مظاهرو ڪندي اڻ ڌري ٿيل جاچ جي آڌار تي سنڌ پوليس جي آفيسرن تي ۽ مذهبي نفرت پکيڙندڙ ماڻهن جي مٿان عدالت کان مٿانهون قتل ٿيندڙ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي ايف آءِ آر سندس وارثن جي چوڻ تي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي. سنڌ اندر هي ماڻهن کي خوف ۾ آڻيندڙ ۽ ان کانپوءِ ماڻهن مان خوف ختم ڪندڙ واقعو آهي. 16 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي مبينا طور مذهب جي خلاف هڪ آءِ ڊي تان ڪجهه نامناسب پوسٽون رکيون ويون جن کي ڊاڪٽر شاهنواز سان منسوب ڪري امرڪوٽ جي مذهبي ماڻهن طرفان جلوس ڪڍيو ويو ۽ سندس مٿان تاريخ 17 سيپٽمبر تي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ايس ايڇ او سٽي امرڪوٽ کين چيو ته هي سائبر ڪرائيم آهي هن جي ايف آءِ آر، ايف آءِ اي وٽ درج ڪرايو جيئن هو جاچ ڪن ته انهيءَ آءِ ڊي تي رکيل پوسٽون فيڪ آهن يا اصلي.

            ان تي اهو گروهه ڪاوڙجي پيو ۽ پوليس موبائل کي ساڙيو ويو، ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪلينڪ کي باهه ڏني وئي، امرڪوٽ ۾ خوف جو ماحول پکڙجي ويو. ڊي آءِ جي پوليس هڪدم ان ايس ايڇ او کي معطل ڪيو، ان جي جاءِ تي جاچ هڪ سي آءِ اي انسپيڪٽر جي حوالي ڪئي وئي، جنهن 18 سيپٽمبر تي شاهنواز ڪنڀار خلاف 295-C يعني توهين مذهب جي ايف آءِ آر داخل ڪئي. صحت کاتي ڊاڪٽر شاهنواز کي امرڪوٽ مان بدلي ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر شاهنواز لڪي ڇپي ڪراچي پهچي ويو، اتان ان وڊيو پيغام جي ذريعي عوام کي ٻڌايو ته سندس آءِ ڊي تان ٿيندڙ پوسٽ جو هن سان ڪوبه تعلق نه آهي، هو هر مذهب جو احترام ڪندڙ شخص آهي، هو جاچ جي لاءِ پنهنجي گرفتاري پيش ڪري سگهي ٿو، پر شرط اهو آهي ته کيس صفائي جو موقعو ڏنو وڃي. امرڪوٽ جي پوليس سندس مائٽن کي قابو ڪيو، انهن کان انهيءَ شرط تي ڊاڪٽر جي لڪل رهائش جي ايڊريس معلوم ڪئي ته کيس عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويندو، پر ٿيو ان جي ابتڙ جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز کي امرڪوٽ جي پوليس گرفتار ڪيو ته ان کانپوءِ جن پوليس آفيسرن جي مٿان جنهن ۾ هڪ ڊي آءِ جي ٻه ايس ايس پي، ايس ايڇ او، انسپيڪٽر سي آءِ اي کي ملوث ڄاڻايو ويو آهي، جن کي مذهبي ڌرين طرفان 200 ميٽر ڊگهي رستي تي گل وڇائي ريڊ ڪارپيٽ تي گلن جا هار پارائي استقبال ڪيو ويو، ڇو ته انهن پنهنجي فرض جي ڪوتاهي ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز کي هڪ جڙتو مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو، پر ان کان پهرين کيس بيدرديءَ سان تشدد جو نشانو پڻ بڻايو. نفرت جي باهه اتي ختم نه ٿي، 18 ۽ 19 سيپٽمبر جي ان رات جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز کي جڙتو مقابلي ۾ ماريو ويو، سندس پيءُ کي لاش ڏنو ويو، ميرپورخاص مان پوڙهو پيءُ جوان پٽ جو لاش کڻي تدفين ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ پهتو ته اتي نفرت جي زهر ۾ ڀريل هڪ گروهه ان لاش کي دفن ٿيڻ نه ڏنو مائٽن کان لاش کسي ان کي ساڙيو ويو ان لاش جي تذليل ڪئي وئي. 19 سيپٽمبر تي هڪ اڌ پوسٽ سوشل ميڊيا طرفان ان ظلم خلاف رکي وئي ان کانپوءِ سنڌ جي پرامن ۽ صوفي منش سوچ رکندڙ سول سوسائٽي سنڌ جي مٿان انتها پسندي جي لڳندڙ هن داغ کي مٽائڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهي پئي. 20 سيپٽمبر تي سول سوسائٽي جا ماڻهو عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر جي والد وٽ پهتا جيڪو خوف سبب گهر ۾ لڪيل هو، ان کانپوءِ هر طرف کان ظلم جي خلاف آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويو، سنڌ گورنمينٽ مجبور ٿي سنڌ اسيمبلي اندر پنهنجو موقف پيش ڪيو، پهرين ايس پي ميرپورخاص کي معطل ڪيو ويو، ان کانپوءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص، امرڪوٽ جي ايس پي ۽ واقعي ۾ ڄاڻايل ٻين پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو. تفتيش لاءِ انڪوائري ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن ٽن ڏينهن جي اندر تفتيش مڪمل ڪري شفاف رپورٽ پيش ڪئي ۽ انهن سڀني پوليس آفيسرن کي ڏوهي قرار ڏنو. حڪومت سنڌ ڊاڪٽر جي مائٽن کي چيو ته اوهان ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهيو ٿا ته ڪٽرايو، ٻي صورت ۾ حڪومت پاڻ فريادي ٿيندي. 27 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر شاهنواز جي مائٽن سنڌڙي ٿاڻي تي 45 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جن ۾ ڊي آءِ جي کان وٺي سپاهين تائين ۽ شر پسند ماڻهن تي ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جا قلم پڻ لڳايا ويا آهن. اهو سول سوسائٽي جو دٻاءُ آهي، پر سنڌ حڪومت به پنهنجو فرض نڀايو آهي.

            هاڻي هيءَ شروعات آهي سنڌ جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته هن ڪيس کي هڪ ٽيسٽ ڪيس طور عدالت ۾ هلايو وڃي ۽ جيڪي به ملوث ملزم آهن انهن کي انجام تائين پهچايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو ٻيو شاهنواز صرف الزام جي هيٺ اچي عدالت کان مٿانهون قتل نه ٿي وڃي، سو به پوليس کاتي جي هٿان جيڪو ادارو عوام جي تحفظ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ جنهن کي عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان پگهارون ۽ پينشنون ۽ ٻيون مراعتون ملن ٿيون.