تون ڪيڏي نه خوشنصيب آهين جو تنهنجو ذڪر ڪافڪا جهڙي عظيم لکاري ڪيو آهي. ڊڄ نه جهڙي نموني ڪافڪا تنهنجي جنس کي عيان نه ڪيو آهي، بلڪل ائين مان به تنهنجي جنس کي پردي ۾ رکندو هلندس ۽ ڪيڏي مهل توکي مرد ڪري مخاطب ٿيندس ته ڪيڏي مهل مائي ڪري… شروع ۾ تون پاڻ کي مائي تصور ڪر… هر شي جي شروعات عورتاڻي جنس کان ئي ٿي آهي، پر مون کي ڪافڪا کان هڪ شڪايت آهي. ڪافڪا پنهنجي ڪهاڻي ۾ تنهنجو ذڪر ته ڀرپور نموني ڪيو آهي ان جي ڀيٽ ۾ مون کي صفا نظر انداز ڪري ويو آهي. جڏهن ته ان ڪهاڻي ۾ توسان گڏ منهنجو ذڪر به هڪ جيترو ئي ضروري آهي. اها پاڻ ٻنهي جي ڪهاڻي آهي ۽ اها ڪهاڻي پاڻ ٻنهي جي ذڪر کانسوا اڻپوري ئي رهندي. مان هوريان هوريان تو ڏانهن وڌي رهيو آهيان ۽ خيال آيو اٿم ته توتي پهچي توسان گڏ ٿي ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي وڃڻ کان اڳ ڪافڪا جي اڌ ٻڌايل ڪهاڻي کي پورو ڪري ڇڏيان.
اي پل!
ها مان تو ڏانهن وڌي رهيو آهيان… مون کي پوري ڄاڻ آهي ته جيئن مان توتي هلڻ شروع ڪندس تون ٽٽي پوندين ۽ پاڻ ٻئي هيٺ کاهي ۾ ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي وينداسين. مان به تو جيان ئي آهيان: صدين کان اڪيلو، صدين کان گمنام، صدين کان لڪل، صدين کان ڀٽڪيل ۽ صدين کان رٺل… اها ئي ته هر انسان جي ڪهاڻي آهي: ڀٽڪيل… اڪيلو…گمنام… ۽ رٺل… ها مان تو ڏانهن وڌي رهيو آهيان.
اي پل!
صدين کان وٺي هر ڪو شيطان تي رڳو الزام ئي هڻندو آيو آهي، پر ڪنهن به ڪڏهن هن کان اهو پڇڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ته هو شيطان ڇو ٿيو؟ ڇو جو اسان سڀ وڏا شيطان هوندي به پاڻ کي نيڪ، پاڪ ۽ هيرو سمجهندا رهندا آهيون. اسان کي اهو وهم هوندو آهي ته سماج… جنهن جو ڪو وجود ئي ناهي ۽ جيڪو ڪجهه مڪار ماڻهن جو باقي ماڻهن کي ڏنل ڏٽو آهي… ان بي معنيٰ لفظ سماج کي سڀ کان وڌيڪ اسان جي ضرورت آهي ۽ رڳو اسان ئي ان تصوراتي شي ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا… انهيءَ تبديلي جي خوبصورت فريب ۾ اسان حيوانن کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته اسان تي حڪمراني ڪندا رهن ۽ اسان مٿان پنهنجي مرضي جا قانون مڙهيندا رهن… اسان کي بي تڪي سماج جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکن ۽ ٻين درندن کي وري اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته اهي اسان جي ڪنن ۾ نيري، پيلي ۽ ڳاڙهي انقلاب جي مرلي وڄائيندا رهن… دنيا جو هر نظريو هڪ جيترو ئي پرفريب آهي… سياست طلسم هوشربا آهي… انسان وڏو درندو آهي… انسان ئي وڏو شيطان آهي. اي پل! هي ڏس مان تو مٿان بيٺو آهيان. تون به مون جيان وکري چڪو آهين ۽ پاڻ ٻئي مرڪندا ان اونداهي کاهي ۾ ڪرڻ…..