پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان ۾ 35 سيڪڙو خواتين ڊاڪٽر ملازمت نٿيون ڪن: گيلپ سروي

پاڪستان ۾ طبي پيشه ور ڊاڪٽرياڻين جي گهٽتائي باوجود خواتين ڊاڪٽرن جو وڏو انگ ملازمت نٿو ڪري، حالانڪه حڪومت پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي تعليم تي اربين رپين جي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي. ليبر فورس 21-2020 جي پنهنجي تحقيق جي بنياد تي گيلپ پاڪستان ۽ پرائيڊ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ليبر مارڪيٽ ۽ خاص طور تي خواتين ميڊيڪل گريجوئيٽن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ۽ رپورٽ مرتب ڪئي، سروي ۾ سڄي پاڪستان مان تقريبن 99900 گهراڻن جو ڊيٽا جمع ڪيو هو ۽ پهريون ڀيرو ضلعي سطح جا نتيجا به فراهم ڪيا ويا. سروي جي نتيجن موجب هڪ پاسي پاڪستان ۾ قابل ڊاڪٽرياڻين جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي 36 هزار کان وڌيڪ خواتين ڊاڪٽر يا ته بيروزگار آهن يا اهي مختلف سببن جي بنياد تي ليبر فورس مان ٻاهر رهڻ جي چونڊ ڪري رهيون آهن. گيلپ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بلال گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ تربيت يافته طبي ڊاڪٽرياڻين جي کوٽ آهي ۽ قابل خواتين ڊاڪٽرياڻين جو ڪم نه ڪرڻ هڪ اهم مسئلو آهي، خدمتون انجام نه ڏيندڙ ڊاڪٽرياڻين تي ٿيڻ وارن خرچن مان ٽيڪس ڏيندڙن جو قيمتي پئسو به ضايع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صحت جا نقصان الڳ آهن.