جامع مسجد اوستو ڀليڏنو آباد جيڪب آباد
ڪافي وقت کان يارن دوستن جي زباني ٻڌندو پئي آيس ته ضلعي جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ اوستو ڀليڏنو آباد نالي هڪ قديمي ۽ تاريخي شهر موجود آهي جتي هڪ نهايت ئي قديم ۽ ديده زيب جامع مسجد اڄ به موجود آهي جيڪا هر لحاظ کان خوبصورت دلڪش ۽ من موهيندڙ آهي سو ساهه سٽون پئي کاڌيون ته اهڙي مسجد جو ديدار ڪجي.
ساندهه سٽون ساهه کي، ڪجي دلبر جو ديدار،
ان لاءِ ئي عجيبن سان، ٿيس ملڻ خاطر تيار،
جتي سڪون ۽ پيار، ملندو آ مهر فقير چئي.
مون کي حيرت ٿيندي آهي انهن ۽ اهڙن ماڻهن تي جيڪي وقت سيڙائي ۽ پئسو خرچ ڪري سنڌ کان ٻاهر گهمڻ ويندا آهن سو جڏهن اهڙن ماڻهن کان سوال ڪندو آهيان ته ڇا اوهان سنڌ ۾ موکيءَ جي مزار، متارن جون قبرون، ڀنڀور، مورڙي جو قبرستان، مڪلي ۽ سونڊا وغيره ڏٺا آهن ته جواب ۾ نهڪر ڪندا آهن سو افسوس جو اسان هيل تائين پنهنجي پياري سهڻي سنڌ ۾ گهمي ڪري تاريخ کان واقف نه ٿي سگهيا آهيون ته پوءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي منهن سان سنڌ کان نڪري ٻين علائقن ۾ تفريح خاطر ويندا آهيون تنهنڪري اسان تي بحيثيت هڪ قوم جي اهو فرض ۽ قرض لاڳو ٿئي ٿو ته اسان پاڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌ جي ماضيءَ کان باخبر رکون ڇو ته جيڪي قومون ماضي کان باخبر هونديون آهن انهن جو حال ۽ مستقبل نهايت ئي سگهارو ۽ روشن ليکبو آهي.
مان به ذاتي طرح وس ۽ وسيلن آهر نوي پرسنٽ سنڌ گهمي چڪو آهيان ۽ بقايا گهمڻ جي آس کڻي وقت ۽ حالتن کي ڏسندي ڪنهن نه ڪنهن نئين گس تي روانو ٿي پوندو آهيان ڇو ته پنهنجو ساهه آهي سنڌ ۾، ها جن سنڌ ناهي گهمي انهن جو ٻي هنڌ گهمڻ ئي اجايو آهي.
سهڻي منهنجي سنڌ جا، سندر سهڻا نظارا،
ڇو ته وڃان يارا، حدون لنگهي حسن جون. (مهر فقير)
تاريخي ماڳن جي حساب سان مان شروع کان ئي دل چسپي رکندو آيو آهيان، پر ڪوشش اهائي رهي آهي ته سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ڪوٽ قلعا چشما نديون واهڻ وستيون جهر جهنگ شهر بحر آثار قديما وغيره ڏسان ڇو ته اهو اسان جو اثاثو ۽ ماضي جي سونهن ۽ ثقافت و تهذيب آهي، ان ڪري پنهنجي ڌرتي جي خوشبوءَ جو واس وٺجي ۽ اهو واس ٻين تائين به رسائجي.
مان اصل ۾ کاهي ڳوٺ جو آهيان هي ڳوٺ ڳڙهي ياسين جي اوڀارين ۽ اترين هنج ۾ انڊس هاءِ وي جي بلڪل ئي ڀر ۾ ڳوٺ مصري واهڻ ۽ شفقت پيٽرول پمپ جي سامهون واقع آهي ان ڪري سنگت سان صلاح ڪيم ته جيڪب آباد (اوستو ڀليڏنو آباد) طرف رخ ته ڪجي، پر شڪارپور ۽ سلطان ڪوٽ واري رستي بجاءِ ڪو نئون گس وٺجي جنهن تي سلجهيل صلاحڪارن صلاح ڏني ته ڳڙهي ياسين کان کيرٿر جي ڪڙ وٺي سڌو جيڪب آباد هليو وڃ سو اها سهڻي سولي صاف سٿري صلاح دل کي لڳي ٻئي ڏينهن تي سوير ڀرو فقيرياڻيءَ کي تيار ڪري منير احمد مغيري جي ڳوٺ اوستي ڀليڏني آباد طرف موٽر سائيڪل يونيڪ KKW 4322 تي کيرٿر جي ڪڙ وٺي روانو ٿيس سچ ته کيرٿر جي ٻنهي طرفن کان ساوڪ ئي ساوڪ هون هون جون هونگارون وڻن ۾ ويٺل مختلف پکين جون ٽوليون ۽ سندن مٺيون ٻوليون سچ ته من کي موهي ۽ ڳوهي رهيون هيون ايئن نينهن جا نظارا پسندو اچي کيرٿر واري پل تي بريڪ ڏنم جتان کان هڪ رستو اوڀر طرف شيران پور قادر پور، مولاداد ۽ جيڪب آباد ۽ اولهھ طرف ٻه رستا نڪرن ٿا جن مان هڪ رستو دائو دوداپور ۽ ڳڙهي خيري ٿو وڃي ۽ ٻيو رستو نبي شاهه وڳڻ ۽ رتي ديري ڏانهن وڃي ٿو.
ڪجھه پل ساهي کڻڻ بعد سفر بخير تحت اوستي ڀليڏني آباد طرف ويندڙ پڪي روڊ تي بائيڪ ڊوڙڻ لڳي ۽ ايئن ڪجهھ لمحن اندر منير احمد مغيري جي ڳوٺ جيڪو ڀليڏنو آباد کان سڏ پنڌ تي واقع هو ۾ گاڏي بيهاري منير وارن سان مليس جتي چانهن پاڻي پيئڻ بعد فقيرياڻي کي منير جي گهر ڇڏي اوستو شهر ڏسڻ لاءِ بائيڪ اسٽارٽ ڪيم ۽ شهر جي بازار ۾ قائم جامع مسجد جي ٻاهران گاڏيءَ کي بريڪ هڻي بيهاريم.
اچي ڏس اوستي ۾ ماضيءَ سندي مهارت
جوڙي جت جوڙيندڙن، آهي عاليشان عمارت،
ڪاريگرن جي ڪاريگري جي، هلي ڪر زيارت،
ان ڪري ئي اي دوستو، هيءَ لکي اٿم عبارت،
جت ٿيندي آهي تلاوت، نماز بعد قرآن سندي. (مهر فقير)
هيءَ سڄي مسجد ڪاٺ سان جڙيل آهي هن مسجد کي ڪاريگرن پنهنجي مهارت ۽ ڪاريگريءَ سان هجري سال 1329 جي صفر مهيني ۽ عيسوي سال 1911 جي فيبروي مهيني ۾ نهايت ئي شاندار انداز سان جوڙيو آهي، هن مسجد جي مک دروزاي جي مٿان هجري ۽ عيسوي سن سان گڏ تعمير ڪندڙ جو نالو حاجي ڪريم ڏنو اوستو لکيل آهي جيڪو سنڌي ٻولي بجاءِ اردو زبان منجھه تحرير ٿيل آهي جنهن منجهان معلوم ٿو ٿئي ته ان وقت ۾ تمام ٿوري آدمشماري باوجود به ٻهراڙين جي علائقن ۾ سنڌيءَ سان گڏ اردو به ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي جامع مسجد ۾ ڪاٺ جي ڪاريگري سان گڏ رنگ برنگي ٽائيلز جو ڪم نهايت ئي مهارت ۽ خوبصورتي سان ٿيل آهي مسجد جي مک دروازي کان داخل ٿيڻ وقت سچ ته سڪون ۽ راحت ملندي آهي مسجد کي صديءَ کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي، پر پوءِ به مسجد جو محراب گنبذ ڀتيون ڇت وغيره اڄ به بلڪل ئي صحيح سلامت آهن ها، پر ڪٿان ڪٿان ڇت اندران کان ڪمزور نظر آئي جتان ڪاٺ واضح نظر ٿي آيو جيڪو نهايت ئي پراڻو ۽ مضبوط هو، جنهن جو مرمتي ڪم هلي رهيو هو هن مسجد جي سلامتي جو سبب اهو ئي آهي ته مسجد جي مرمت ۽ سنڀال وقت به وقت چڱي طرح ٿيندي رهي ٿي، هن قديم مسجد جو فرش به سنگمرمر سان نهايت ئي سهڻو ۽ سندر ٺهيل آهي هتي هن مسجد ۾ نئين نسل کي صبح ۽ شام ديني تعليم سان منور ڪيو ويندو آهي ۽ ايتري وقت بعد به ڪٿان به اکڙڻ جا آثار نظر نه آيا هي مسجد اوستن جي ٺهرايل آهي ۽ شهر جو نالو به اوستو آهي پڙهندڙن کي اها به ڄاڻ ڏيندو هلان ته اوستو ذات آهي ۽ جيڪب آباد جي آس پاس اوستي جي ذات سان ڪافي شهر ۽ ڳوٺ اڄ به موجود آهن هڪ ڊگهي تاريخ رکندڙ جامع مسجد اڄ به پنهنجي شان ۽ شوڪت سان بلڪل سلامتي واري حالت ۾ آهي ۽ هر ايندڙ ويندڙ جي من کي موهي رهي آهي مسجد جي وضوخاني جي ڀرسان ٻه قبرون به آهن جن منجهان هڪ قبر مسجد ٺهرائيندڙ حاجي ڪريم ڏنو اوستو ۽ ٻي قبر سندس پٽ جي آهي موجود آهن هي مسجد هن وقت اوقاف کاتو سنڌ جي زيرنگراني هيٺ آهي جنهن ڪري ئي هن سونهاري مسجد جي سالانه بجيٽ به مقرر ٿيل آهي دعا آهي ته الله پاڪ هن مسجد سميت هر مسجد کي قيامت تائين شاد ۽ آباد رکي.
ايئن اوستو ڀليڏنو آباد جو شهر ۽ جامع مسجد جو ديدار ڪري منير احمد مغيري جي گهر ماني کائي چانهه جون چسڪيون ڀري خير سان موڪلائي واپسي تي جيڪب آباد، همايون، سلطان ڪوٽ، لوڊرا ۽ شڪارپور جي باءِ پاس کان لنگهي ڪرن شريف ۽ قابالي کان ٿيندا ڳوٺ کاهيءَ پهتاسين سچ ته اها جامع مسجد هڪ تاريخي قديمي ۽ نه وسرندڙ نهايت ئي خوبصورت ۽ دلڪش سدائين ياد رهندي دعا آهي ته سنڌ جو محبوب ماضي تاقيامت سدائين سلامت قائم دائم رهي. آمين ثم آمين.