اسان هڪ اهڙي سماجي بيهڪ جي گهيري ۾ ورتل آهيون، جتي مُردن کي ته وڏو مان ملي ٿو، پر زنده انسانن کي سندن حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو يا نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ جيتري ڪڙي ۽ پيڙاءَ ڏياريندڙ آهي، حقيقت ان کان به وڌيڪ تلخ آهي. اڄ اسان جي سنڌي سماج کي “سفيد پوشيءَ” جي ڪوڙي ڀرم ۽ “لوڪ ڇا چوندو” واري نفسياتي خوف ائين وڪوڙي ورتو آهي، جو اسان وٽان سچي انسانيت ۽ ڀائيچاري جو روح پرواز ڪري چڪو آهي. اسان اهڙين پراڻين ۽ اڏوهي کاڌل بي مقصد ريتن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا آهيون، جتي زنده انسان تڙپي تڙپي ساهه ڏئي ڇڏي ٿو، پر اسان جي غيرت نٿي جاڳي، پر جڏهن هو اکيون ٻوٽي ٿو ته اسان پنهنجو گهر ٻاري به ناموس جا نغارا وڄائڻ شروع ڪري ڏيندا آهيون.
اچو ته پنهنجي اڱڻن ۽ پاڙن ۾ جهاتي پائي ڏسون. جڏهن گهر جو ڪو ڀاتي يا عزيز سخت بيماريءَ جي لپيٽ ۾ هوندو آهي ته اسان مان اڪثر ماڻهو اهو چئي ڇڏيندا آهن ته “ڀائو! اڄڪلهه هٿ ڏاڍو سوڙهو آهي، سرڪاري اسپتال کڻي هلو.” مالي مشڪلاتن جي ڪري مناسب علاج نه ملڻ سبب اهو مريض ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن فاني دنيا کي الوداع چئي هليو ويندو آهي، پر اصل الميو تڏهن ڪر کڻندو آهي جڏهن ان ميت جو ٽيجهو، جمعاڻو يا چاليهو ٿيندو آهي. تڏهن اها مالي تنگدستي خبر ناهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندي آهي! برادريءَ ۾ پنهنجو مانُ مٿانهون رکڻ لاءِ، اباڻيون زمينون وڪڻي، عورتن جا زيور گروي رکي يا وياج خورن جا ٻانها بڻجي، سوين ماڻهن لاءِ شاهي مانيون ۽ ديڳيون تيار ڪيون وينديون آهن. جنهن انسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن پنجن هزارن جي دوا جي شڪل نه ڏٺي، ان جي لاش تي لکن جو تماشو ڪيو ويندو آهي ته جيئن لوڪ واهه واهه ڪري ته “فلاڻي پنهنجي مائٽ جو خيرات ڏاڍو مڙساڻو ڪيو.” ڇا اها اسان جي سماجي منافقت جي انتها ناهي؟
اهو تضاد صرف مرڻي تائين محدود ناهي، پر پرڻي تي به ائين ئي لاڳو ٿئي ٿو. هڪ پيءُ پنهنجي نياڻيءَ کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ يا يونيورسٽيءَ جي في ڀرڻ مهل سئو بهانا ڪندو، ڇو ته تعليم تي ڪيل خرچ کي اڃان تائين “ٻئي جو ٿانوَ” چئي ضايع ڪرڻ سمجهيو ويندو آهي، پر ساڳي نياڻيءَ جي شاديءَ تي، هٿين خالي هجڻ جي باوجود، مهانگا شادي هال ۽ حيران ڪندڙ ڏاج تيار ڪيو ويندو آهي. شاديءَ جا اهي ٻه ٽي ڏينهن ته عيش ۽ عشرت ۾ لنگهي ويندا آهن، پر پٺيان اهو اڇي چادر وارو اٻوجهه پيءُ ڪيترائي سال قرض جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهندو آهي، جنهن مان نڪرڻ سندس وس ۾ ناهي هوندو.
ان ساڳي وچولي طبقي کي اڄ جي دور ۾ مهانگي بجلي، ٻارن جي اسڪول فيئن ۽ گهر جي مهانگائيءَ اندر ئي اندر ائين کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيئن اڏوهي ڪاٺ کي کائيندي آهي، پر هو پنهنجي غيرتِ نفس سبب ڪنهن اڳيان هٿ نٿو پکيڙي سگهي. غريب ۽ مستحق ماڻهو ته لائين ۾ بيهي امداد وٺي سگهي ٿو، پر پڙهيل لکيل سفيد پوش پنهنجي عزت ۽ شرافت جو ڀرم رکڻ لاءِ راتين جو رت جا ڳوڙها روئڻ تي مجبور آهن. ان معاشي دٻاءُ جي مٿان وري اسان جون اهي پراڻيون ۽ هٿراڌو رسمون باهه تي تيل جو ڪم ڪن ٿيون.
هڪ ٻيو دردناڪ پهلو اسان جي اوطاقن ۽ آستانن جو آهي. اوطاق تي روزانو چانهه، سگريٽ ۽ وڏيرائپ جي نالي تي هزارين رپيا اڏايا وڃن ٿا، پر ساڳئي شخص جي گهر ۾ ٻار سٺي کير ۽ مانيءَ لاءِ به سڪندا هوندا. پيرن، فقيرن جي درگاهن تي گهر جي آخري ٻڪري يا داڻو نذراني طور پيش ڪيو ويندو ته جيئن ڪا ڪرامت ٿئي، پر تندرستي لاءِ ڪنهن مستند طبيب جي في ڀرڻ کي ٻه اڌ ڪيو ويندو. ايستائين جو معمولي ڳالهين ۽ زمين جي ٽڪرن تان انا جي جنگ وڙهندي، گهر جا ڪيئي ڀاتي ڪهائي ڇڏبا، پوليس ٿاڻن ۽ وڪيلن جا کيسا ته ڀرجي ويندا، پر پاڻ ۾ ويهي پرچاءُ يا درگذر ڪرڻ جي باري ۾ نه سوچبو ۽ هميشه ان کي انا جو مسئلو بڻائي رکبو.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي فڪري ننڊ مان سجاڳ ٿيون. مان سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان ته انهن فرسوده ريتن خلاف قلمي جهاد جوٽين. اسان کي “لوڪ ڇا چوندو” واري ان ڪوڙي بت کي پاش پاش ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن خرچ ڪرڻو آهي، ته انسان جي زندهه هجڻ دوران ان جي صحت تي، ان جي پڙهائيءَ تي ۽ ان جي خوشحاليءَ تي ڪيون. مئل انسان کي اوهان جي شاهي ديڳين جي ضرورت ناهي هوندي، ان کي صرف اڪيلائيءَ جي سفر ۾ پنهنجن سٺن عملن ۽ دعائن جي ضرورت هوندي آهي. اچو ته اڄ عهد ڪيون ته اسان ڏيکاءُ واريون رسمون تياڳي پنهنجي زندهه ماڻهن جو ڀرم رکنداسين، ڇو ته ڪو به سماج تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن انسان جي بقا، ريتن رسمن کان وڌيڪ مقدم هوندي.