آصف زرداري سان چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات
لاهور پهتل اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪري مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان موجب ملاقات دوران چوڌري شجاعت اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

