ايٿوپيا جي وزيراعظم لاءِ امن جو نوبيل انعام
2019 جو امن نوبيل انعام ايٿوپيا جي وزيراعظم ابي احمد کي ڏنو ويو آهي. هي نوبيل پرائز هن پاران پاڙيسري ملڪ اريٽيريا سان لاڳاپا سٺا ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي. پنهنجي پيغام ۾ ابي احمد چيو ته مون کي نوبيل انعام حاصل ڪندي خوشي ٿي آهي ۽ هن انعام سان اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي. ياد رهي ته ابي احمد پاڙيسري ملڪ اريٽيريا سان گذريل سال سيپٽمبر ۾ امن معاهدو ڪيو هو جنهن موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو هو ته هن امن معاهدي سان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جا نوان موقعا ملي سگهندا ۽ اهو آفريڪا ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ مثال هوندو ته اهي ماضيءَ جي تلخين کي وساري عوام کي سامهون رکي هلن.

