بلاگنئون

مائينڊسيٽ ۽ دين ڌرم

مصيبت يا حقيقت اها به آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ غريب ماڻهو جيئن ئي مرڻ جي لاءِ ٿا، يا ائين به چئون ته مري مري جيئن ٿا، ڪو به آزديءَ سان يا سک سان جي نٿو سگهي، معاشي مشڪلاتون، مذهبي رڪاوٽون، رياستي پڪڙ جڪڙ، قدرتي مصيبتون، آفتون، گهڻيون بارشون، گهٽ پاڻي، سوڪهڙو، معاشي بدحالي، ملڪي حالتون، سيڪيورٽيءَ جا مسئلا ۽ رياست اندر بغاوتون، شهري لساني ۽ گروهي سياست ۽ سرحدي مسئلا شين کي منجهائي رکي ٿا ڇڏين. ڪٿي مذهبي آڙ مشڪل آهي ته ڪٿي لساني فساد ۽ ڦڏا، ڪٿي سياسي مٿي ماري ڪرڻي ٿي پئي، ڪٿي وري طبقات جا فرق ماري ٿا وجهن، مٿي اميري غريبي جا فرق ماڻهن جون متيون منجهائي ٿا ڇڏين ته ڪٿي سامراجي قوتون ۽ انهن جا ديرپا اثر، ڪٿي جاگيرداري جي ڌم لڳي پئي آهي ۽ ڪٿي سرمائيداريءَ ۾ ماڻهن جي زندگي ڦاسي پئي آهي ۽ ان ڪيپيٽلزم ماڻهن ۾ ويڇا وجهي ڇڏيا آهن، ڪٿي شين جي اڻ ٿيڻي به معاشرن جي بگاڙ جا سبب به آهن، ڪٿي رياستي دٻاءُ، ڪٿي عسڪري بربريت ڪٿي ڪٿي معاشرتي اڻبرابري ته ڪٿي طالبانائيزيشن متيون منجهائي ٿي رکي، ان ڪري اهڙي فنامنا ۾ شين جي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو به خيال ٻوڙي ٿو رکي. ڪٿي وري اها ڳالھ به ماري ٿي ته ماڻهو ٻولي ڪهڙي ڳالهائي، ڪهڙي ٻولي پڙهي، ڪهڙي ٻولي سکي، ڪهڙي ٻولي سمجهي وري ڇا پائي ۽ پهري، ڇا کائي پيئي، ڪنهن سان اٿي ويهي، سيڪيورٽي جا مسئلا ۽ روز جي سهولتن جي اڻاٺ کي ڪيئن منهن ڏئي، پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪيئن منهن ڏئي، بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ مهانگي بجلي، روز جي وڌندڙ اگهن ۽ گيس جي واڌ کوٽ جا مسئلا ڪيئن نبيري جو رات جو گيس ناهي، ڏينهن جو بجلي ۽ پاڻي ناهي، روڊ رستن جي لٽ ڦر جا مسئلا ڪنهن جي آڏو رکي، ڪنهن وٽ دانهي ٿئي، ڪنهن جي در دانهن کڻي وڃي ۽ ڪير انهن جي مسئلن کي نبيريندو ۽ ڪير ڳالھ ٻڌندو به.

مذهبي لڳ لاڳاپا رڳو ثواب دارين جي ڪري استعمال ڪري يا ڪتب آڻي، يا رڳو اهو سمجهي ته ڪيان ڪجھ، سمجهان ڪجھ، ڏسان ڪجھ، ڏسڻ ۾ ڪجھ اچان ۽ ماڻهو ٻيو سمجهن، مذهب هڪڙو، پوشاڪ ٻي، ڳالهائڻ ٽيون، معني هڪڙي جاءِ تي آمريڪا کي گاريون ۽ وري آمريڪا وڃڻ جي لاءِ ماڻهو پاڻ آتو، جو هر ماڻهو (مسلمان) آمريڪا کي گاريون ٿو ڏئي ۽ هر ماڻهو آمريڪا وڃڻ ٿو چاهي، ان جو مثال بصر وانگي ٿيو ته ”آپڻا مال هي رونسين به کاسين به“ معنيٰ منهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو واري ڳالھ ٿي بيٺي، ان ڪري ماڻهن جو مرڻ کان وڌيڪ زندگي کي جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، پوءِ ماڻهو ڇا ڪري يا ڇا ڪري سگهندو؟ ان ڪري مائينڊ سيٽ به وڏو عمل دخل ٿو رکي ۽ ماڻهوءَ جو مائينڊ سيٽ به انهن جي روزي روٽي جو ضامن به هجي ٿو، پوءِ اهو مائينڊ سيٽ مغربي هجي يا مشرقي، پر اهي سڀ ڳالهيون نوڪري، روزگار، ڪاروبار، واپار ۽ ملڪن جي وچ ۾ وڏيون بزنسز هلائڻ ۾ ڪم ٿو اچي. ان ڪري ته ملڪ به هڪ مائينڊ سيٽ جا مالڪ هجن ٿا، ماڻهن ۾ اها ڳالھ به آهي ته سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي ڇا ٿو سوچي، انهن جي ”جين“ يا مائينڊ سيٽ ۽ رتَ جي جزَ ۾ فرق هجي ٿو، عام ماڻهو ائين به سوچين ٿا ته آمريڪا جا ماڻهو ڇا هوندا، جي صحيح يا غلط به ڳالهائين ٿا ته اهي واقعي ائين ئي ڳالهائيندا هوندا يا انهن جا ڪلچر ائين ئي آهن، يا سمورا مغربي ملڪ ڪيئن سوچن ٿا، يا اسان جي پنهنجي روين ۾ مغريبيت، اسلاميت، دهريت، عيسائيت، هندييت ۽ انسانيت ڪيئن جهلڪندي هوندي جيڪي پڻ هڪ مائينڊ سيٽ جا جزَ ۽ ڪُل هجن ٿا، جن کان انڪار ناهي.

اها ڳالھ به عيان آهي ته آهستي آهستي ماڻهن ۾ ڪلچر به شفٽ ٿيندو ٿو وڃي، اڇي برقي کان ڪاري برقي ۽ هاڻي رڳو رئو ۽ ڪٿي ڪٿي رڳو ٻن ڪپڙن ۾ مايون نڪري ٿيون پون، رستي روڊ ويندي ڪنهن نوجوان کي پٽڪو ورلي ڪو ڏٺو هوندو يا ٽوپي ۽ اجرڪ به ڪنهن سياري جي مند ۾ ڏٺو ويندو آهي، ٻارن جي اسڪول جون ڊريسون به مٽجي ويون آهن، اسڪولن جي ميڊيم به تبديل ٿي ويا آهن، ان ڪري اهي سڀ مائينڊ سيٽ ئي آهن، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ اهو طئي ٿو ڪري جنهن تحت ڪلچر آهستي آهستي ڪيئن پينٽ شرٽ تي وڃي پڳو آهي ۽ مائينڊ سيٽ ڪيئن آهستي آهستي ڦري گهري وڃي مغربيت تي بيٺا آهن، چائنا ۾ ٻارن کي مذهب نه ٿو سيکاريو وڃي، آمريڪا ۽ مغرب ۾ ٻارن کي ايٿڪس (اخلاقيات) سيکاري ٿي وڃي، چائنا ۾ ٻارن کي مذهب جي خبر ناهي هوندي، يا انهن جا گرد وارا، ڪليسائون ۽ گرجا گهر رڳو مذهب سيکارين ٿا، سو به اڙيو ٿڙيو، ان ڪري ته اسان وانگي اسڪول به هاڻي مدرسا ٿي ويا آهن، پر ڪٿي ڪٿي شيون مورڳو ئي مختلف آهن، ڪٿي ائين به آهي ته سٽي اسڪول ۽ مدرسي جي پڙهيل ٻار جي مائينڊ سيٽ ۾ گهڻو فرق هجي ٿو اهي ٻار روين ۽ ڳالهائڻ ۾ به گهڻا منفرد هجن ٿا جن جي سڃاڻ انهن جي اسڪولن سان ڪئي ويندي آهي ته اهي ٻار پڙهيا ڇا ۽ سکيا ڇا؟ هڪ ٻي حقيقت به آهي ته انگريز خراب آهي، پر انگريزي ٻولي صحيح آهي، ان ڪري پڙهي لکي انگريزي ڳالهائي پاڻ مڃايون ويٺا آهيون، پر انگريز ۽ انهن جو ڪلچر خراب آهي، ان ڪري انهن جي مائينڊ سيٽ ۾ اسان جي مائينڊ سيٽ ۾ ڏينهن رات جو فرق هجي ٿو، اهي جيڪو سوچن ٿا، اهي جيڪو ڪن ٿا، اهي جيڪو پڙهن ٿا، اهي جيڪو پڙهائين ٿا، اهو سڀ هڪ مائينڊ سيٽ ئي آهي، پر بدقسمتي سان اهو سڀ ڪجھ اسان وٽ ناهي، پر وقت سر اسان وٽ شيون هاڻي پاڻ بدلائي ويون آهن، شين ۾ مشريقيت نه ٿي جهلڪي ۽ جيڪي به اسان پريٽڪسز ڪيون ٿا انهن ۾ مغربيت ڏسجي پسجي ٿي جنهن سان اسان وٽ بنياد پرستي ۽ شدت پسندي ۾ ڪجھ جهڪائي اچي سگهي ٿي جنهن جي ڪري اسان وٽ تعليمي معيار به ماضيءَ جي مقابلي ۾ بدلبا رهن ٿا اسان وٽ به اهي خدن ۽ ربن کان ڳالهيون هاڻي پيٽر ۽ جان مارشل ۽ جيڪسن واريون ٿين ٿيون ان ڪري ته اهي معاشرا ترقي ڪري چڪا آهن ۽ اسان هاڻي انهن جي نقش قدم تي هلون پيا ۽ آهستي آهستي اسان به شيون مٽائي، تبديل ڪري، پنهنجي ڪلچر سان هٿ چراند ڪري انهن جي ڪلچر ۾ رنگجي وينداسين ۽ هڪ ڏينهن اهي سڀ شيون اسان وٽ به عام هونديون جنهن جو مثال اربنائيزيشن جي ڀرمار به آهي.

سڀني کي جنت کپي پر مرڻ ڪير نه ٿو چاهي پر انهن دينن ۽ ڌرمن جي ڪري باعث اڌ کان وڌيڪ ماڻهن ۾ سستي ۽ ڪاهلي به بشمول رهي ٿي، يا اهي ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته انهن کي هن دنيا ۾ ڪمائڻو ئي ناهي يا رڳو آخرت ڪمائڻي اٿن يا اهو طبقو اهو ٿو سمجهن ته غربت ئي ڀلي آهي جو گهٽ ۾ گھٽ پنهنجو پالڻهار يا ڀڳوان ته ياد ڪيون ويٺا آهيون جي پيسي جي گهڻائي هجي ته اهي پنهنجي پالڻهار کي ياد ئي نه ڪن ان ڪري ته سياست ۽ مذهب آهي ئي غريبن جي ڪري جي غريب روڊ رستن تي جهنڊن جون باراتون ۽ ڄنڄون کڻي نه هلن ته اهي مذهب ۽ سياست پٺ تي پئجي وڃن ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ سياستدان بک مري وڃن ان ڪري غربت به پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪرڻ جو بهانو هجي ٿو، يا اهي غريب به پنهنجي پيدا ڪندڙ کي ياد نه ڪن ته پوءِ ڀلا ڪير ياد ڪري. اها درديلي فنامانا سموري ٿرڊ ورلڊ ڪنٽري جي به آهي ۽ ساڳي جاءِ تي دنيا جي سڌريل ملڪن جا ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته جي ڪمائينداسين ته کائينداسين يا دنيا مڪافات عمل به آهي، هيءَ دنيا جزا ۽ سزا جو محور به آهي يا سمجهن ٿا يا سمجهائين ٿا ته جيستائين اهي ڌرم وٽ مرڪوز آهن ته ڌرم باقي آهي جي نه ته ڌرم به ناهي ته پوءِ ڪليسائين، گوردوارن ۽ گهرجا گهرن کي ڪير هلائيندو، يا سڌريل ۽ اڻ سڌريل ملڪن اندر مڪافات عمل جون وصفون اهي به آهن ته جي بي ايماني ڪندا ته انهن سان به بي ايماني ٿيندي يا جي ايمانداري ڪندا ته انهن سان به ايمانداري ٿيندي يا معاشرا ائين ئي بهتر ڪري سگهجن ٿا. پر ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز ۾ رياست جا اصول ۽ قائدا قانون مڙئي ڪجھ جهڪا آهن يا غريبن جي لاءِ هڪڙو قانون آهي ته اميرن جي لاءِ ٻيو قانون، مثال خلع غريب ماڻهن جو شيوو ناهي پر طلاق جا فرق نه ٿا ڪري يا ائين به چئي سگهجي ٿو طلاق جو ريشو امير طبقي ۾ مڙئي ڪجھ ڳچ رهي ٿو ۽ غريب طبقو جيڪو رشتن ناتن، سوٽن، ماساتن، پڦاٽن ۽ ويجهن مائٽن ۾ ڦاٿل آهي اهو مڙئي ٽارو ڪري ٿو وڃي ان ڪري ڳالھ پئي ڪئي سين ته خلع جو 1939 وارو قانون عورت کي عدت (حد) نه ڪرڻ جي آزادي بخشي ٿو ان ڪري اهو قانون اسلام ۾ قائدي ۽ قانون کان ٻاهر آهي، انگريز جي وقتن ۾ گاڏيون رڳو انگريزن وٽ هونديون هيون ان ڪري گاڏي جي ٽڪر ۾ جيڪڏهن ڪير مري به ويو ته اهو خون ناهي ان ڪري اجي ديئت ئي ٿي سگهي ٿي ان ڪري ته گاڏيون ان درو کان وٺي وڏي طبقي وٽ آهن ان ڪري قانون به وڏن ماڻهن جو ۽ مرضي به وڏن ماڻهن جي.