مصيبت يا حقيقت اها به آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ غريب ماڻهو جيئن ئي مرڻ جي لاءِ ٿا، يا ائين به چئون ته مري مري جيئن ٿا، ڪو به آزديءَ سان يا سک سان جي نٿو سگهي، معاشي مشڪلاتون، مذهبي رڪاوٽون، رياستي پڪڙ جڪڙ، قدرتي مصيبتون، آفتون، گهڻيون بارشون، گهٽ پاڻي، سوڪهڙو، معاشي بدحالي، ملڪي حالتون، سيڪيورٽيءَ جا مسئلا ۽ رياست اندر بغاوتون، شهري لساني ۽ گروهي سياست ۽ سرحدي مسئلا شين کي منجهائي رکي ٿا ڇڏين. ڪٿي مذهبي آڙ مشڪل آهي ته ڪٿي لساني فساد ۽ ڦڏا، ڪٿي سياسي مٿي ماري ڪرڻي ٿي پئي، ڪٿي وري طبقات جا فرق ماري ٿا وجهن، مٿي اميري غريبي جا فرق ماڻهن جون متيون منجهائي ٿا ڇڏين ته ڪٿي سامراجي قوتون ۽ انهن جا ديرپا اثر، ڪٿي جاگيرداري جي ڌم لڳي پئي آهي ۽ ڪٿي سرمائيداريءَ ۾ ماڻهن جي زندگي ڦاسي پئي آهي ۽ ان ڪيپيٽلزم ماڻهن ۾ ويڇا وجهي ڇڏيا آهن، ڪٿي شين جي اڻ ٿيڻي به معاشرن جي بگاڙ جا سبب به آهن، ڪٿي رياستي دٻاءُ، ڪٿي عسڪري بربريت ڪٿي ڪٿي معاشرتي اڻبرابري ته ڪٿي طالبانائيزيشن متيون منجهائي ٿي رکي، ان ڪري اهڙي فنامنا ۾ شين جي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو به خيال ٻوڙي ٿو رکي. ڪٿي وري اها ڳالھ به ماري ٿي ته ماڻهو ٻولي ڪهڙي ڳالهائي، ڪهڙي ٻولي پڙهي، ڪهڙي ٻولي سکي، ڪهڙي ٻولي سمجهي وري ڇا پائي ۽ پهري، ڇا کائي پيئي، ڪنهن سان اٿي ويهي، سيڪيورٽي جا مسئلا ۽ روز جي سهولتن جي اڻاٺ کي ڪيئن منهن ڏئي، پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪيئن منهن ڏئي، بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ مهانگي بجلي، روز جي وڌندڙ اگهن ۽ گيس جي واڌ کوٽ جا مسئلا ڪيئن نبيري جو رات جو گيس ناهي، ڏينهن جو بجلي ۽ پاڻي ناهي، روڊ رستن جي لٽ ڦر جا مسئلا ڪنهن جي آڏو رکي، ڪنهن وٽ دانهي ٿئي، ڪنهن جي در دانهن کڻي وڃي ۽ ڪير انهن جي مسئلن کي نبيريندو ۽ ڪير ڳالھ ٻڌندو به.