هيءَ هڪ انتهائي خوشيءَ جي خبر آهي ته پاڪستان پنهنجي مصنوعات کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ جتي ٻيا معاهدا ڪري رهيو آهي، اتي پاڪستان گوشت جي صنعت ۾ گڏيل عرب امارات کي گوشت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ڪيو آهي. جيئن ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. زراعت سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي به هڪ تمام وڏي منڊي موجود آهي. اهو معاهدو دي آرگينڪ ميٽ ڪمپني (TOMCL) کي منظور ٿيل سپلائر هجڻ جي اعزاز سان ٿيو آهي. ان معاهدي کي پاڪستاني ڪمپني جي تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. هن ڪمپنيءَ کي يو اي اِي جي وڏي گروپ کي سڌو سنئون گوشت سپلاءِ ڪرڻ جي منظوري ملي وئي آهي.
هن ڪمپني يو اي اِي جي ڪمپني کان آپريشنل ايڪسيلنس آڊٽ ۾ 94.89 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا آهن. هيءَ ڪمپني گڏيل عرب امارات ۾ ڪارفور سپر مارڪيٽ جي سڀني شاخن لاءِ منظور ٿيل سپلائر بڻجي وئي آهي. پاڪستان جتي تمام گهڻيون مصنوعات ٻاهران گهرائي استعمال ڪري ٿو، جنهن تي اسان جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو ۽ ان لاءِ اسان کي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو پوي ٿو.
اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو يو اي اِي سان هي معاهدو هڪ وڏي ڪاميابي آهي. پاڪستان چين کي به گوشت جي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ تجارتي معاهدا ڪري چڪو آهي. چين ۾ هن وقت گوشت جي وڌندڙ گهرج کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان هڪ وڏو سپلائر سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان چين ۾ گوشت کي برآمد ڪرڻ لاءِ سخت فوڊ سيفٽي ۽ ٻين معيارن کي پورو ڪرڻ تي عمل ڪندو آهي.
هاڻي گڏيل عرب امارات ۾ به گوشت جي گهرج جي وڌڻ سان هي معاهدو پاڪستان جي لاءِ نوان رستا کولي رهيو آهي. پاڪستان ۾ گوشت جي گهريلو گهرج به ڪافي وڌي وئي آهي. ملڪ جي وڏي آبادي هجڻ سبب هيءَ صنعت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي هاڻي پيداواري صلاحيتن ۾ پاڻڀري ٿي چڪي آهي.
نه صرف ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي، پر ٻاهرين ملڪن ڏانهن به گوشت اماڻي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جيئن ته عرب امارات هڪ اهڙي منڊي آهي، جتي فوڊ سيفٽي جي معيارن کي پورو ڪرڻ لاءِ شرط تمام سخت آهن. ڪجهه وقت اڳ ڪنٽينرن ۾ فوڊ سيفٽيءَ جون پابنديون نه ڪرڻ جي ڪري ڪجهه مسئلا ٿي پيا هئا ۽ پاڪستان جي گوشت واري سپلاءِ تي پابنديون به لڳيون هيون.
ڇو ته پاڪستان جي گوشت جي صنعت کي ڪيترين ئي رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو معيار کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو فقدان آهي، جديد ذبح خانن ۽ پراسيسنگ مشينن جي کوٽ يا گهٽ استعمال سبب اهي مسئلا پيدا ٿيا هئا. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪڏهن غير قانوني واپار جون خبرون به عام ٿي وڃن ٿيون جنهن ۾ گڏهن جي گوشت جي واپار جي باري ۾ مختلف واقعا سامهون اچن ٿا، جنهن سان ملڪ جي واپاري ساک کي نقصان پهچي ٿو.
حڪومت کي انهن سڀني مسئلن کي ڏسڻو پوندو ۽ ڪوالٽي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ انتهائي سخت قدم کڻڻ لاءِ فوڊ سيفٽي جي ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو. في الحال ته اهو معاهدو دي آرگينڪ ميٽ ڪمپني لميٽيڊ (TOMCL) کي مليو آهي، پر ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ٻيون ڪمپنيون به ان ميدان ۾ اچڻ گهرجن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ملڪ ۾ اندروني طور فوڊ سيفٽي جي انتظامن جو خيال رکيو ويندو.
اسان جي ملڪ ۾ صوبائي سطح تي فوڊ ڪنٽرول اٿارٽيون کاڌي پيتي جي شين جي ڪوالٽي کي بين الاقوامي معيارن تي تيار ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي مجبور ڪنديون ته واپارين جي اڻ سڌي طرح تربيت ٿيندي جنهن سان ننڍا ننڍا ڪاروباري ماڻهو تربيت حاصل ڪري ان ڪاروبار ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهندا ۽ ملڪ کي فائدو رسائي سگهندا.
هن ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بين الاقوامي معيارن جو خيال رکي شيون تيار ڪيون وڃن. ڪوبه ڪاروباري شخص جيڪڏهن پنهنجو ڪو برانڊ تيار ڪرڻ چاهي ٿو ته ان ۾ نه صرف ڪچي گوشت، پر تيار ٿيل شيون جهڙوڪ: ڪباب، نگيٽس يا ساسيج جو ڪاروبار به ڪري سگهي ٿو. ان جي لاءِ ضروري آهي ته پهرين مقامي سطح تي ننڍين ريسٽورانٽن، هوٽلن يا ڪينٽنن سان رابطي ۾ اچي اهو ڪاروبار ڪيو وڃي.
جڏهن اهو ڪاروبار مقامي سطح تي مضبوط ٿي وڃي ته پوءِ بين الاقوامي مقابلي ۾ به شامل ٿي سگهجي ٿو. ڪاروبار جي لاءِ ايمانداري ۽ سچائي پهريون شرط آهي. مطلب ته جانور صحتمند هجڻ گهرجن، بيمار جانورن جو گوشت هرگز استعمال نه ڪيو وڃي. ان کان علاوه ذبح ڪرڻ جو عمل صاف سٿري صحتمند جڳهه تي ٿيڻ گهرجي جتي ڪنهن به قسم جي گندگيءَ جو انديشو نه هجڻ گهرجي. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي جانور اسلامي ملڪن ڏانهن اماڻڻ لاءِ حلال اصولن مطابق ذبح ٿيل هجڻ گهرجن. گوشت هڪ اهڙي پروڊڪٽ آهي جنهن جي ذريعي ڪيتريون ئي بيمارين به پکڙجي سگهن ٿيون ۽ هي صحت بخش غذا به ثابت ٿي سگهي ٿو.
ان لاءِ ضروري آهي ته ڪاروباري شخص جانور ذبح ٿيڻ کان وٺي اسٽور ڪرڻ تائين مناسب ٿڌي جڳهه جو بندوبست ڪري ته جيئن گوشت خراب نه ٿئي. هن صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي ته مقامي طور تي ڪم ڪرڻ واري صنعت ۾ جيڪي برانڊس پنهنجي پيداوار مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا انهن کي مستقبل جي لاءِ پرڏيهي ڪاروبار جي ٽريننگ ڏيئي تيار ڪيو وڃي. جيئن دي آرگينڪ ميٽ ڪمپني لميٽيڊ هن معاهدي کي حاصل ڪري بين الاقوامي منڊين ۾ پروڊڪٽ اماڻي نالو ڪمايو آهي ايئن ٻيون به ڪيتريون ئي ڪمپنيون هن ڊوڙ ۾ شامل ٿي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿيون.