ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان پئمينٽ سسٽم ۾ ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شموليت حاصل ڪري ورتي

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (SBP) باضابطا طور هڪ نئون ريئل ٽائيم انٽر بينڪ سيٽلمينٽ مڪينزم لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي “پرزم پلس” جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو مقصد ملڪ جي پئمينٽ انفرااسٽرڪچر کي جديد طرز تي استوار ڪرڻ ۽ ڊجيٽل طور شموليتي معيشت کي هٿي ڏيڻ آهي.

هي قدم پاڪستان جي مالياتي مارڪيٽ جي انفرااسٽرڪچر جي ترقي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن جي افتتاحي تقريب نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فنانس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ بينڪن جا سي اِي اوز، مائيڪرو فنانس ادارا، پئمينٽ سسٽم آپريٽر، پئمينٽ سروس فراهم ڪرڻ وارا، اسٽيٽ بينڪ جا سينئر آفيسر ۽ ٻيا اسٽيڪ هولڊر شامل هئا.

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ان موقعي تي چيو ته پرزم پلس اسٽيٽ بينڪ جي 2028ع جي ويزن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي ڊجيٽل فنانشل انفرااسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ آهي. هاڻي پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي رٽيل ۽ وڏي پئماني تي ادائگين جي نظام جي لاءِ آءِ ايس او 20022 عالمي مئسيجنگ اسٽينڊرڊ کي اختيار ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پرزم پلس بين الاقوامي معيار تحت ٺاهيو ويو آهي جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ استعمال ٿيندو آهي.

هن سسٽم جي ذريعي بينڪن جي وچ ۾ وڏين رقمن جي منتقلي گهٽ وقت ۾ تمام تيزيءَ سان ٿي سگهي ٿي ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هن ۾ مالي شفافيت ۽ حفاظت واريون خصوصيتون شامل آهن جيڪي ٽرانزيڪشن کي وڌيڪ محفوظ ۽ شفاف بڻائين ٿيون. ان کان علاوه هي نظام بينڪن جي وچ ۾ نقد رقم کي سنڀالڻ لاءِ بهترين طريقو آهي. هن سسٽم تحت اڪثر ڪم پاڻمرادو ٿي ويندا جنهن سان ڪارڪردگي وڌي ويندي، جنهن سان حڪومتي سيڪيورٽيز جهڙوڪر سرڪاري ٽرانزيڪشن ۾ به سڌارو ايندو. جيئن ته دنيا هر نئين اڀرندڙ سج سان گڏ نئين ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي طرف وڌي رهي آهي.

پاڪستان جو ان طرف مالياتي استحڪام لاءِ هي قدم پاڪستان جي خوشحاليءَ ڏانهن وڌيل هڪ قدم آهي، ان سان پاڪستان اندر ادارن جي وچ ۾ پئسي جي منتقليءَ جو بهتر نظام جڙندو، ملڪ ۾ مالي بحران جي صورت ۾ بينڪون پاڻمرادو هڪٻئي کي قرض ڏئي سگهنديون جنهن سان مالي نظام ۾ استحڪام پيدا ٿيندو. ان کان علاوه جڏهن ڪنهن به ملڪ جو مالي نظام محفوظ ۽ جديد هوندو آهي ته ان تي پرڏيهي ۽ مقامي سرمائيدارن جو اعتماد وڌي ويندو آهي. پرزم پلس جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستان جو مالي نظام بين الاقوامي معيارن سان هم آهنگ ٿي ويو آهي. هن نظام تحت ملڪ کي ڪيش کانسواءِ ڊجيٽل معيشت ڏانهن وٺي وڃڻ سولو ٿي پوندو، جيڪو اسان جي ملڪ جي اهم ضرورت آهي.

هن وقت دنيا جا ترقي يافته ملڪ ڪيش فري اڪانامي هلائي رهيا آهن، جنهنڪري جيڪا به پئسي جي ڏي وٺ ٿئي ٿي اها حڪومتي ادارن جي نظر ۾ رهي ٿي ۽ ان سان سڀ کان وڏو فائدو حڪومت کي ٿئي ٿو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ صنعتڪار ۽ واپاري پنهنجو ٽيڪس وقت تي جمع ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي پون ٿا ۽ وچ مان ٽيڪس گڏ ڪندڙ حڪومتي عملدار به غائب ٿي وڃن ٿا، جيڪي ٽيڪس چوري ڪرڻ ۾ عوام ۽ مختلف صنعتڪارن جا مددگار ثابت ٿين ٿا.

هن نظام جي اچڻ سان اڳتي هلي عوام کي ڪيش فري اڪانامي جو سهولتون به حاصل ٿي وينديون. ان کانسواءِ ملڪ ۾ غير قانوني پئسي جي ڏي وٺ به ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي. پرزم پلس ريئل ٽائيم گراس سيٽلمينٽ سسٽم (RTGS) تي ٻڌل آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ٽرانزيڪشن جو ڊيٽا فوري طور تي رڪارڊ ٿئي ٿو ۽ موجود هوندو آهي. ان سان ادارا غير قانوني يا مشڪوڪ پئسن جي ڏي وٺي کي فوري طور تي سڃاڻي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.

في الحال هي نظام مرڪزي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن جي وڏي پئماني تي ٿيندڙ ادائگين لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اهو نظام سڌو سنئون مارڪيٽن ۾ استعمال نه ٿيندو، پر ان جو اڻ سڌو مثبت اثر ضرور پوندو. جڏهن بينڪن جو آپريشنل سسٽم وڌيڪ تيز ۽ محفوظ هوندو ان جو فائدو بينڪن جي صارفين کي به پهچندو. اسان چئي سگهون ٿا ته پاڪستان هن وقت ڪيش فري معيشت لاءِ استعمال ٿيندڙ اهم نظام راست جيڪو اسٽيٽ بينڪ پاران شروع ڪيو ويو آهي. هن نظام جو مقصد عام ماڻهن ۽ ڪاروبارن جي وچ ۾ فوري ۽ سستيون ڊجيٽل ادائگيون ممڪن بنائڻ آهي. ان کان علاوه موبائل ايپس ذريعي هڪٻئي کي پئسا موڪلڻ راست ذريعي ممڪن ٿين ٿا.

ممڪن آهي ته راست ذريعي مستقبل ۾ واپارين ۽ دڪانن تي ادائگيون پڻ هن نظام سان جوڙيون وڃن. ڪيش فري معيشت وڌيڪ شفاف ڏي وٺ جو ذريعو بڻجي ويندي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مڪمل طور تي ڪيش فري معيشت پاڪستان ۾ مڪمل طور تي اڃان ممڪن ناهي، پر پاڪستان جي معيشت ان نظام ڏانهن تيزيءَ سان اڳتي ضرور وڌي رهي آهي.