بلاگنئون

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي اٺين ورسيءَ جي مناسبت سان: فطري عقيدا ۽ مصنوعي مذهبن جو ارتقاءَ

دنيا مان رخصت ٿيندڙ شخصيتن سان ڪيتريون ئي الھامي ۽ اعتقاد سان جڙيل رسمي ڳالھيون منسوب ڪيون وينديون آھن. زندگيءَ جي آخري پل اندر انسان پاڻ به زندگيءَ جي جنگ ھارائيندو ڏسي، پنھنجي انتقال ڪيل عزيزن کي سامھون بيٺل ڏسندو آھي يا اڻ ڏٺل مخلوق کي پنھنجي ويجھو محسوس ڪندو آھي. ويجھا عزيز به سندس بي خودي ۾ ڪيل ڳالھين ۽ اشارن کي اھڙن ئي اعتقادي ڳالھين سان جوڙيندا آھن. ھو روح ڦاٿل ڏسي سندس خواھشن کي پورو ڪرڻ واسطي اولاد يا اھڙي ڪنھن خانداني رشتي جي منجھيل سٽ کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته جيئن سندس آساني ٿئي. آخر ۾ اٽڪيل ساھ کي ٻاھر ڪڍڻ واسطي آيتون ۽ دم درود پڙھي سندس جان آجي ڪرائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندا آھن ۽ ھر ڪنھن کي اھوئي چوندا آھن ته ادا دعا ڪريو ته ڌڻي سڳورو آساني پيدا ڪري کيس  پاڻ وٽ سڏائي!

ڊاڪٽر عرساڻي پنھنجي سموري زندگي فطري ۽ منطقي سوچ سان گڏ گذاري سندس آخري زندگيءَ جا ڏينھن ۽ لمحا پنھنجي فڪر ۽ تحريرن جي گرد گھمندا رھيا.  جيتوڻيڪ ھن پارڪنسنز بيماري سبب آخري ٽي سال ھڪ بيڊ تي ليٽي گذاريا، پر پوءِ به پنھنجو فڪر ۽ سوچ، منطق ۽ فطرت  سان جوڙي رکيا. حواس جي آخري حس تائين ھن حقيقت ۽ سچ کي محسوس ڪيو، سندس دل ۾ ڪڏھن به پنھنجي بي وسي ۽ لاچاري کي الھام جي ماتحت ڪرڻ جو خيال ڪونه آيو. ھن آخري وقت ۾ پنھنجا ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ان جي اشاعت لاءِ احڪامات ڏيندو رھيو. ڊاڪٽر عرساڻي جي  آخري الفاظن ۾ به سندس ڪتاب “دل جي ڳالهھ” جو ذڪر ھو. نيم بي ھوشيءَ جي عالم ۾ به سندس سوال پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن بابت ھوندو ھو، کيس نه ڪو ڪڏھن ڏيک آيو ۽ نه ئي سندس سامھون ڪا اعتقاد سان جڙيل ڳالھه رکي وئي.

پنھنجي بابا سائين ڊاڪٽر عرساڻي سان آئون ھميشه جڙيل رھيس، جڏھن ھن ھي دنيا ڇڏي تڏھن آئون پنجاھ سالن جو ھئس، بابا جي وڃڻ کان ٺيڪ ٻه ڏينھن اڳ منھنجي جنم جو ڏينھن ھو. انھن پنجاھ سالن ۾ ڪو ھڪ به ڏينھن اھڙو نه سجھي جو مون کي سندس صحبت حاصل نه ٿي ھجي. سندس زندگي منھنجي اکين آڏو ھڪ خواب وانگر گذرندي رھندي آھي، اڃان به آئون خوابن ۾ سندس لمس، ڇھاءُ ۽ سندن خوشبو چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگھندو آھيان. اھو سڀ ذڪر ڪرڻ جو ھتي مقصد اھو آھي ته آئون ڊاڪٽر عرساڻي جي خيالن ۽ خوابن ئي نه، پر سندس حقيقي روپ ۽ فڪر سان جڙيل ڳالھيون اوھان سان ونڊڻ لڳان ته جيئن پڙھندڙ ان جي ساءُ کي ايئن ئي محسوس ڪن جيئن مون محسوس ڪيو آھي.

ڊاڪٽر عرساڻي حقيقت پسند، سائنسي پروڙ ۽ ان سان چاھ رکندڙ شخصيت جو مالڪ ھو اڄ کان چار ڏھاڪا اڳ سندس يو ايس اي ۾ مقيم ماسات کان اوريجنس ڪتاب گھرايو ھئائين. جنھن ۾ انساني ارتقاءَ بابت تصويرن سان ڊارون جي ٿيوري سمجھائي وئي ھئي. جڏھن ته ڪارل سگان جو ڪتاب ڪاسماس جيئن ئي شايع ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اھو ڪتاب به يو ايس اي مان گھرائي پنھنجي مطالعي ھيٺ آندو. ھن ان ڪتاب کي نوي جي ڏھاڪي ۾ ترجمو ڪري عبرت ميگزين ۾ قسطوار شايع ڪرايو. پي ٽي وي تان جڏھن ڪارل سگان جي پنھنجي زباني ڪوسموس جي ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي ته ڊاڪٽر عرساڻي اھا سموريون قسطون مون کان وي سي آر ذريعي رڪارڊ ڪرايون.  فزڪس جي اصولن ۾کيس گھري دلچسپي ھوندي ھئي ۽ پاڻ فزڪس جي علم کي فلاسافي جي جديد صورت ڪري بيان ڪندو ھو.

ڊاڪٽر عرساڻي جو ذھن جڏھن لکپڙھ ڪري ٿڪجندو ھو ته ھو ساھي کڻڻ لاءِ پينگھي جي لوڏ مان آسيس وٺندو ھو. آئون به سندس ڀر جھلي وڃي پاسو وٺندو ھئس ۽ پنھنجي ذھن ۾ اٿيل سوال ساڻس ضرور ونڊيندو ھئس.  ڊاڪٽر عرساڻي ھر فلم وڏي توجهه سان ڏسندو ھو ۽ اسان کي به وچ ۾ نه ڳالھائڻ جي تنبيھه ڪندو ھو.  ھيرآباد واري عرساڻي گھر ۾ نئون نئون وي سي آر ورتوسين، تنھن وقت ۾ ”مين تلسي تيري آنگن ڪي“ فلم ھلائي، جنھن ۾ ھندو ڪلچر تحت تلسي جي ٻوٽي جي تعظيم ۽ ان جي پوڄا ڪندي ڏيکاريو ويو ھو. فلم ڏسندي منھنجي ذھن ۾ اھو سوال رھجي ويو ته ھندو ٻوٽي، ڍڳيءَ، پاڻي، نانگ، شينھن جي پوڄا ڇو ٿا ڪن؟ جيئن ئي موقعو مليو ته مون ڊاڪٽر عرساڻي کان سوال ڪيو بابا سائين ھي ھندو وڻ، ڍڳي، پاڻي وغيرہ جي پاٺ پوڄا ڇو ٿا ڪن؟

ڊاڪٽر عرساڻي منھنجي سوال تي مسڪرائيندي جواب ڏنو ”پٽ، انسان پنھنجي تخيل ۽ فڪر جو تعبيدار آھي، جيڪو ھو سوچيندو آھي عملي طور به اھو ئي گھڙيندو آھي“.  پر بابا سائين منھنجي سوال جو ان ڳالھه سان ڪھڙو تعلق آھي، مون وري سوال ڪيو: بابا ٻيھر جواب ڏيندي چيو ”پٽ، انساني تاريخ ۾ عقيدن جو جنم هڪ فطري ۽ نفسياتي ضرورت طور ٿيو آھي. شروعاتي انسان، جڏهن فطرت جي بي رحم قوتن، موت جي خوف ۽ بقا جي جدوجهد سان منهن ڏئي رهيو هو، تڏهن هن جي ذھن ۾ اهڙا خيال پيدا ٿيا جيڪي کيس ڪنهن وڏي طاقت، حڪمت ۽ مقصد سان ڳنڍيندا رھيا. اهي ابتدائي عقيدا ڪنهن رسمي يا مصنوعي مذهب جي شڪل ۾ نه هئا، پر فطرت جي مشاهدن، تجربن ۽ اجتماعي زندگيءَ جي ضرورت مان جنم وٺندڙ هڪ شعوري ۽ لاشعوري عمل هئا“. بابا سائين وڌيڪ سمجھائيندي چيو ته:

پٽ شروعاتي انسان جو سڀ کان وڏو استاد، فطرت هئي. آسماني چمڪ (سج، چنڊ، تارا)، بجليءَ جا ڪڙڪا، طوفان، زلزلا ۽ بيماريون اهي سڀ قوتون سندس سمجهه کان ٻاهر هيون.  سندن هر غير معمولي واقعي کي ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت سان جوڙڻ فطري ھو. هي انساني نفسيات جو هڪ بنيادي قانون آهي ته جتي ڄاڻ ختم ٿئي، اتي تصور، ڪهاڻي ۽ عقيدو شروع ٿئي ٿو. شروعاتي انسان جبل، درياءَ، وڻ، جانورن ۽ آسماني جسمن ۾ الھامي قوت ڏسندو هو. وقت سان گڏ، فطري عقيدا نسل در نسل منتقل ٿيا. ڪهاڻيون، لوڪ گيت ۽ رسمون گڏيل ياداشت جو حصو بڻيا، جيڪي هڪ ئي وقت ۾ سڃاڻپ ۽ اتحاد جو ذريعو به هئا.

”بابا سائين ته پوءِ انھن عقيدن سان گڏ ھڪ اڻ ڏٺي خدا جو تصور ڪيئن جڙيو؟“ مون پنھنجي سوال مان ٻيو سوال ڪڍيو: بابا ورندي ڏيندي چيو ته”پٽ جڏھن زراعتي دور آيو ۽ ماڻھو درياھ جا ڪنارا وسائڻ لڳا، آباديون وڌڻ لڳيون تڏھن ماڻھن جي گڏجي رھڻ واري ضرورت زور پڪڙيو. رھڻ جو انداز مٽجڻ لڳو ۽ ضرورتون وڌڻ لڳيون، وڏين آبادين کي ڪنٽرول ۽ پابند سلاسل ڪرڻ واسطي کين باضابطا قانونن جي ضرورت پيش آئي، يا کڻي ائين چئون ته جڏهن انسان شڪار ڪندڙ ٽولن کان زراعت تي ٻڌل مستقل آباديءَ ڏانهن وڌيو، تڏهن سماجي ڍانچو پيچيدہ ٿيڻ لڳو. قبيلن ۽ ڳوٺن کي هڪ اخلاقي ۽ قانوني نظام جي ضرورت پئي. فطري عقيدا آهستي آهستي ضابطن ۽ حڪمن ۾ بدلجي ويا. “ھي نه ڪر”، “هي ضرور ڪر” گناھ ۽ ثواب جهڙيون هدايتون ماڻهن ۾ نظم، ضبط ۽ پنھنجا حڪم مڃائڻ لاءِ ڪارگر ٿيڻ ۽ ماڻھن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو وسيلو بڻجي ويون“.

ڊاڪٽر عرساڻي ڪجھه ساھي بعد پنھنجي ڳالهھ جاري رکندي چيو ته: ”جڏھن ماڻھو مذھبي رسمن کي بنياد بنائي مختلف ٽولن ۽ فرقن ۾ ورھائجي، پاڻ ۾ اختلاف راءِ پيدا ڪرڻ لڳا ته اتي اعتقاد جو ھنر رکندڙ چرٻ زبان اڳواڻن جو ڪردار وڌي ويو، جيڪي فطرت سان “رابطو” رکڻ جا دعويدار بڻجي ان جي نمائندي طور پيش ٿيڻ لڳا. اختيارن کي مرڪزي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ورھايل عقيدن جي متبادل ھڪ خدا جو تصور پيش ڪيو ويو“.  ”ته پوءِ ان جي معنيٰ ته ھڪ خدا جو تصور، ھڪ بادشاھ کي اختيار ڏيڻ لاءِ وجود ورتو“. مون ڊاڪٽر عرساڻي کان سوال ڪيو.

پٽ، جڏهن رياستون ۽ بادشاهتون ٺهيون، تڏهن سياسي ۽ مذهبي اقتدار جو ميلان شروع ٿيو. حڪمرانن کي خبر هئي ته ماڻهن کي صرف تلوار سان نه، پر عقيدي سان قابو رکي سگهجي ٿو. جنھن ڪري ھو  “خدائي حڪم” ۽ “آسماني حق” جا دعويدار بڻيا. مذهبي اڳواڻ ۽ حڪمران گڏجي هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ لڳا، جتي حڪمران کي “خدائي نمائندو” سڏيو ويو ۽ سندس حڪمن جي نافرماني رڳو سياسي نه، پر روحاني ڏوھ تصور ڪيو ويو. اهڙي طرح هٿرادو عقيدن ذريعي ماڻهن جي ذهني آزاديءَ کي محدود ڪيو ويو“. بابا سائين ”ان نظريي ڊيگهه ڪيئن پڪڙي ۽ فطري عقيدا پڻ الھامي نظرين سان ڪيئن جڙي ويا.“ مون ڊاڪٽر عرساڻي کان سوال ڪيو.

”پٽ اصل ۾ تحريري ٻوليءَ جي ايجاد کانپوءِ عقيدن کي لکي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. هي لکت، جيڪا پهريان ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن تي ٻڌل هئي، آهستي آهستي مقدس متنن ۾ بدلجي وئي ۽ مذهبي اقتدار جي بقا لاءِ سند بڻجي وئي. هٿرادو مذهبي نظام اڪثر علم کي محدود ڪري، صرف “مقدس” نصاب تائين محدود رکندو هو. منفرد سوال ۽ سوچ کي “ڪفر” يا “گمراهي” قرار ڏئي سزا ڏني ويندي هئي. فطري عقيدا بقا، اتحاد ۽ فطرت سان هم آهنگيءَ لاءِ پيدا ٿيا، جڏهن ته هٿرادو عقيدا طاقتور طبقي جي فائدي لاءِ ٺهيا. هٿرادو مذهبي ڪنٽرول فرد جي آزادي، سچ جي تلاش ۽ فڪري تنوع کي محدود ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ علمي ترقي سست ٿي ۽ معاشرا صدين تائين جهالت ۾ ڦاٿل رهيا“.

ڊاڪٽر عرساڻي ان بابت وڌيڪ سمجھائيندي چيو ته: ”روم جا شهنشاهه رياستي مذهب جا مرڪز رھيا. يورپ ۾ چرچ سياسي فيصلا ڪنٽرول ڪندو هو ۽ بادشاهن کي آشيِرواد ڏيندو هو. دوزخ، پاپ، لعنت ۽ روحاني سزا جا تصور ماڻهن کي فرمانبردار رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا رھيا. جنت، نجات، ۽ دائمي سڪون جا واعده ماڻهن کي موجودہ تڪليفون برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا“. پٽ اصل ۾ انساني ذھن ۾ فطري عقيدن جو جنم هڪ نفسياتي عمل هو، جيڪو خوف، اميد، ۽ بقا جي ضرورت سان ڳنڍيل هو. اهي عقيدا شروعاتي دور ۾ سماجي اتحاد ۽ اخلاقي نظام جا بنياد بڻيا، پر جڏهن طاقت جا مرڪز ٺهڻ لڳا، تڏهن اهي ئي عقيدا هٿرادو اعتقاد ۾ ڦري ذهني غلاميءَ جو اوزار بڻجي ويو. تاريخ مان سبق اهو ملي ٿو ته ڪنهن به عقيدي کي قبول ڪرڻ ۽ طاقتور ماڻهن کي ان جي تشريح جو اڪيلو حق ڏيڻ، فرد ۽ سماج ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهي. انساني آزادي، علم جي تلاش ۽ فطرت سان هم آهنگي اهي قدر آهن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ هر قسم جي ذهني استحصال کان بچائي سگهن ٿا“.

ڊاڪٽر عرساڻي بحث کي سھيڙيندي چيو ته: پهريون دور معصوم عقيدا، فطرت يعني سج، مينهن، زمين جي پوڄا سان ڳنڍيل رھيا، ٻئين دور ۾ مذھب جو ادارو بڻيو ۽ رسمن، قربانين ۽ عبادتن جنم ورتو. ٽئين دور ۾ مذھب ۽ سياست جو ميل مرڪزي حڪمراني جو جواز پيدا ڪيو، جڏھن ته چوٿون دور فڪر جي بغاوت،  فلسفي، سائنس ۽ تجربي جي کوجنا جو شروع ٿيو.“ پر بابا سائين، سائنس فڪر ۽ فلسفي جي باوجود اڄ به ته دنيا جي ڪيترن حصن ۾ مذهبي عقيدا سياسي ۽ معاشي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا، جديد پروپيگنڊا جا اوزار پراڻن مصنوعي عقيدن کي جديد صورت ڏئي ماڻھن تي ڪنٽرول برقرار رکڻ ۾ ڪوشان آهن، جديد سائنس کي مذھب سان ھم آھنگ ڪري ماڻھن جي ذھنن اندر مونجھارا پيدا ڪري رھيا آھن. ڇا اسين ان رجحان ۽ سوچ کان مڪمل طور آزادي ماڻي سگھنداسين يا ائين ئي پنھنجي ايندڙ نسل کي به انھن ئي مونجھارن جو شڪار ڪنداسين.

پٽ ايئن ته آھي، بابا سائين ورندي ڏني، انساني ارتقا مختلف دورن مان گذري ھن صورت تي رسي آھي، اھو ضرور ٿيو آھي جو انسان پنھنجي ذاتي تسڪين لاءِ ترقي ۽ تبديلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ليڪن تبديليءَ کي گھڻو عرصو روڪڻ سندس وس ۾ نه رھيو آھي. اھو ممڪن ئي ڪونھي ته انسان ساڳي سوچ سان پنھنجي مستقبل ۾ قدم رکي،  خيال، فڪر ۽ تصور ھميشه مٽجندا رھندا آھن ۽ اھي انسان کي پنھنجي زندگي مٽائڻ لاءِ اتسھائيندا رھندا آھن. اھو ٿي نٿو سگھي ته اسان جو ايندڙ نسل به ايئن سوچي جيئن اڄ اسين سوچي رھيا آھيون. تاريخ شاھد آھي ته ڪند ذھنيت ۽ اعتقادن ۾ ڦاٿل اڄ جي نسل جو ايندڙ نسل دنيا ۾ ساڳي سوچ سان قدم رکي اھو ممڪن ئي نه آھي.