عوام جيڪو حڪومتون ٺاهي ٿو حڪومتون چونڊي ٿو اهو جڏهن پنهنجي وسيلن جي اختياري جي لاءِ پنهنجي آئيني حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ متحد ٿئي ٿو، آئين جي حدن ۾ رهي، قانون جي حدن ۾ رهي پنهنجي احتجاج جو حق استعمال ڪري ٿو ۽ جڏهن لکين ماڻهو سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچن ٿا ته اهو ممڪن ناهي ته انهن جو آواز ايوانن اندر نه گونججي ۽ ان جي آواز کي ڪن لاٽار ڪري ٽاريو وڃي. سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڇهه نوان ڪئنال جن کي سي سي آءِ ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف نيشنل اڪانامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) ۾ پيش ڪري منظوري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جنهن جي خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج هئي. ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين هر واهڻ وستيءَ ۾ 17 نومبر تي ريليون، جلسا، احتجاج ڪيا ويا، مگر پرامن ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو نڪتل جلوس جيڪو پريس ڪلب ڪراچي تي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي ذريعي وفاق کي پيغام ڏنو ويو ته سنڌ جي عورت پنهنجي حقن، وسيلن کان غافل نه آهي، ڪنهن به نموني سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن تي خاموش نه رهندي.
انهيءَ سلسلي جي تمام وڏي ريلي ايس يو پي طرفان سڪرنڊ کان ڪڍي وئي جيڪا قاضي احمد کان ٿيندي آمري پل ڪراس ڪري انڊس هاءِ وي وٽان ڄامشوري کان حيدرآباد پهتي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ موٽرسائيڪلون، ڪارون ۽ ويگنون شامل هيون، اها ريلي نسيم نگر چوڪ حيدرآباد پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو. سکر ۾ هڪ وڏو احتجاج پڻ ٿيو اهڙائي احتجاج لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ٿيندي نظر آيا. انهن احتجاجن جي خوبصورتي اها هئي ته ڪنهن به جاءِ تي ڪنهن کي به هڪ پٿر به نه لڳو، روڊ تي هڪ ٽائر نه سڙيو، نه دڪاندار پريشان ٿيا، نه روڊ تي گذرندڙ ٽريفڪ ۾ خلل پيو، پرامن ريليون، پرامن احتجاج، پرامن جلسا، پرامن نعرا هڪ مضبوط ۽ طاقتور آواز بڻجي ميڊيا جي زينت بڻيا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن واضح طور تي انهن منصوبن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، اها آهي ڪاميابيءَ جي شروعات جيڪا سنڌ جي باشعور عوام جي حصي ۾ آئي آهي جن پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي پنهنجي آواز کي ايوانن تائين پهچايو آهي. هتي هڪ ٻي ڳالهه ڪريون ته انهن احتجاجن ۾ سفيد پوش، مڊل ڪلاس ۽ عام ماڻهو جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهيا هئا اهڙا به ماڻهو موجود هئا جن وٽ شايد هڪ ويسو زمين جو به نه هجي، پر اهي پوري سنڌ کي پنهنجو سمجهي سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪري رهيا هئا، پر ڪٿي به ڪو جاگيردار يا نالي وارو وڏيرو يا زميندار نظر نه آيو. شايد اهي ننڊ ۾ ستل آهن جو کين احساس ناهي ته پاڻي جي ضرورت سڀ کان وڌيڪ انهن جي زمينن کي آهي يا شايد بيوقوف آهن جو کين نقصان جو انديشو نه آهي يا وري شايد تمام گهڻا چالاڪ آهن جو هو سمجهن ٿا ته سنڌي عوام جي احتجاج ۾ سنڌ دشمن پاڻيءَ جا منصوبا رد ٿيندا ۽ سندن زمينن کي پاڻي مهيا ٿيندو رهندو، پر سندن منافقي واضح ٿي وئي آهي.
ايڪنڪ جي رٿيل اجلاس جي ايجنڊا تي آيل هن منصوبي کي وقتي طور تي ايڪنڪ ميٽنگ جي ايجنڊا مان خارج ڪيو ويو آهي، اهو هڪ سٺو سنئوڻ آهي. اها سنڌ جي عوام جي آواز جي گونج آهي، جن طاقتور ڌرين کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو مجبور ڪيو جو هو وقتي طور تي ئي سهي انهيءَ منصوبي کي ايڪنڪ مان منظور نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪاميابيءَ جي شروعات آهي. يقينن سنڌ جو عوام انهيءَ وقتي ڪاميابيءَ تي خاموش ٿي نه ويهندو ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکندو جيستائين اهو منصوبو ڪالا باغ ڊيم وانگر رد نه ٿي وڃي. هميشه وڏا منصوبا جن ۾ سڀني صوبن جو مفاد شامل هوندو آهي اهي (سي سي آءِ) ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ مان منظور ڪيا ويندا آهن، پر هن منصوبي کي (سي سي آءِ) ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، پر سنڌ جي عوام جي جدوجهد رنگ لاتو آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار تي سنڌ جي عوام جو دٻاءُ آهي جيڪي يقينن هاڻي چاهيندي نه چاهيندي کين انهيءَ منصوبي کي رد ڪرائڻو پوندو، ڇو ته وفاق جي سرڪار ۾ هڪ وڏي اتحادي جماعت جي صورت ۾ پيپلز پارٽي ويٺل آهي ۽ پيپلز پارٽي کي اها خبر آهي ته سنڌ سندن جاگير نه، پر عوام جي امانت آهي، عوام کين ووٽ ڏئي حڪومت جو اختيار ڏئي ايوانن ۾ موڪليو آهي ته جيئن هو سندن حقن جي حفاظت ڪري سگهي نه ڪي سندن حق ٻين جي حوالي ڪري. سنڌ جي عوام جي پرامن جدوجهد کي سلام پيش ڪندي کين اهو ضرور چئون ٿا ته مڪمل ڪاميابيءَ تائين خاموش نه ويهبو ۽ پيپلز پارٽي کا مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي آئيني حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪريو.