دنيا ۾ هر انسان جي سوچ جا معيار پنهنجا پنهنجا آهن ۽ ان سان گڏ سندن پسند ناپسند نظريا ۽ ماپ جا پيمانا به مختلف آهن. هرڪو پنهنجي ذهن جي فريم اندر ئي حقيقت کي ڏسندو ۽ سمجهندو آهي. هر ماڻهوءَ جو دنيا کي ڏسڻ جو انداز ۽ تجربو پنهنجو پنهنجو آهي، اهو انداز انهن چشمن وانگر آهي جيڪي ان جي اکين تي چڙهيل آهن. مون ڪنهن فلسفي جي ڪتاب ۾ پڙهيو ته! تصور ڪريو هڪ ماڻهو برف جي جبل کي سائو چشمو لڳائي ڏسي ٿو ۽ چوندو آهي ته برف سائي آهي ۽ ٻيو ماڻهو ڳاڙهو چشمو لڳائي چوندو ته برف ڳاڙهي آهي، پر اصل حقيقت اها ناهي. برف جو جبل ته سفيد آهي، بلڪل ڪپھ وانگر، پر جن کي برف سائي ۽ ڳاڙهي نظر اچي رهي آهي، انهن کي ساوا ۽ ڳاڙها چشما لڳل آهن، ان ڪري کين برف به انهيءَ رنگ جي نظر اچي رهي آهي جنهن رنگ جو کين چشمو لڳل آهي. اسين زندگيءَ کي به انهيءَ ريت ڏسون ٿا. ڀلاري ڀٽ ڌڻي لکيو آهي ته:
سرمون سفيدي جو جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن اڇائي عالم جي.
يعني جڏهن اکين مان غلاظت جا پردا هٽايا وڃن ٿا، تڏهن ئي دنيا جي اڇائي ۽ اصل سچائي سامهون اچي ٿي. اها ڳالھ صاف ظاهر ڪري ٿي ته سوچ جو چشمو ئي طئي ڪندو آهي ته اسان کي سامهون ڇا نظر اچي ٿو!!! عمير نجمي جو هڪڙو شعر پڙهيم:
رنگ اکڙ جائي تو ظاهر هو پلستر ڪي نمي،
ڪهڪهي کوڌ ڪي ديکو تو تجهي آه ملي.
هن شعر ۾ به اهوئي مفهوم آهي ته جيڪو ڪجھ ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچي پيو اهوئي هميشه حقيقت ناهي. حقيقت جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اسين اوناهيءُ ۾ لهنداسين. مون هڪڙي تصوير ڏٺي، جنهن ۾ ڀريل بت سان هڪ خوبصورت ڳوري رنگ جي ڇوڪري هڪڙي اڇي ڏاڙهي واري پيرسن کي پنهنجي ڇاتيءَ پياري رهي هئي. پهرين نظر ۾ ته اها تصوير عجيب لڳي، پر جڏهن تصوير جي پويان ڪهاڻي پڙهيم ته دل اشڪبار ٿي پئي ۽ ان عورت جي حسين روپ تي بي اختيار پيار آيم، پر اهڙي تصوير گهر ۾ لڳائڻ جو سوچڻ به مشڪل آهي، ڇو ته اسان جي گهر جي هر ڀاتيءَ جي سوچڻ جا معيار الڳ الڳ آهن. شايد اوهان به اها تصوير ۽ ان سان وابسته ڪهاڻي پڙهي هوندي!
دوستو آرٽ کي سمجهڻ لاءِ سوچ جي گهرائي ضروري آهي. انڊيا جي هڪڙي مووي ڏٺم Nude Chitra ان مووي کي ڏسڻ کانپوءِ آرٽ جي باري ۾ نئين ريت سوچڻ جو موقعو مليو. ان فلم ۾ اگهاڙپ کي نه، پر آرٽ کي سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ۾ هڪڙو ڊائيلاگ هو ته! هيءَ واحد جڳھ آهي جتي اسين پنهنجي مرضي سان ڪپڙا لاهيون ٿا ۽ ڏسڻ واري جي اک ۾ حوس ناهي، پر هن جي هٿ ۾ پينٽنگ وارو برش آهي. اهو آرٽ جي ان معنيٰ ڏانهن اشارو آهي، جتي انساني جسم کي اگهاڙپ نه، پر حُسن ۽ تخليق جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. دوستو سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين تي به ساڳيا ئي الزام لڳايا ويا هئا ته هو فحش لکندو آهي. جيئن ته (الٽي)، (سلوار)، (کولدو) ۽ (ٺنڍا گوشت) جهڙيون ڪهاڻيون آهن، پر جڏهن انهن ڪهاڻين جي گهرائي ۾ لهجي ٿو ته سماج جو ڀيانڪ روپ نظر اچي ٿو ۽ وار وار ڪانڊارجي وڃي ٿو. منٽو جي لکڻين تي ڪيس ان ڪري به داخل ٿيا، ڇو ته هن سماج جي ڪارن ڪرڪوتن کي پنهنجين لکڻين ۾ وائکو ڪيو هو، جيڪي انتهاپسند نفسياتدانن لاءِ ناقابلِ قبول هيون.
دوستو ماڻهن جي سوچ کي انتهاپسند بڻائڻ ۾ وڏو هٿ انهن نفسياتدانن جو آهي، جيڪي ماڻهن جي اکين تي اهڙا چشما پارائين ٿا، جن سان هو صرف اهو ڏسي سگهن ٿا، جيڪو کين ڏيکاريو وڃي ٿو. ان ۾ عام ماڻهن جو ڪو ڏوھ ناهي. عام ماڻهو ته فقط اهوئي ڏسندا ۽ سوچيندا آهن جيڪي کين سيکاريو ۽ ڏيکاريو وڃي ٿو. ڪافي دوست چون ٿا ته فلاڻي شاعري فحش آهي يا فلاڻي نثر ۾ فحش ڳالهيون آهن، پر دوستن کان سوال اهو آهي ته ڇا شاعري يا چترڪاري حيادار يا بي حيا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا ڪو شعر هندو يا مسلمان ٿي سگهي ٿو؟ ڇا شاعري فحش يا پاڪ دامن ٿيندي آهي؟ دوستو حقيقت ته اها آهي ته آرٽ پنهنجي اظهار ۾ آزاد هوندو آهي. ان کي ڪوبه مذهبي، سماجي يا اخلاقي ليبل نٿو هڻي سگهجي. دوستو تاريخ ۾ اهڙا چند بيباڪ ڪوي هوندا آهن، جيڪي بنا خوف جي حقيقتن کي بيان ڪندا آهن ۽ هو سماج جي سخت مخالفتن جو شڪار ٿي به پنهنجو سچ لکي ويندا آهن.
۽ سچ! سچ ڪڏهن به لڪائي نٿو سگهجي، ڇو ته سچ روشني وانگي آهي سو ڪائنات ۾ پکڙجي ويندو آهي. شيخ اياز ۽ حسن درس جي ڪجھ سٽن تي به ڪافي تڪرار آهن ۽ انهن جون سٽون به ڪافي ڳوڙهي سوچ ۽ ويچار جون حامل آهن. انهن مان حسن درس جي هڪڙي سٽ هتي پيش ڪيان ٿو:
اگهاڙپ جي حوالي سان ببن جي بادشاهي آهي.
هنن سٽن تي ڪافي تڪرار هو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ رهندو، ڇو ته هر ڪنهن ماڻهو جي سوچڻ جا معيار الڳ الڳ آهن، پر ڇا هي سٽون ايتريون بريون آهن؟ ڇا هي سٽون هڪ ڪڙي سچ تي آڌاريل ناهن؟ ڇا هي سٽون هڪ گهرو ڪائناتي سچ ناهن؟ دوستو هنن سٽن کان ڪوبه باشعور فرد ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگهي.
ڇا عورت جي خوبصورتي ۾ ڇاتيءَ جو اهم ڪردار ناهي هوندو؟ ڇا مرد عورت جي ڇاتيءَ جي خوبصورتي کي پسند نٿا ڪن؟ ڇا عورت ڀريل ڇاتي سان خوبصورت ناهي لڳندي؟ ڇا عورت جي ڇاتي ئي نه هجي ته هن معاشري جو مرد کيس پسند ڪندو؟ ڇا هن ڌرتيءَ تي رهندڙ مرد عورت جي ڇاتيءَ کي پسند ناهن ڪندا؟ ها، جيڪڏهن ڪو مرد عورت جي ڀريل ڇاتيءَ کي پسند نٿو ڪري ته شايد اهو ماڻهو انساني احساسن جي حقيقي معنيٰ کان ناواقف آهي.
ساڳيءَ ريت هڪ يا ٻه سال اڳ ۾ عزيز گل جي نظم ميگهواڙي تي به اهوئي فحش هجڻ جو الزام لڳايو ويو هو ۽ مٿس ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، پر منهنجي خيال ۾ ان نظم کي صحيح ريت سمجهڻ بنا ئي دوستن گهوڙا گهوڙا ڪري ڏني هئي، پر حقيقت اها آهي ته هڪ حساس تخليقڪار لاءِ تخليق محض آرٽ هوندي آهي نه ئي اگهاڙپ. آئون ائين بلڪل نٿو چوان ته فقط عورت جي جسم جي جاگرافي ئي لکجي ۽ عورت سان ٿيندڙ انيڪ انيائن کي ائين ئي نظرانداز ڪري ڇڏجي، پر جيڪا حُسن جي حقيقت آهي ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
عورت صدين کان انساني تمدن جو هڪ اهم ۽ لازمي حصو رهي آهي، هوءَ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي آهي، پر پدري سماج ۾ سندس وجود کي هميشه ثانوي حيثيت ۾ رکيو ويو آهي. سماج جي هن جوڙجڪ ۾ عورت جو سياسي معاشي شعوري ۽ اخلاقي استحصال هڪ وڏي حقيقت آهي، جيڪا نسل درنسل ورثي طور منتقل ٿي رهي آهي ۽ ان تي به باشعور قلمڪارن کي ڀرپور لکڻ گهرجي ۽ لکن به پيا، پر دوستو ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ جي معيارن تي به ضرور سوچڻ گهرجي، جيئن اڄ آئون سوچان پيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته منهنجي سوچ سان به ڪافي دوست سهمت نه هجن، پر بجاءِ گوڙ ڪرڻ جي بجاءِ لڙ ڪرڻ جي
اسان کي بار بار تحمل مزاجي سان سوچڻ گهرجي ۽ دليل سان ڳالھ رکڻ گهرجي. ڇو ته اسان کي سدائين اهوئي سيکاريو ويو آهي ته مٿاڇري تي ئي ڌيان ڏيو. گوڙ ڪيو ۽ اصل حقيقت تائين ڪڏهن به نه پهچو. دوستو منهنجي خيال ۾ هر دور جي شاعري ادب ان دور جي حالتن جي عڪاسي ڪندو آهي. اسان جا ايندڙ نسل جڏهن اسان جي لکڻين کي پڙهندا تڏهن ئي سمجهي سگهندا ته اسان جي دور ۾ ڪهڙا مسئلا هئا ۽ ماڻهن جون ضرورتون ڪهڙيون هيون؟ جن جو انهن پنهنجي لکڻين ۾ بار بار شدت سان ذڪر ڪيو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسين ڪنهن به موضوع کي صرف هڪڙي ئي رخ سان ڏسنداسين ته حقيقت کان هميشه پري رهنداسين. هر شيءِ جي گهرائي ۾ لهڻ سان ئي اسان کي سچ ۽ ان لڪل اسرار جي سڃاڻپ ٿيندي.
آرٽ ۽ ادب جو اظهار انساني احساسن جو آئينو آهي، سو انهن کي ڪنهن به قسم جو ليبل لڳائڻ اصل حقيقت کي دٻائڻ جي برابر آهي. سو دوستو علم فقط انهن ماڻهن لاءِ ئي ممڪن آهي، جيڪي پنهنجي ذهن کي کليل ۽ سکڻ لاءِ کليو رکندا آهن.