آمريڪا جي چونڊن ۾ ڊولڊ ٽرمپ سوڀ ماڻي ورتي، جنهن کانپوءِ ان جي حامي ملڪن کيس صدر ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون. هتان باني پي ٽي آءِ عمران خان ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته منهنجي باري ۾ ٽرمپ نيوٽرل رهندو، منهنجي آزادي آمريڪا نه پاڪستان ۾ عمل ۾ ايندي. اڊيالا جيل ۾ صحافين ۽ وڪيلن سان ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته باجوه جي مدي ۾ واڌ ۽ ڪمزور اتحادي حڪومت قبول ڪرڻ منهنجون غلطيون هيون، مون کي اميد آهي ته ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ نيوٽرل رهندو، هو اڳوڻي صدر جو بائيڊن وانگر نه ٿيندو، حسين حقاني کي استعمال ڪري منهنجي خلاف لابي ٺاهي وئي ۽ هن ان تي يقين ڪيو، منهنجي آزادي وارو معاملو آمريڪا مان نه پاڪستان ۾ ئي مڪمل ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ صرف چونڊن سان جمهوريت ناهي ايندي، حقيقي جمهوريت لاءِ صاف شفاف چونڊون آزاد عدليه قانون جي بالادستي ۽ احتساب جو هجڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ چونڊن جو ڍونگ ته ڊڪٽيٽر به رچائيندا آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي ويجهن ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ٽرمپ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ عمران خان جي آزادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڇو ته عمران خان ماضيءَ ۾ به ٽرمپ جي ويجهو رهيو آهي. ٽرمپ ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجڻ کان هڪ ڏينهن اڳ چيو هو ته پاڪستان ۾ عمران خان کانسواءِ ڪنهن کي نٿو سڃاڻا،ن ان کي آزاد ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندس، هو هڪ سچو ليڊر آهي. حامد مير موجب ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ مسلم ڪارڊ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستانين کي عمران خان جون تصويرون ڏيکاري انهن کان ووٽ ورتو. هوڏانهن وفاقي حڪومت جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن، نئين حڪومت اچڻ سان لاڳاپن تي اثر نه پوندو، ٽرمپ جي فون تي به عمران کي نه ڇڏيو ويندو. بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اهو نٿو ٿي سگهي ته ٽرمپ جي ڪال اچي ۽ عمران سندن حوالي ڪري ڇڏيون. ڪجهه ماڻهو چون ٿا آمريڪا مان ڪال اچڻ جي دير آهي، پوءِ باني کي سندن حوالي ڪيو ويندو، پاڪستان انڪار جي جرئت نٿو ڪري سگهي. خواجه آصف چيو ته آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، اسان کي نٿو لڳي ته ٽرمپ پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ چوندو، جيڪي سمجهن ٿا ته پاڪستان انڪار جي جرئت نٿو ڪري سگهي اهي ٻڌي ڇڏين ته نواز شريف کي ڪال سان گڏ 5 ارب ڊالرز جي آڇ به ٿي هئي، پر انڪار ڪيو ۽ ايٽمي ڌماڪو ڪري ڏيکاريو، جنرل پرويز مشرف کي ڪال آئي ته ليٽي پيو ۽ جيڪو حڪم مليو، اُن کان وڌيڪ تي به راضي ٿي ويو، هينئر اهڙا بيان ڏيندڙ انڪار تي نواز شريف ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي پرويز مشرف سان گڏ ٿي ويا هئا. هن چيو ته توهان به پنهنجي ادائن کي ڏسو، اسان ڪجهه چونداسين ته شڪايتون ٿينديون، وفاقي وزير چيو ته آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ٿينديون ۽ گڏ هلنداسين، پر جتي ضرورت پوندي اُتي اختلاف به ڪيو ويندو. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا ۾ نئين حڪومت اچڻ سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي ڪوبه اثر نه پوندو. پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا اندروني مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن. ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن. پاڪستان غزه ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جو حامي آهي.