بلاگنئون

بچاءُ بندن جي وقت سر مرمت نه ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو

سنڌو درياءَ جي تازي صورتحال تمام گهڻي پريشان ڪندڙ ٻڌائي پئي وڃي، پنجاب جي مڙني دريائن جو پاڻي جڏهن درياءَ سنڌ ۾ اچي ڪرندو ته گڊو بئراج ۽ سکر بئراج يارنهن کان ٻارنهن لک ڪيوسڪ پاڻي برداشت نه ڪري سگهندا. ڇو ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن وارا بچاءُ بند وقت سر مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪمزور آهن. هر سال سنڌو درياءَ جي بندن جي مرمت لاءِ رکي ويندڙ بجيٽ درياءَ جي بندن جي مرمت بجاءِ ايريگيشن انجنيئرن، آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي عياشين جي ور چڙھي وڃي ٿي. گڊو بئراج کان وٺي کارو ڇاڻ تائين درياءَ سنڌ جي ٻنهي پاسن وارا بچاءُ بند مڪمل طور ايريگيشن محڪمي ۽ سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب ڪمزور آهن. سنڌ حڪومت وٽ فوري طور ايترا وسيلا موجود ڪونه آهن جو هيڏي وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي. درياءَ جي کاٻي پاڪستان آرمي سميت ملٽي نيشنل ڪمپنين جون ملڪيتون آهن، ان طرف درياءَ کي ڪٽ لڳائي پاڻي ڇڏڻ سنڌ حڪومت لاءِ جان جوکي ۾ وجهڻ جي برابر آهي. باقي رهي ڳالھ ساڄي پاسي گگدام عوام جون وسنديون ۽ ملڪيتون آهن. ساڄي پاسي آسانيءَ سان درياءَ جي بندن کي ڪٽ هڻي وسنديون، ڳوٺ، شهر ۽ فصل ٻوڙڻ سنڌ حڪومت لاءِ منافعي بخش ڪاروبار آهي. ٻڏندو به عوام نقصان به عوام جو ٿيندو پوءِ وقت حڪومت دنيا جي ترقي يافتا ملڪن اڳيان واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندي چوندي اچو امداد اچي ڪريو. سنڌ جو گگدام عوام ويتر غربت ۽ مفلسي جي ور چڙيل آهي، ويتر انهن جي سورن ۽ ڏکن ۾ اضافو ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ درياءَ سنڌ جي پاڻي کي روڪڻ سان پنجاب کان ايندڙ پاڻيءَ جو ويتر پريشر وڌندو، جنهن سان درياءَ سنڌ جي ڪمزور بچاءُ بندن کي ٽوڙي پوءِ هٿ سان شهرن جا شهر ٻوڙايا ويندا. گڊو بئراج کان وٺي کارو ڇاڻ تائين سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن جا بچاءُ بند وقت سر مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال ٿي چڪا آهن، ٻيو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ درياءَ جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ قدرتي وهڪرن ۽ پيچرن تي سياستدانن ۽ وڏيرن جا قبضا لڳا پيا آهن، درياءَ جي پاڻي جي قدرتي وهڪرن ۽ پيچرن رستي تي سياستدانن، وڏيرن ۽ ڀوتارن مڇيءَ جا فارم ۽ زرعي زمينون آباد ڪرائي ڇڏيون آهن، هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن کوڙ تيڏانهن کپي. اهڙيءَ طرح ٻوڏ واري صورتحال ۾ درياءَ جي پاڻي جا وهڪرا ۽ پيچرا مڪمل طور قبضي هيٺ اچي چڪا آهن، شهرن جي چوڌاري بچاءُ بند به حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب غفلت جو شڪار آهن ۽ ڪيڏي مهل به شهر ٻوڙي سگهن ٿا. ڪي ڪي بند ۽ آگاڻي عاقل بند به سپر ٻوڏ جي پاڻي جو پريشر برداشت ڪرڻ جي سگھ نٿا رکي سگهن. اهڙي صورتحال ۾ لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ سميت ٻيا ننڍا وڏا شهر ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا. سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن جا ڪيترائي بند ڪمزور آهن جن جي مرمت لاءِ هر سال بجيٽ رکڻ جي باوجود به مرمت نٿي ڪئي وڃي، ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بچاءُ بندن جو مضبوط هجڻ تمام ضروري هوندو آهي. بندن جي بروقت مرمت نه ٿيڻ ۽ ايريگيشن کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب بند ڪمزور ٿي چڪا آهن جيڪا صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڪافي هنڌن تان درياءَ جي بندن جي حالت ايتري ته ڪمزور آهي جو اتي فوري طور پچنگ ۽ پٿرن جي تمام گھڻي ضرورت آهي. ايريگيشن جي انجنيئرن ۽ آفيسرن جي لاپرواھي ۽ شفافيت سان آڊٽ جو نه ٿيڻ سبب بند هن وقت ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ۾ آهن. اهڙيءَ طرح غوثپور بند، نئون ديرو بند سميت حيدرآباد ۽ ڄامشورو تائين درياءِ سنڌ جا مختلف پاسن کان بچاءُ بند سپر ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ جي صلاحيت نٿا رکي سگهن. سنڌ حڪومت کي بندن جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ گهرجي ۽ بندن جي مرمت جي ذميواري ڪميشن حوالي ڪئي وڃي ته جيئن ڪمزور بندن جي بروقت مرمت ٿي سگهي. وقت حڪومت کي کپي ته واپڊا، فلڊ ڪميشن ۽ ارسا وارن کان به پاڻيءَ جي نيڪال ۾ مدد وٺڻ گهرجي. جنهن لاءِ ضروري آھي ته سڀ کان پهريان بندن جي نگراني سان گڏوگڏ بندن جي سارسنڀال لاءِ ايريگيشن مانيٽرنگ ڪميشن کي ذميوار بڻايو وڃي. درياءِ سنڌ جا بند جيڪڏهن وقت سر مضبوط نه ڪيا ويا ته انساني جانين، زرعي فصلن سميت جانورن جي تباھي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻوڏ جو وهڪرو جڏهن وڌي وڃي ٿو ته قدرتي دريائي وهڪرن ۽ پيچرن اڳيان رڪاوٽون هٽائڻ تمام ضروري هوندو آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڪثر دريائي وهڪرن ۽ پيچرن تي غير قانوني اڏاوتون، زرعي قبضا ۽ آباد ڪاريون جيڪي قانوني طور ڏوهه آهن. اهڙين رڪاوٽن سبب ٻوڏ جو پاڻي قدرتي وهڪري ۽ پيچرن بدران شهرن، ڳوٺن ۽ زرخيز زمينن ۾ داخل ٿيڻ سان تمام گھڻي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. حڪومت پاران هنگامي بنيادن تي ايمرجنسي پلان، هنگامي ڪيمپون، ريسڪيو ٽيمون ۽ عوامي آگاهي مهمون هلائڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي، پر افسوس ته گذريل 2010ع واري ٻوڏ جي تجربي مطابق حڪمت عملي ڪاغذن ۽ فائلن تائين محدود رهي هئي. جيڪڏهن عملي قدم وقتائتا نه کنيا ويا ته تمام گهڻي نقصان جو انديشو ٿي سگهي ٿو. بئراجن ۽ بندن جي نگراني ڪندڙ ايريگيشن ماهرن جي ٽيم پاران هر روز رپورٽ جاري ڪئي وڃي ته جيئن عام شهري ٻوڏ جي صورتحال کان باخبر ٿي سگهن. هنگامي ڪيمپن ۾ صاف پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن وبائي بيمارين، کاڌ خوراڪ جي صورتحال جي ڪميءَ کي پورو ڪري سگهجي. ايريگيشن جي عملي سان گڏوگڏ شهري رضاڪارن جي هڪ ٽيم به تيار ڪئي وڃي ته هو پنهنجن علائقن ۾ بندن جي نگراني سميت عام ماڻهن کي ريسڪيو ڪري سگهن. سنڌ ۾ ايندڙ هي ٻوڏ حڪومت لاءِ هڪ چيلينج هوندو. مسلسل پندرھن سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي لاءِ سواليا نشان هوندو. بهرحال جيڪڏھن سڄو سماج گڏجي حڪومت سان گڏ بيهندو ۽ حڪومت نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪندي ته نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻوڏ جي صورت ۾ درياءَ سنڌ جو پاڻي جي نيڪال جو رستو حمل ڍنڍ کان ڇنڊڻ ۽ منڇر ڍنڍ ذريعي پاڻي وري ساڳيو درياءِ سنڌ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي، ساڳئي طرح جهلي بند ۽ سپريو بند جي حالت به غير تسلي بخش ٻڌائي پئي وڃي، اهڙي صورت ۾ وري به 2010ع واري ٻوڏ جيان ننڍن شهرن جي ٻڏڻ جا خدشا وڌي سگهن ٿا. جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو، وزيراعليٰ سنڌ وزيرن ۽ مشيرن سان بچاءُ بندن جي هوائي دورن ۾ مصروف لڳو پيو آهي، سپر ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اسان کي ڪٿي به نظر نٿي اچي نه وري سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسيلا موجود آهن جو ٻوڏ جي صورت ۾ لکن جي تعداد ۾ گهربل ماڻهن جي خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست ڪري سگهن. خدارا سنڌي قوم تي رحم ڪريو سنڌ جي خوشحال قوم کي پنڻ تي مجبور نه ڪيو، سنڌ جي سٻاجهڙن ماروئڙن جي ٻچن جي مستقبل کي تباھ نه ڪريو. سنڌ جي عام عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت توهان حڪمرانن جي ذميواري آهي. ٻوڏن، برساتن، ڌاڙيلن، وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ چور لٽيرن اڳيان مضبوط بند ٻڌو ته جيئن هي ماروئڙا هن خوف ۽ حراس واري زندگي مان آزاد ٿي خوشحال زندگي گذاري سگهن.