”مليرئون مرڪڻو “ ڪتاب تي تبصرو
جيڪڏھن مونکي جھنم ۾ ڪتاب ڏنا وڃن ته مان اھو به پسند ڪريان
ڇو ته ڪتابن ۾ اھا طاقت آھي جو دوزخ به بھشت ٿي پوي.
(لوڪمانيه تلڪ)
مضمون نگاري تي آڌاريل ”مليرئون مرڪڻو“ ”محمد ھنڱورجو“ جو ھي ڪتاب مونکي موتين مالھا اُن ڪري به محسوس ٿيو، جو ھن ڪتاب ۾ ليکڪ صحراءِ ٿر جي ڪجھ انھن گمنام شخصيتن جي زندگيءَ تي قلمي پورھيو پيش ڪيو آهي. جن جو تعلق ٿر جي ڏورانھين علائقن ۽ ٻھراڙي جي ڳوٺن سان رھيو آهي. انھن شخصيتن جو پڻ سماج ۾ ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان سٺو ڪردار رھيو آهي.
پوءِ اُھا سخاوت يا مھمانوازي ھجي يا راڄن ڀاڳن ۾ ڀائيچاري قائم ڪرڻ واري ڀلوڙ روايت ھجي. ھي شخص ھر حوالي سان سنڌ جي عظيم روايتن جا امين رھيا آھن.
اُملھ آھي اُن جي روايت ۽ ريت
صدائون سنگيت سانڍيو اچن ساھ سان
(مُلزم ٿري)
لفظ گُمنام ان ڪري به لکان پيو جو ھن ڪتاب ۾ شامل ڪي شخصيتون جن کي ھونءَ ته سماج ۾ سٺي سڃاڻپ مليل رھي آهي، پر سندن نالا احترامن تاريخ جي ورقن ۾ سونھري لفظن ۾ لکجي نه سگھيا ھئا. ڇو ته ڪنھن ليکڪ سندن ڪردار تي قلم کنيو ئي نه ھو.
انھن شخصيتن جي سوانح حيات سائين محمد ھنڱورجو صاحب تمام سھڻي انداز سان سھيڙي آهي.
اسانجي ھن رڻ ڪنڌيءَ واري علائقي ”وٽ“ ۾ ان پاڻيءَ کان وڌيڪ مون ته علم ادب جي اڻھوند محسوس ڪئي آهي، جتي سڄي سنڌ سميت صحراءَ ٿر جي به ھر گھر ۾ ٻه چار شاعر، اديب، ادب ذوق ماڻھو ملن ٿا، اتي اڄ به اسانجي ھن ”وٽ“ واري علائقي ۾ ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ادب ذوق مطالعي نگار مس ملندا. انھي علائقي ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد ھنڱورجو جھڙو شاعر نثر نويس اديب لطيف جو پارکو ناميارو ليکڪ موجود آھي ته يقينن ھن پوئتي پيل علائقي جي وڏي خوشنصيبي چئبي.
”مليرئون مرڪڻو“ جو ليکڪ محمد ھنڱورجو جا 7 ڪتاب ڇپيل آھن. سائين محمد ھنڱورجو نه صرف لطيف شناس ليکڪ، تنقيدنگار ۽ سٺو ڪالم نويس آهي، بلڪه پاڻ بھترين شاعر پڻ آھي. جنھن جي شاعري جا 3 ڪتاب ”کيرون کاھوڙين جون“، ”ٿوري قُوت قراريا“ ۽ ”سُڻي ساڻيھ ڳالھڙي“ شايع ٿيل آھن ۽ سندس شاعريءَ کي سنڌ جي ڪافي ڪلاسيڪل راڳين پُڻ آواز جو روپ ڏنو آهي. سائين محمد ھنڱورجو جو ھي تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل ڪتاب ”مليرئون مرڪڻو“ مڃتا ماڻڻ واري منزل کي ضرور رسندو. ھي ڪتاب نه رڳو صحراءَ ٿر جي ڪجھ گُمنام شخصيتن جي ڪردار جو اولڙو آهي، بلڪه مونکي ته ائين محسوس ٿي رھيو آهي ته ليکڪ جي آتم ڪٿا به ھن ئي ڪتاب جو حصو آهي.
جيئڻا اڳي جي جيئا، جُڳ جُڳ سي جيئن
موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مُئا
***