بلاگنئون

ايراني تڪرار جو نبيرو ضروري آهي

زميني حقيقتن کي ڏسجي ته ايراني – پاڪستاني ڏي وٺ وارن حملن هڪ سفارتي تڪرار کي جنم ڏنو آهي ٻيو ڪجھه به ناهي، ان ڪري پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير هڪدم واپس گهرائي ورتو ۽ هڪ تمام اعليٰ سطحي دورو معطل ڪري ڇڏيو، جنهن خطي جي سياست کي هڪ نئون مذهبي رخ ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڪري ته جيترا ايران ۽ سعودي مسلڪ جي حوالي سان هڪٻئي جا مخالف هئا هاڻي لڳي ٿو بلوچن جي ڳالھه وچ ۾ آڻي سيستان جي حوالي سان به اهي ئي ڳالهيون هلنديون جيڪي افغان ۽ ڀارتي نسلن سان تعصب جي بنياد تي روا هيون. سي آءِ اي، موساد ۽ را، ڄڻ هڪ نئين رخ کي جنم ڏنو آهي ته جتي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ لساني ۽ مذهبي منافرت وڌندي ٿي رهي اتي ايران جهڙي ايٽمي طاقت کي به اهڙيون ئي لساني ۽ مذهبي گروهن واريون سياستون منهن چاڙهجن ته جيئن ٻيو نه ته بلوچن جو ڀلو ٿي پئي يا وڙهن سانهه ۽ لتاڙجن ٻوڙا، پي هيل انهن ٻوڙن جو ڀلو نه ٿي پئي جو اهي بلوچ قبيلا جيڪي پاڪستاني اسٽيٽ جي ٻه چاپڙائپ مان تنگ آهن اهي ايران سان به ائين هلن يا ايران به انهن کي ائين ڊيل ڪري جيئن پاڪستان ڏسي پيو يا هڪ بارڊر جي ٽينشن جو هڪ ٻيو باب کلي ويو، هونءِ پاڪستان هڪ اهڙي بيڪار بارڊرن جي ٽينشنن ۾ ڦاٿل آهي جتان تاقيامت ڇٽي نه سگهندو. ان ڪري ته لساني، مذهبي سياسي ۽ خطي جي گروهي سياست ۽ ڦڏي مان جان ڇڏائڻ مشڪل آهي. جتي خبر نه ٿي پئي ته ٿيندو ڇا؟ يا هڪڙي مصيبت اها به آهي ته جڏهن به ڪا آءِ ايم ايف جي ڊالرن جي کيپ ملڪ ۾ اچي ٿي ته بارڊرن جي ڪا نه ڪا ڳالهھ ڇڙي ٿي پئي ۽ آءِ ايم ايف جا هڪ هٿ ۾ ڏنل پيسا وري ٻئي هٿ سان واپس ٿي ٿا وڃن. ان ڪري ته بارڊرن جي ٽينشن ۾ ايترو ته مسئلو ٿي ٿو پئي جو هٿيار ٻاهرين ملڪن کان وٺڻا ٿا پون يا سوال اهو به اڀري ٿو ته آمريڪا هن خطي ۾ 700 ملين ڊالرن جا جيڪي هٿيار کپائي ٿو اهي ڏئي ڪنهن کي ٿو؟ يا ايشيا ۾ سڀ کان وڏو امپورٽر ڪير آهي جيڪو سي آءِ اي جي هٿيارن کي هٿي ٿو ڏئي؟ يا ڪير آهي جيڪو انسانن کي جهرڪيون ۽ ڪٻريون سمجهي يا جانور سمجهي انهن هٿيارن سان نشانو بڻائيندو به هجي؟ يا اهو سوال ڪرڻ ئي بيڪار آهي ان ڪري بس اهو سمجهون ته جيترا ڀارتي، افغاني دشمن آهن اتي ايران به ٿي پوندو، پر ايران جا سفير ۽ ايراني پاليسي ان ڳالهھ ۾ معصوم آهن ته انهن جي ڪا به حرفت سي آءِ اي، موساد، را يا ايم آءِ فائيو ۽ ايم آءِ سڪس جهڙي ناهي هوندي. اهي امن پسند آهن ان ڪري ته 2022 ۾ انهن ايران ۽ پاڪستان بارڊر تي بزنس ڪاريڊور به کوليو اها ٻي ڳالھه آهي ته اها ڳالھه آمريڪي ۽ سي آءِ اي جي ايجنٽن کي نه وڻي هوندي.
2015 ۾ يو اين او جي هڪ سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ سعودي حڪامن ان ڳالهھ تي اعتراض واريو هو ته ايران جي ايٽمي پروگرام کي بند ڪيو وڃي ان ڪري ته ان سان خطي ۾ امن بحال نه ڪري سگهبو، خطي ۾ مذهبي منافري وڌي ويندي، پر ايران ان ڳالھه تي خاموشي ڌري ويٺو هو. آخر ٽرمپ جي 2018 جي دور جڏهن ساڳي يو اين او جي سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي ته ٽرمپ ايران تي يو اين او جون لڳل پابنديون هٽائي ڇڏيون. جنهن تي ايرانين تان “گاھه کائڻ واري ڳالھه” جهڪي ٿي، انهن جا پر کليا ۽ انهن خطي ۾ ڪاروبار جي ڏي وٺ شروع ڪئي، انهن تان انٽرنيشنل پابنديون به جهڪيون ڪيون ويون، پر هاڻي ڳڻتي ۽ سوال اهو به آهي ته ڀارت انهن 15 عارضي ميمبرن جي لاءِ يو اين او کي درخواست ڏني آهي ته ڀارت کي سيڪيورٽي ڪائونسل جو عارضي ميمبر ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري جي20 جي ميٽنگ جيڪا آڪٽوبر2023 ۾ ڀارت ۾ ڪوٺائي وئي، پر اها ڳالھه ممڪن ناهي ان ڪري ته ان ميمبرشپ جي لاءِ جرمني ۽ جاپان اڳواٽ درخواست کڻي بيٺا آهن ۽ هن ڀيري انهن کي وارو ملندو، پر ڳالھه آمريڪا ۽ سي آءِ اي جي سڄڻائپ جي به آهي ته اهي جي ڀارت کي اڳتي ڪري ويهندا ته جيئن ڀارت نارٿ ڪوريا ۽ پاڪستان تي پابندين جي ڳالهھ ڪري وجهي. ان ڪري ته سموري صورتحال دنيا جي سامهون به آهي ته هن ايٽمي طاقت واري ملڪ تي ڪڏهن چمن بارڊر تان افغان هلان ٿا ڪن، ته ڪڏهن خضدار مان ويهي بم ٿا ڪيرائن، ته ڪڏهن آمريڪا جا دانُ ڪيل هٿيار کڻي پاڪستان تي اڀا ٿا ڪن، ته ڪڏهن ايران مان سيستان جا بلوچ دير ئي نه ٿا ڪن، ۽ بمن گولن جا منهن پاڪستان تي ڪري بيهي ٿا رهن. جنهن ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ تي سوال ٿا اٿن ته آخر هن ملڪ جي سيڪيورٽي جو حال ڇا ٿيندو يا آءِ ايم ايف جڏهن به پيسا موڪليندو اهي ڦٽاڪن جي دونهين جي نظر ٿي ويندا ۽ خطي جي بدنامي الڳ؟.
پاڪستان تي حملن جون ايران کان ڀلي فورن وضاحتون طلب ڪيون وڃن يا بدلي ۾ ايران به اهو سمجهي ته اهي به پنهنجي ڏکڻ اولهھ واري سامونڊي ڪناري تي وڏي پيماني تي جنگي مشقون ڪن، جنهن ۾ هوائي فوج، بحري فوج ۽ زميني فوجي تربيتون شامل هجن، جيڪو اسرائيل جو ساھه منجهائي ٿو رکي، پر سوال اهو به آهي ته مسلمانن جا بم گولا مسلمانن جي لاءِ ڇو؟ خطرو ته عيسائي ملڪن کي هجڻ گهرجي، خطرو ته يهودي ماڻهن کي ٿيڻ کپي. ان ڪري ته مسلمان ملڪن جو پهريون ۽ اولين دفاع اسلام جي نالي سان منسوب آهي ۽ هوندو، پر هتي ته انهن بمن گولن جي ڪري پهرين خطرو آهي ئي مسلمانن کي. سلطنتِ عثمانيا جي دور ۾ مسلمان سڀ جا سڀ محفوظ هئا، اهي پاڻ هڪٻئي تي حملا نه ڪندا هئا، نه ئي ان ٽائيم تي ڪا سُني ۽ شيعا اسٽيٽ به هئي، پر هاڻي اسلام جي ظهور ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي يا فرق واضح ٿي ويا آهن. بارڊر ٽپون ٿا ته مذهب رنگ مٽائي ٿو وڃي. آخر اهڙي ڪهڙي آلجبرا آهي جيڪا اسان جي سمجھه ۾ نه ٿي اچي. اسان ان مذهبي فلسفن کي سمجهڻ کان قاصر آهيون يا اها ڳالهھ تاقيامت سمجھه ۾ نه ايندي ته مسلمان مسلمان جو دشمن ڇو آهي؟ پر اهي سڀ عيسائي ۽ يهودي سازشون آهن جيڪي مسلمانن کي ويڙهائن ٿيون يا اسان ۾ ئي ڪي ڪاريون رڍون آهن جن جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي. سي آءِ اي جا ڌنڌا شروع کان ئي اهي هئا، ان ڪري جڏهن سرد جنگون شروع ٿيون ۽ روس کي ٽوڙي اختتام پذير ٿي ويون ته آمريڪا ساھه پٽيو. وري پوسٽ سرد جنگيون، اڪاناميڪل وارز ۽ بايولاجيڪل وارز مان جان ڇڏائڻ مشڪل ترين ڪم ٿي پيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ مسلمان ملڪن کي سمجھه ۾ نه ايندو. اهي سڀ مسلمان ملڪ آمريڪا کي دشمن سمجهي به دوست سڏيندا، پر آمريڪا جو ڪم رڳو اهو آهي ته چور کي چئي چوري ڪر ۽ ڀاڳين کي چئي ته هوشيار ٿجو چور ٿا اچنوَ.
ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ايران ۽ پاڪستان جي ٻنهي هم منصبن سان ملاقاتون بعد ۾ وري اها ڳالهھ ته ڪوبه ملڪ وڌيڪ تڪرار وڌائڻ نه چاهيندو. يا هندوستان جو اهو چوڻ ته دهشتگردي جي خلاف ڀارتي رواداري زيرو پرسنٽ آهي، ڀلي اهو حملو ايران ۽ پاڪستان جي وچ وارو معاملو هجي. وري چين ٻنهي قومن تي زور ڀريو ته هو تحمل کان ڪم وٺن، ۽ يورپي يونين جي اها ڳالھه ته اها وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر پرتشدد ڳالهھ آهي جنهن تي انهن کي سخت ڳڻتي آهي. يو ايس اي جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان “ميٽ ملر” جي ڳالھه به ٻڌڻ جهڙي آهي ته اها ڀڙڪندڙ باھه هرطرح سان غزه سان جڙيل آهي، پر پاڻ جيڪو ڪن پيا اها دنيا نه ٿي ڏسي ته آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري 17 ڊسمبر 2023 تي اسرائيل کي 147 ملين ڊالرن جا هٿيار منظور ڪرائي ڏنا ته هو فلسطين ۽ يمن جي چوڌاري جتي جتي هوثي گروھن جا ٺڪاڻا آهن انهن تي حملا ڪري ۽ انهن جي خلاف آپريشن تيز ڪري. ان ڪري اسرائيل، برطانيا ۽ آمريڪا سڀ جا سڀ ان ڳالهھ تي هڪ آهن ته هوثي جتي به هوندا نشانو بڻايا ويندا. وري بدلي ۾ يمن به اسرائيل ڏي ايندڙ امپورٽس جا سڀ سامونڊي لنگھه بند ڪري ڇڏيا ۽ اسرائيل، برطانيا ۽ آمريڪا جا وات پٽرائي ڇڏيا. ان ڪري ڳالهھ واضح آهي ته ٽين پوسٽ سرد جنگ جيڪا هٿياربند ٿي وئي آهي سا شروع ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ سڀ جا سڀ طاقتور ملڪ غريب ۽ لاچار ملڪن تي حملا آور آهن. ڪي ملڪ جنگي سامان مهيا ٿا ڪن ته ڪي پاڻ جنگ ۾ لٿل آهن، پر ان جاءِ تي جي چين، روس ۽ فرانس به لهي پيا يا انهن رڳو سکڻا اعلان به ڪيا ته اهي هاڻي آمريڪا مخالف ٿي بيهندا ته سمجهو ته ٽين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويندي، پر اهو ان ڪري ممڪن ناهي ته انهن مان ڪو به ملڪ مسلمان ناهي ۽ سڀ جا سڀ غيرمسلم ملڪ هڪ آهن. پر تڪليف اها آهي ته ڪو به مسلمان ملڪ پنهنجي پاڙيسريءَ سان هڪ يا ٻِٽُ ناهي. ان ڪري غيرمسلم ملڪن کي وارو ملي ويو آهي ته اهي ايستائين هڪ لاجيڪل ۽ فزيڪل بلاڪ ۾ پاڻ سان ٻڌل هوندا جيستائين مسلمان هڪٻئي جا دشمن هوندا.