ايڊيٽوريلنئون

آمريڪا جو ايران تي حملو ۽ سپريم ليڊر جي شهادت

28 فيبروري 2026، وچ اوڀر لاءِ هڪ تمام ڏکيو ڏينهن رهيو. آمريڪا ايران مٿان هڪ وڏو آپريشنل حملو ڪري ايران جي سائيبر سيڪيورٽي نيٽ ورڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو، ان حملي کي “آپريشن ايپڪ فيوري” جو نالو ڏنو ويو آهي. هي حملو اسرائيل جي اسٽيلٿ جهازن F-35 جيڪي ريڊار تي نظر نٿا اچن انهن سان رات جو 2 وڳي ڪيو ويو. شروعاتي خبرن مطابق سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي محل مٿان ستن ميزائيلن جو حملو ٿيڻ جي خبر آئي، پر ويهن ڪلاڪن کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ويو ته آيت الله خامنائي پنهنجي ڌيءَ، ناٺي ۽ ڏوهٽي سوڌو شهيد ٿي ويو. ايران جي مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڪاوڙ تمام گهڻي پراڻي آهي. آمريڪا پنهنجن مفادن جي دفاع لاءِ خطي ۾ اسرائيل جو بنياد رکيو ۽ ايران کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ان مٿان بار بار حملا ڪري ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايران جي مٿان معاشي پابنديون لڳايون ويون ۽ کيس جهڪائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته جيئن هو پنهنجي نيو ڪليئر پروگرام کي وائينڊ اپ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي، پر ايران هميشه پنهنجو اهو نقطهءِ نظر ڏيندو رهيو آهي ته سندس نيو ڪليئر پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي. ان جي باوجود به اسرائيل کي ايران مان خطرو رهيو آهي، جيڪو نه صرف اسرائيل لاءِ خطرو آهي، بلڪه حقيقت ۾ آمريڪا  ۽ ان جي اتحادي ملڪن لاءِ به  خطرو آهي. ويجهڙائي ۾ ايران جي ڪافي سائنسدانن کي حملا ڪري صفحه هستيءَ تان مٽايو ويو ۽ هينئر ايران مٿان حملو ڪري ان جي ليڊرشپ کي ختم ڪيو ويو آهي. ايران هڪ پراڻي تهذيب آهي ۽ جديد دور تائين پهچڻ لاءِ ايران ڪيترن ئي سياسي انقلابن کي منهن ڏنو آهي.

ايراني قوم هميشه پنهنجي خود مختياري ۽ نظريي لاءِ ٻاهرين طاقتن سان مهاڏو اٽڪائيندي آئي آهي. 1891ع ۾ جڏهن شاهه ايران تماڪ جو واپار برطانيه جي حوالي ڪيو ته مذهبي عالمن فتويٰ ڏني جنهن سان سڄي ملڪ ۾ تماڪ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. 1905ع کان 1911ع تائين عوام پنهنجي بادشاهه کان آئين ۽ پارليامينٽ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ملڪ کي هڪ شخص جي مرضيءَ بدران قانون سان هلايو وڃي. 1951ع کان 1953ع تائين ڊاڪٽر محمد مصدق ايران جي وزيراعظم ايران جي تيل جا کوهه برطانيه جي قبضي مان آزاد ڪرائي انهن کي قومي ملڪيت قرار ڏنو ۽ پوءِ سندس حڪومت کي هڪ بغاوت ذريعي ختم ڪيو ويو. 1979ع ۾ اسلامي انقلاب جي صورت ۾ ايران اندر جديد مزاحمتي تاريخ لکي وئي. جنهن کانپوءِ آيت الله خميني جي قيادت ۾ ايران جي رضا شاهه پهلوي جو تختو اونڌو ڪيو ويو. 1980ع کان 1988ع تائين ايران اڪيلي سر صدام حسين سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي زمين جو دفاع ڪيو. هن وقت به آمريڪا ايران اندر پنهنجا فوٽ پرنٽ قائم ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگهيو آهي، پر يقينن قيادت جي خاتمي کانپوءِ هن ملڪ کي ڪافي ڪمزور ضرور ڪيو آهي. هن حملي ۾ هڪ ڇوڪرين جي اسڪول کي نشانو بڻائي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 102 نياڻيون شهيد ٿي ويون. جنهن کانپوءِ ايران کي پنهنجي سرحدي دفاع لاءِ اسرائيل ۽ وچ اوڀر ۾ اسلامي ملڪن اندر قائم آمريڪي اڏن تي جوابي حملو ڪري ڪارروائي ڪرڻي پئي ۽ خطو جنگ واري صورتحال ۾ وڪوڙجي ويو. هن وقت ايران حڪومت ملڪ ۾ ست ڏينهن موڪل ۽ چاليهه ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي آئين مطابق جڏهن قيادت کي شهيد ڪيو ويندو آهي يا وفات ڪري ويندي ته آرٽيڪل 111 موجب هڪ عارضي قيادت ڪائونسل ملڪ جا معاملا سنڀاليندي آهي جنهن ۾ ايران جو صدر، عدليه جو سربراهه، گارڊين ڪائونسل جو هڪ فقيهه (مذهبي ماهر) شامل هوندا آهن، جيستائين نئين ليڊرشپ چونڊجي وڃي. ان کان علاوه “مجلس خبرگان رهبري” وٽ فيصلا ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن جنهن ۾ 88 مذهبي عالم شامل هوندا آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن حملي کانپوءِ ڇا آمريڪا کي ڪو فائدو حاصل ٿيو يا رجيم چينج جو هدف حاصل ٿي سگهيو يا نه. يقينن آمريڪا پنهنجا ڪيترائي اسٽريٽيجڪ فائدا حاصل ڪري ورتا آهن جيڪي ممڪن آهي ته هن وقت ظاهر نه ٿين، پر ڊگهي مدي ۾ آمريڪا لاءِ اهم هجن. ڪوبه ملڪ پنهنجي ليڊرشپ کي وڃائڻ کانپوءِ پنهنجو نظرياتي مرڪز وڃائي ويهندو آهي.

ايران جيڪو هميشه اهو تاثر ڏيندو هو ته سندس اعليٰ قيادت کي ڪوبه هٿ نٿو لڳائي سگهي آمريڪا هڪ ئي جهٽڪي ۾ سندس ليڊرشپ کي رستي تان هٽائي ڇڏيو. آيت الله خامنائي جي رهبري ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو هو، جنهن ۾ يقينن هاڻي سستي پيدا ٿيندي ۽ اسرائيل جو هدف هميشه اهو رهيو آهي ته ايران جي وڌندڙ طاقت کي هميشه گهٽ سطح تي رکجي. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته آمريڪا پنهنجا ڪيترائي هدف حاصل ڪري ورتا آهن، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ان سان ايران واقعي تمام گهڻو ڪمزور ٿيو آهي. ايران کي پنهنجي ليڊرشپ جي نقصان کانپوءِ ممڪن آهي ته وڌيڪ سخت گير ٿيڻو پوي. ايران پنهنجي مٿان ٿيل حملي کانپوءِ “نار واري لڪ” کي بند ڪري ڇڏيو جنهن جو اثر اهو ٿيندو جو عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت وڌي ويندي، جنهن سان آمريڪا جي اتحادي ملڪن کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ آمريڪا جي مٿان اهو دٻاءُ هوندو ته اهو معاملن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن وقت ايران پنهنجي نيو ڪليئر پروگرام سان گڏوگڏ پنهنجي ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻي ترقي حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪا ڳالهه اسرائيل ۽ آمريڪا جي برداشت کان ٻاهر آهي. هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان ايران جي پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان جنهن جا آمريڪا سان معاشي ۽ فوجي لاڳاپا آهن. يقينن ڪجهه حالتن ۾ متاثر ٿيڻ قدرتي عمل آهي. “نار واري لڪ” جي بند ٿيڻ سان پاڪستان اندر تيل ۽ گئس ۾ تاريخي اضافو ٿيندو، جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. پاڪستان هن وقت پاڻ پنهنجي پاڙيسري ملڪ افغانستان سان جنگ وڙهي رهيو آهي، ان کي ايران کان پناهگيرن جو دٻاءُ پئجي سگهي ٿو ۽ پاڪستان اندر جيئن ته اهلِ تشيع جي هڪ وڏي آبادي موجود آهي جيڪا ايران جي قيادت سان عقيدت رکي ٿي انهن جا احتجاج سماجي بيچيني پيدا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان لاءِ سڀ کان بهتر رستو اهو آهي ته هو امن جو حامي رهي ۽ هميشه وانگر پنهنجي نيوٽرل سفارتي لاڳاپن ذريعي هن سڄي علائقي کي وڏي تباهيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن ايران ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان تائين نه پهچي سگهن.