ايڊيٽوريلنئون

هڪ سال اندر ڪراچي شهر ۾ 500  کان وڌيڪ ماڻهو روڊ حادثن ۾ موت جو شڪار، ذميوار ڪير؟

                سنڌ پوليس جي ٽريفڪ انچارج ڊي آءِ جي صاحب هڪ نجي چئنل سان ڳالهائيندي اقرار ڪيو آهي ته صرف ڪراچي شهر اندر گذريل هڪ سال ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو روڊ حادثن ۾ زندگي وڃائي ويٺا آهن، معذورن جو تعداد هزارن ۾ آهي. هي صرف ڪراچي شهر جا انگ اکر آهن، جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.

                ٽريفڪ پوليس پوري صوبي کان هن شهر ۾ وڌيڪ موجود آهي ۽ روڊن رستن جي حالت به صوبي جي ٻين شهرن کان ڪنهن حد تائين بهتر آهي، ان جي باوجود 500 ماڻهو روڊ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ته اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ ۾ هڪ سال اندر ڪيترا ماڻهو روڊ حادثن جي ڪري موت جو شڪار ٿيا هوندا ۽ ڪيترا ماڻهو زخمي ٿي پوري زندگي معذورن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا. يقينن انهن جو تعداد هزارن ۾ هوندو. جيڪڏهن ان کي روڪڻ جو ڪم پوليس پنهنجي ذميداري سان نٿي ڪري ته پوءِ صوبي جو عوام ڪنهن کي ڏوهه ڏئي؟ صرف نصيب سمجهي چپ ڪري ويهي رهي، ڇو ته ماڻهن کي اهو سمجهايو ٿو وڃي ته موت جو وقت ۽ موت جي جڳهه مقرر ٿيل آهي. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ روڊ حادثن جو ذميوار گاڏين ۽ ان کي هلائڻ وارن ڊرائيورن جو ته ڏوهه نه ٿيندو! پر ايئن آهي ڪونه. هڪ ته لاقانونيت، پوليس ۾ رشوت خوري، ڊرائيورن جي فٽنيس ۽ انهن جو لائسنس چيڪنگ جو جوڳو بندوبست نه هجڻ ۽ عدالت طرفان نالي ماتر سزائون جنهن جي ڪري حادثن جا ڏوهاري آساني سان ٻاهر اچي وڃن ٿا، مکيه سبب آهن. جڏهن اسان هي سٽون لکي رهيا آهيون ته هن وقت به ڪراچي شهر اندر ٻه واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هڪ ٽرالر ۽ هڪ ڊمپر ملوث ڄاڻايو وڃي ٿو، پوليس ايف آءِ آر ٽرالر جي نامعلوم ڊرائيور تي ڪٽي آهي. افسوس آهي ته ٽرالر جي مالڪ کي به خبر ناهي ته سندس ٽرالر جو ڊرائيور ڪير آهي يا وري پوليس کانئس پڇڻ جي طاقت نٿي رکي، ٽرالر مالڪ کان پڇيو وڃي ته تنهنجو ٽرالر هلائيندڙ ڊرائيور ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي پوءِ خبر پئجي ويندي، هي ننڍو مثال آهي پوليس جي غير ذميواري جو. هاڻي جڏهن ايف آءِ آر نامعلوم تي ڪٽي آهي ته عدالت سزا ڪنهن کي ڏيندي؟ مين روڊ تي ۽ شهرن اندر جيڪي حادثا ٿين ٿا ان ۾ گهڻو ڪري ٽرالر، ڊمپر، ٽرڪون ۽ ڪوچن جو عمل دخل گهڻو آهي، جن جا ڊرائيور گهڻو ڪري خيبر پختونخواهه سان تعلق رکن ٿا، ڊمپر هلائڻ وارا ته گهڻو ڪري افغاني آهن، کين خبر آهي ته سندن مالڪ جيڪي هن وقت مافيا جو روپ وٺي چڪا آهن ايترا سگهارا آهن جو جيڪڏهن روڊ تي هلندي انهن ڊرائيورن ڪن معصوم موٽرسائيڪل وارن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو يا ڪنهن ڪار جي مٿان چڙهي ان ۾ موجود ماڻهن کي موت جي راهه ڏيکاري ڇڏي ته سندن مالڪ کين بچائي وٺندا. واقعي ايئن آهي به، ڪوچن جا مالڪ هجن، ڊمپر جا مالڪ هجن، ٽرالرن جا مالڪ هجن اهي سڀ ارب پتي مافيائون آهن جن جا هٿ قانون کان ڏاڍا آهن، عام ٽريفڪ واري کي ڪهڙي طاقت آهي جو انهن ڊمپرن کي روڪي کانئن ڪاغذن جي پڇا ڪري سگهي ۽ انهن جي ڊرائيورن کان سندن لائسنس ڏسڻ جي جرئت ڪري سگهي. پوري دنيا ۾ وڏين گاڏين يا ننڍين گاڏين جي هر ٽن مهينن کانپوءِ فٽنيس ٿيندي آهي ته انهن گاڏين ۾ بريڪ وغيره ٺيڪ ڪم ڪن ٿا، ان سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ وارن ڊرائيورن جي پڻ فٽينس ٿيندي آهي ته ڇا ڊرائيور واقعي ذهني ۽ جسماني طور گاڏين هلائڻ جا اهل آهن يا نه، پر اسان وٽ چرخو ابتو هلندو آهي.

                پوري پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ڊرائيورن جي فٽنيس ته پري جي ڳالهه آهي گاڏين جي به فٽنيس نه ٿيندي آهي. ها اهو ضرور هوندو آهي ته خانا پوري ڪرڻ لاءِ سڀني گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ پئسا وٺي ڏنا ويندا آهن. يقين ڪريو ته هي روڊ تي هلندڙ گاڏيون گهمندڙ ڦرندڙ موت جا فرشتا آهن جيڪي ننڍين گاڏين خاص طور موٽرسائيڪل سوارن جي موت جو سبب بڻجي رهيا آهن، پر سرڪار سڳوري اکيون بند ڪريو ويٺي آهي. ٽريفڪ پوليس وارا بجاءِ قانوني قدم کڻڻ جي انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته هڪ سال اندر صرف ڪراچي شهر ۾ ڪيترا ماڻهو روڊ جي حادثن جو شڪار ٿي موت جي حوالي ٿيا. سرڪار سڳوري ڪري ته گهڻو ڪجهه سگهي ٿي، پر هوءَ ڪرڻ نٿي چاهي.