انساني زندگي ٻن بنيادي روين جي وچ ۾ لٽڪيل آهي، هڪ آهي To have (ڪجهه ماڻڻ يا حاصل ڪرڻ) ۽ ٻيو آهي To be (ڪجهه بڻجي وڃڻ يا وجود ماڻڻ). عام طور تي دنيا جنهن کي “آئيڊيل” سمجهي ٿي، اهو مادي حاصلات، رتبو يا ڪنهن شخص کي پنهنجي ملڪيت بڻائڻ تائين محدود هوندو آهي، پر سنڌ جي عظيم مفڪر ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ آئيڊيل جو تصور انسان کي ان مادي لالچ مان ڪڍي کيس هڪ اهڙي مقام تي وٺي وڃي ٿو، جتي آئيڊيل ماڻڻ جو نالو ناهي، پر پاڻ ئي اهو آئيڊيل بڻجي وڃڻ جو نالو آهي. شروعاتي طور تي آئيڊيل هڪ ذهني خيال/خواب لڳي ٿو، هڪ اهڙو خواب جنهن جي پويان انسان سڄي عمر ڊوڙي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۾ اهو سراب تڏهن بڻجي ٿو جڏهن اسان ان کي ٻاهر ڳوليون ٿا. سسئيءَ جڏهن پنهونءَ کي هڪ مادي وجود(To have) طور ڳولهيو ته کيس جبلن جي جاڙن ۽ رڻ جي رولڙي کانسواءِ ڪجهه نه مليو.
ڏُنگَرَ! ڏَسُ پِرِيَنِ جو، قافَ! نَه ڏِيين ڪو،
قَطارِئا ڪالَ وِئا، توڏا وَٽان تو؟
ھوتُ مُئِيَ جو ھو، ڪو ساڄَنُ اُٰنَھِين ساٿَ ۾.
پر جڏهن اهو آئيڊيل سندس اندر جو حصو بڻجي ويو ته هوءَ رڳو پنهونءَ جي ڳولهيندڙ نه رهي، پر پاڻ پنهون بڻجي وئي.
سسئيءَ جو ڪردار هن مضمون جو سڀ کان وڏو گواهه آهي. جبل جون جاڙون سهڻ کانپوءِ به پنهونءَ جو نه پسڻ (نه ملڻ) ظاهري طور تي هڪ ناڪامي آهي، پر اها ناڪامي ‘To have’ جي دائري ۾ آهي.’To be’ جي دائري ۾ سسئيءَ جو اهو سفر کيس مڪمل ڪري ٿو. جيڪڏهن پنهون ملي وڃي ها ته هوءَ رڳو هڪ زال هجي ها، پر نه ملڻ کيس هڪ “عظيم جستجو” بڻائي ڇڏيو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ڏُنگَرَ! ڏُکويَنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،
گهَڻو پُڇِجي تِن کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِنءَ سَندا تَنِ، پَھَڻَ! پيرَ ڏُکوئِيين؟
هتي جبل جي پنڌ ۾ پير پٿون ٿيڻ ۽ سور سهڻ سسئيءَ کي مادي دنيا جي ڪاڻ (محتاجي) کان آزاد ڪري کيس پنهنجي آئيڊيل جي روح ۾ ضم ڪري ڇڏين ٿا.
سهڻي ۽ مارئيءَ جا آئيڊيل پڻ انسان کي “ماڻڻ” جي حد کان ٻاهر ڪڍن ٿا. سهڻي ميهار کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه، پر ميهار ۾ فنا ٿيڻ لاءِ درياءَ ۾ گهڙي ٿي. ان لاءِ گهڙي جو ٽٽڻ (مادي وجود جو خاتمو) ئي آئيڊيل تائين پهچڻ جو رستو آهي.
گهَڙو ڀَڳو ته گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِيي چُوڙو،
طالِبُ المَوليٰ مُذَڪّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
ڪوڙِھئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون مِھارُ مَنَ ۾.
مارئي وٽ وطن (ملير) هڪ اهڙو آئيڊيل آهي جيڪو کيس “بندگي” جي درجي تي پهچائي ٿو. عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي مادي آسائشن (To have) کي رد ڪري پنهنجي اصل هجڻ (To be) کي برقرار رکي ٿي.
سَھَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُنِّ،
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجههِ ٿَرَنِّ،
مارُو مانُ چَوَنِّ، تَه ھُئِي اَسانھِين آسري.
شاهه سائين جو فلسفو اهو آهي ته جيستائين انسان “پاڻ” آهي، هو آئيڊيل تائين نٿو پهچي سگهي. آئيڊيل تائين پهچڻ جو واحد رستو پنهنجي “اناego ” کي ختم ڪرڻ آهي. جڏهن انسان “مان” کان نڪري ٿو، تڏهن ئي هو حقيقي معنيٰ ۾ “آهي” (Be) ٿي وڃي ٿو.
صُورَتَ سوجهِيَمِ تِھَ جِي، پِيُّ پُڇِين ٿو جو،
سُخُنُ ناھي سو، جو مُھَ مُقابِلِ نَه ٿِيي.
نابُودِيَ نيئِي، عَبدَ کي اَعلى ڪئو،
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻِ سيئِي،
ڪَبِي اِتِ ڪيھي؟ ڳالِ پِرِيان جي ڳُجهَه جِي.
آئيڊيل صرف هڪ ذهني خيال ناهي، پر اها هڪ روحاني ڪيمياگري آهي، جيڪا انسان کي حرص ۽ هوس (To have) جي دنيا مان ڪڍي، سچائي ۽ وجود (To be) جي گس تي لڳائي ٿي. شاهه جي سورمين جو جبل جهاڳڻ، قيد ۾ رهڻ يا درياءَ ۾ گهڙڻ، ظاهري طور تي ڏک آهي، پر حقيقت ۾ اهوئي اهو مقام آهي جتي انسان پنهنجي آئيڊيل سان هڪ ٿي وڃي ٿو. آئيڊيل جي معراج اها ناهي ته “اهو مون کي ملي وڃي”، پر معراج اها آهي ته “مان اهو بڻجي وڃان.”