بلاگنئون

نوجوانن جو مستقبل رياست جي هٿن ۾ آهي

ملڪ ۾ نوجوانن جو انگ ملڪ جي ڪل آبادي جو 64 سيڪڙو آهي، اهي انگ اکر اقوام متحده جي اداري يو اين ڊي پي به پنهنجي سروي ۾ ڏنا آهن. پاڪستان دنيا جي اهڙن خوش قسمت ملڪن مان آهي، جنهن جي آبادي جو ٻه ڀاڱي 3 حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انهن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهي سڀ نوجوان جن مان گهڻن جي عمر 30 سالن کان به گهٽ آهي، اها نوجوان آبادي ملڪ جي معيشت ۽ معاشري لاءِ طاقت جي هڪ ممڪن ذريعي کي ظاهر ڪري ٿي، پر بدقسمتي سان اسانجي ملڪ ۾ اها آبادي مايوسي جو شڪار آهي، جو انهن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا جوڳا موقعا پيدا نه ڪيا ويا آهن. اسان جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جون وفاقي ۽ صوبائي وزارتون لڳي ٿو گهري ننڊ ۾ ستل رهيون آهن، نه ته ڪنهن به ملڪ ۾ منصوبابندي ۽ ترقي جو پروگرام آبادي جي تعداد ۽ تناسب جي حساب سان ڪيو ويندو آهي. لڳي ٿو اسانجو سفر بنا انگن اکرن ۽ بنا منصوبابندي جي آهي. جڏهن حساب ڪتاب ئي نه هوندو ۽ اڳواٽ منصوبابندي نه هوندي ته پوءِ اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو جن سان اسانجو ملڪ اڄ ڪلهه منهن ڏئي رهيو آهي. هڪ طرف 64 سيڪڙو آبادي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصيداري لاءِ تيار آهي، ته ٻئي طرف اسانجو نظام انهن جي جديد دور جي حساب سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪمپيوٽر ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ڪابه مدد نه ڪري رهيو آهي. حد اها آهي جو اسان جو رواجي صنعتي ۽ زرعي نظام به ايتري طاقت نه ٿو رکي، جو انهن سڀني ماڻهن کي روزگار ڏئي ۽ انهن کي ملڪ جي ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪري. اها ناڪامي آهي جنهن جو اسان جي حڪمران ڌرين کي اعتراف ڪرڻو پوندو ته هيستائين اسين پنهنجي ملڪ کي بنا ڪنهن منصوبابندي جي هلائيندا رهيا آهيون. سال 2024 ۾ دنيا ترقيءَ ۾ الائجي ڪٿي وڃي پهتي آهي، پر اسان اڃا اهو سوچيو ئي نه آهي ته وڏي تعداد ۾ نوجوان آباديءَ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي ۽ ان کي درپيش مسئلا ڪهڙا آهن. هن وقت پاڪستان ۾ نوجوان سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي. بين الاقوامي ليبر آرگنائزيشن جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ نوجوانن جي بيروزگاري جي شرح تمام وڏي آهي، روزگار جا موقعا نه ملڻ جي ڪري مالي عدم تحفظ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ۽ انهي مان مايوسي ۽ نااميدي جو احساس به جنم وٺي ٿو. پاڪستان هڪ ترقي پزير ملڪ آهي، جنهن جي نوجوان کي موجوده وقت ۾ مهانگائي، غربت، کاڌخوراڪ جي حصول جا مسئلا سامهون آهن. ائين به آهي ته اسان جو تعليمي نظام انهي نوجوان سان انصاف نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه سرڪارون ۽ نه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جون وزارتون، انهي جي مدد ڪري سگهيون آهن، ٿيڻ ته ائين کپي ته انهي آبادي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي بنيادي تعليم ڏئي دنيا جي مارڪيٽ ۾ پکيڙيو وڃي. ته جيئن هو پاڪستان کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏئي سگهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلي پئي. اسان جي ملڪ کي جيڪي مسئلا آهن، تعليم جا، صحت جا، صنفي عدم مساوات جا، سياسي عدم استحڪام جا، اهي سڀ مسئلا اسانجي نوجوان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن ۽ نوجوان مايوس ٿي غلط راهن ڏانهن هليا وڃن ٿا، جن کي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ اڳڀرو هجڻ کپندو هو. اهي ڄڻ انهي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن. هڪ وڏي آبادي جو خاموش ٿي گهر ۾ ويهي رهڻ ڪنهن ايٽم بم وانگي آهي، جيڪڏهن انهي نوجوانن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته اسانجي نظام ۾ ايتري طاقت ڪونهي جو انهي انارڪي ۽ انهن جي احتجاج جي سامهون بيهي سگهي، تڏهن اسين چئون ٿا ته اڃا وقت آهي ته نوجوانن جي مسئلن جي صحيح رٿابندي ڪري اُنهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري انهن جي توانائين کي ملڪ جي ترقي ۾ لڳايو وڃي. جيئن ته 8 فيبروري 2024 تي چونڊون ٿي رهيون آهن، اسين سڀني سياسي پارٽين کان اها اميد ٿا ڪريون ته اهي ملڪ جي نوجوانن لاءِ پنهنجي منشور ۽ پروگرام کي واضح ڪن ۽ نوجوانن لاءِ ترجيحي پروگرام ڏين. اسين ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار ۾ ايندڙ وفاقي توڙي صوبائي سرڪارن کان اڳواٽ مطالبو ٿا ڪريون ته اسان وٽ تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جا موقعا آهن، جن تي ڪم ڪري اسين پنهنجي نوجوان لاءِ روزگار جا وسيع موقعا نه صرف ملڪ ۾ پر سڄي دنيا ۾ گهر ويٺي پيدا ڪري سگهون ٿا، صرف اسان کي درست پلاننگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنگامي بنيادن تي پنهنجي نوجوانن کي تعليم ۽ نئين ٽيڪنالاجي کان آگاهي ڏئي ۽ انهن جي تربيت ڪري ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهو نوجوان ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهي، جيڪڏهن اسانجي ايندڙ حڪومت انهن نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا ته پوءِ اسين اهو يقين ٿا ڪريون ته اسانجو ملڪ ترقي جي راهه تي هلي پوندو. ڇاڪاڻ جو نوجوان آبادي ملڪي معيشت ۽ معاشري جي تيز رفتار ترقي جي ضامن آهي.