عورت جو قتلِ عام ۽ گهريلو تشدد هاڻي ڪا نئين خبر يا ڳالهه نه رهي آهي. روزانو اخبارن ۾، سوشل ميڊيا تي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلنديون رهن ٿيون ته پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سندن مائٽن قتل ڪري ڇڏيو، سئوٽ سان شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي سئوٽ ڇوڪريءَ کي ننڊ ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
هينئر تازو نوشهروفيروز ۾ هڪ عورت کي سندس پيءُ ۽ چاچي صرف ان ڪري گهريلو تشدد جو نشانو بڻائي سندس ٽنگون ٽوڙي ڇڏيون جو هن پنهنجي مڙس کان پنهنجن ٻارن جو خرچ وٺڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. سندس گهر وارن کي اها ڳالهه اهڙي ته بيعزتي واري لڳي ته سندن گهر جي ڇوڪري پنهنجو حق وٺڻ لاءِ عدالت جو رخ ڪيئن ڪندي ۽ کيس اهڙي سزا ڏني وئي جو هوءَ هينئر هلڻ جي قابل نه رهي آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. اهڙا ڪيترائي ڪيس روزاني جي بنياد تي يا ان کان به وڌيڪ ڇرڪائيندڙ واقعا جن ۾ عورت کي مختلف طريقن سان تشدد ڪري جيئري ئي جهنم جهڙي زندگي ڏني ويندي آهي يا وري کانئس جيئڻ جو حق ئي کسيو ويندو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته عورت جي حقن جي لاءِ ڪيترائي قانون صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ٺهيل آهن ۽ ڪيترائي ادارا جيڪي انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ عورتن لاءِ آواز اٿارين ٿا ڪم ڪري رهيا آهن پر عورت ڏينهون ڏينهن ظلم جو وڌ کان وڌ شڪار ٿي رهي آهي. ائين به ناهي ته عورت جي حقن جي لاءِ قانون سازي نه ڪئي وئي آهي، پر انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ وارا ادارا جن ۾ پهرين ته پوليس اچي ٿي جنهن کي ايف آءِ آر درج ڪرڻي هوندي آهي، اها ايف آءِ آر ۾ ايترا ته جهول ڇڏي ٿي جو ڏوهه ڪندڙ کي ان جو فائدو ملي ٿو ۽ مظلوم عورت کي آخر ۾ ظالم سان ٺاهه ڪرڻو پوي ٿو. فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ به ايئن ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته کين ٺاهه جي لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. سماجي ترقيءَ جي باوجود صدين کان عورت تي ظلم ٿي رهيو آهي، ان مٿان ذهني تشدد، جسماني تشدد ۽ ان جي زندگي ختم ڪرڻ وارو ظلم اڃان برقرار آهي. ساڃاهه وند دنيا هن وقت عورت ۽ مرد کي هڪ جيترو اختيار ڏئي معاشري جو فرد سمجهي ٿي. سبب اهو آهي ته اتي تعليم، قانون ٻنهي صنفن کي انسان سمجهي معاشري ۾ هڪ جيترا موقعا ڏئي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته اهي ملڪ ترقي ڪري اسان کان ٻه سئو سالن جي سفر جو مفاصلو اڳ ۾ طئي ڪري چڪا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو معاشرو جتي عورت کي ماءُ ۽ ڀيڻ جي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ نياڻي کي ست قرآن سمجهيو ويندو هو اتي اڄ عورت کي ڏينهون ڏينهن نفرت ۽ تشدد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري معاشرو پستيءَ جو شڪار ٿي ڏينهون ڏينهن پٺتي پئجي رهيو آهي. ڇو ته عورت جيڪا ماءُ به آهي، ڀيڻ به آهي ۽ ڌيءَ به آهي ان کي پنهنجي ئي خاندان ۾ پنهنجي زندگيءَ جي تحفظ جو يقين نه آهي. بدقسمتي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ جهالت تمام گهڻي آهي. هنن علائقن ۾ صرف طاقت جو قانون هلي ٿو. جنهن ۾ اسان جو ملڪ لڳي ٿو ته پهرين صف ۾ بيٺل آهي. جتي عورت کي انسان نٿو سمجهيو وڃي، انهيءَ کي ملڪيت تصور ڪيو ٿو وڃي. جنهن وقت وڻي ان کي ماري تشدد جو نشانو بڻائي يا ڪنهن دشمن جي حوالي ڪري سڱ چٽيءَ ۾ ڏئي پنهنجا فيصلا نبيري سگهجن ٿا. ڄڻ عورت انسان نه، پر هڪ جانور آهي، جنهن جو مالڪ مرد آهي. هاڻي جتي تعليم نه هجڻ جي برابر هجي ۽ جيڪڏهن هجي تڏهن به جهالت وارين رسمن جي اثر هيٺ هجي ته پوءِ ان سماج ۾ وحشت جو اظهار طاقت ذريعي ڪمزور تي ٿيندو ۽ اسان جي سماج ۾ عورت هن ترقي يافته دور ۾ به تمام گهڻي ڪمزور آهي ۽ کيس معاشري ۾ مختلف روپن ۾ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن جي جسماني ساخت کي ان جي ڪمزوري سمجهيو ويو آهي، قانون ان کي ڪيترين ئي جاين تي تحفظ نٿو ڏئي، پر جيئن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن کي عورت جي خلاف ئي استعمال ڪن ٿا ته عورت ان قانون جي هجڻ جو ڪوبه فائدو حاصل نٿي ڪري سگهي ۽ گهڻو ڪري ته سندس اڻ پڙهيل پسمنظر جي ڪري کيس انهن قانونن جي ڄاڻ ئي حاصل ڪونهي. ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ پڻ کيس جڪڙي ڪمزور ڪيو ويو آهي. معاشي طور کيس موقعا نه ملڻ جي ڪري سندس هٿ ۾ وڻج واپار ۽ پئسي جي ڏيتي ڏيتي جي نه هجڻ سبب پڻ سندس ڪمزور حيثيت ۾ اضافو ٿيو آهي.
جڏهن کان اسان جون نياڻيون تعليم جي زيور سان آراسته ٿي رهيون آهن ته انهن تي ڪنهن حد تائين ٿيندڙ ظلم ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي، پر جتي اسان جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت جي بيحسي ۽ ڪمزور پاليسين جي ڪري کيس تعليم جهڙي زيور کان اڃان تائين محروم رکيو ويو آهي اتي عورت جي زندگي عذاب بڻيل آهي. ايستائين جو شادي جهڙو اهم فيصلو ڪرڻ ۾ پڻ کيس پابند ڪيو ٿو وڃي ته هوءَ پنهنجي وارثن جي مرضيءَ کانسواءِ اهو حق استعمال ڪري نه سگهندي. انهن وارثن ۾ سندس پيءُ، سندس ڀائر، سندس چاچا ۽ ماما ايستائين جو سندس پٽ پڻ کيس هر طرح سان ڪمزور ڪرڻ ۽ سندس حق کسڻ ۾ شامل آهن. ڪڏهن کيس شادي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن کيس وقت تي ماني نه پچائڻ جي ڏوهه ۾ ته ڪڏهن کيس ٻوڙ ۾ وڌيڪ لوڻ وجهڻ جي ڪري ته ڪڏهن وري کيس ڪنهن مرد کي اک کڻي ڏسڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ٿو وڃي. عورت جي تحفظ جي ذميداري رياست ۽ حڪومتن جي آهي ۽ آئين ۾ مليل حق کيس صرف ان وقت ئي ملي سگهن ٿا جڏهن عورت سگهاري ٿيندي، تعيلم يافته ٿيندي ۽ باشعور ٿيندي.