ايڊيٽوريلنئون

حڪومت جو قومي ڪرپٽو ڪائونسل جي قيام تي غور

            هڪ سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير خزانا محمد اورنگزيب هڪ غير ملڪي وفد سان ڊجيٽل اثاثن تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صدر ٽرمپ جي ڊجيٽل اثاثن جا صلاحڪار به شامل هئا. 25 فيبروري تي وزارت خزانا اعلان ڪيو هو ته هو بين الاقوامي رجحانن مطابق اڀرندڙ ڊجيٽل ڪرنسين کي اختيار ڪرڻ لاءِ ‘قومي ڪرپٽو ڪائونسل’ قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. 6 مارچ 2025 تي وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ بلال بن ثاقب کي ڪرپٽو ڪائونسل ۾ وزير خزانا جو وڏو صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. بلال بن ثاقب برطانيه ۾ رهندڙ هڪ ڪاروباري نوجوان آهي ۽ هو ويب-3 سيڪٽر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس پروفائل اهو ٻڌائي ٿو ته هو ڪرپٽو انويسٽمينٽ، بلاڪ چين اسپيس، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن کي فوربز ٽيهن سالن کان گهٽ عمر جي انهن ٽيهن شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، فوربز هڪ آمريڪا جو بزنس مئگزين ۽ ميڊيا ڪمپني آهي، جنهن ۾ بزنس سان لاڳاپيل موضوعن تي آرٽيڪل شايع ٿيندا رهندا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل ٽيڪنالاجيءَ تي ڳالهايو ويندو آهي. جيڪي ويب ٿري سرمائيڪار، اسٽريٽيجڪ مشير ۽ بلاڪ چين جي دنيا جا معروف رهنما آهن. ڪنگ چارلز-III، آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻي ۽ لنڊن جي ميئر ڪميونٽي جي خدمتن جي لاءِ هن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو آهي. بلال بن ثاقب کي 2023ع ۾ برطانوي وزيراعظم طرفان پوائنٽس آف لائٽ ايوارڊ به ڏنو ويو، هي ايوارڊ انهن ماڻهن کي ڏنو ويندو آهي جيڪي ملڪ ۾ تبديلي آڻيندڙ هوندا آهن، انهن ماڻهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ هي ايوارڊ ڏنو ويندو آهي.

            هن نيشنل هيلٿ سروس اين ايڇ ايس جي لاءِ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اهم عهدن تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ بلال بن ثاقب ملڪي مالياتي نظام ۾ ڪرپٽو ڪرنسي ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجين جي ضم ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسيع علم ۽ تجربي کي ڪم ۾ آڻيندو، سندس تقرري جو مقصد هڪ مضبوط ۽ عالمي معيار مطابق ڊجيٽل اثاثن جي لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تياري ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. ان کان علاوه هو وزارت خزانا جي ڪارڪردگي وڌائڻ، فيصلا سازيءَ جي عمل کي بهتر ڪرڻ ۽ عوامي شعبي جي آپريشنن ۾ نواڻ کي فروغ ڏيڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال تي به پنهنجون صلاحڪاري خدمتون فراهم ڪندو. بلال بن ثاقب جي صلاحڪار طور مقرري پاڪستان جي ڪرپٽو ڪرنسي جي شعبي ۾ هڪ اهم قدم آهي، جنهن سان نه صرف مالي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، پر ان سان ڪرپٽو ڪرنسي جي اثرن جو جائزو به ورتو ويندو ته ان جا ملڪي معيشت تي ڪهڙا ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ انهن کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.

            وفاقي وزير خزانا ۽ ٽيڪسز سينيٽر محمد اورنگزيب بلال بن ثاقب جي تقرري کي ساراهيو ۽ چيو ته سندس پنهنجي شعبي جي مهارت ۽ جديد خيال پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلال بن ثاقب جي تقرري پاڪستان جي حڪمرانن جي تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ قدم رکڻ جي لاءِ مضبوط خيال جو اظهار آهي. ان سان پاڪستان نه صرف ان ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ داخل ٿيندو بلڪه ان جي محفوظ ۽ شفاف مالي نظام جي تشڪيل لاءِ پڻ هڪ پورو نظام تشڪيل ڏيئي سگهندو. يقين آهي ته پاڪستان جي مالي نظام ۾ ڪرپٽو ڪرنسي لاءِ مضبوط ۽ موثر ريگيوليٽري فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان ۾ ان جو غلط استعمال ڪندڙ ماڻهن ۽ گروهن کي روڪي سگهجي ۽ هر اهو شخص جيڪو ان جو استعمال ڪري ٿو اهو ان جي قانوني دائري ۾ اچي سگهي، جنهن سان ملڪ کي معاشي فائدو ٿي سگهي. پاڪستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل دنيا ۾ ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي به ضرورت آهي. ضرورت صرف اهڙين پاليسين جي آهي جنهن سان اسين پوري پاڪستان جي نوجوانن کي نئين دنيا ۾ مثبت انداز سان داخل ٿيڻ جو هنر سيکاري سگهون ۽ انهن کي اهڙي تربيت ۽ رهنمائي ڏيئي سگهون جنهن سان اهي نه صرف پاڪستان جي معاشي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، پر جيڪڏهن انهن کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ته اتي به پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ ان ٽيڪنالاجيءَ ۾ دلچسپي رکندڙ ڪيترائي نوجوان غير قانوني طريقي سان اهو ڪم ڪندا رهندا، جنهن سان اهي قانون جي فريم ورڪ ۾ به نه اچي سگهندا ۽ ملڪ کي معاشي نقصان به پهچائيندا رهندا، جنهن جو تازو مثال ارمغان قريشيءَ جو آهي جيڪو پنهنجي گهر ۾ ڪرپٽو منٽنگ ڪندو هو.