بلاگنئون

اقتصادي صورتحال ۽ سياحتي فروغ

اها ته عام صورتحال آهي ته جي هتان جي ماڻهن کي اهو چيو وڃي ۽ انهن کي کلي ڇوٽ ڏني وڃي ته انهن جي لاءِ يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جون ويزائون فري آهن يا انهن تي ڪا جهل پل ناهي ته اهي ماڻهو هي ملڪ خالي ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا (گهڻي ڀاڱي). ڇو ته ”هاءِ انفليشن“ جي ڪري ماڻهن مان خريد جي قوت گهٽجي وئي آهي، اهي سمجهن ٿا انهن جو گذارو مشڪل کان مشڪل ترين ٿيندو پيو وڃي ۽ جيتري برڪت ڊالر يا ٻاهرين ڪرنسي ۾ آهي اوتري يا ان کان اڌ جيتري به برڪت پاڪستاني رپئي ۾ ناهي. ان ڪري ته ڪرنسي ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي ڪرندي ۽ ماڻهن جو ”اسٽينڊرڊ آف لائف“ وڃي ٿو گهٽبو، جو قوت خريد سان گڏ يوٽيلٽي جا بل ڳچيءَ جو ڳارو بڻجي ويا آهن. هاڻي ته گهر جا ننڍڙا ٻار به اها ڳالھ سمجهن ٿا ته فالتو بلب ۽ اي سيون نه هلائجن، فرج رات جو بند ڪجي، وري صبح سان هلائجي، ضرورت آهر اهي بجلي جو استعمال ممڪن ڪجي يا اهڙا ٻيا احتياط ۽ ڳالهيون ڪجن. ان ڪري هن ملڪ ۾ رهڻ اڃان به بدتر هوندو جي هي رياست پرائيس ڪنٽرول نٿي ڪري، بهرحال صوبن جي سرمائي تي مرڪز جي اک سدائين ٽيڏي رهندي ٿي اچي، اهي چاهين ٿا ته جيڪي به صوبائي دولتون آهن اهي مرڪز جون هجن. انهن جي نيت ۾ اها ڳالھ ويهي وئي آهي ته جيستائين صوبن جي دولت ڦري ناڙ نٿي ڪجي تيستائين سڪون جي ننڊ سمهي نٿي سگهجي، پوءِ انهن دولتن جو فائدو صوبن کي ملي يا نه ملي. رياست جي دماغ مان اها ڳالھ نه نڪرڻ مان مراد رياست جي مستقبل جي منظر نامي جي هڪ پريشان ڪندڙ تصوير پڻ پيش ڪري ٿي، پر جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته رياست صوبن جي دٻاءَ ڪري پوئتي رهجي سگهي ٿي. ڇو ته معاشي بدتري جي نتيجي ۾ آبادي جو هڪ وڏو حصو منشيات جي عادين سان ڀربو ٿو رهي يا ائين چئون ته ماڻهن ۾ پنهنجي ”فرسٽريشن” لڪائڻ جي لاءِ نشي کان علاوه ٻي ڪا شيءِ ناهي بچي، وري اهڙي معاشي بدحالي ۾ ڏوهارين جو انگ وڌي ٿو. ساڳي جاءِ تي وري راشي ۽ نيم تعليم يافتا ڪلارڪن ۾ واڌ ٿي اچي، جيڪي رشوت خوري کي روزي سمجهي نوڪري ٿا ڪن. مذهبي انتها پسندي ۾ آبادي جو وڏو حصو انهن مذهبي پيشوائن ۽ اڳواڻن جي بِلي ۽ ڪنٽرول ۾ آهي ته اهي جيئن چاهين ڪري سگهن ٿا، ان ڪري حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن رياست ۾ 400000 کان وڌيڪ اعليٰ تربيت يافتا پروفيشنل گذريل سال جي پهرين اڌ ۾ ئي ملڪ مان لڏي ويا هئا، جيڪو رجحان گذريل بدترين معاشي سالن جي عڪاسي ٿو ڪري. 2022 ۾ 700000 کان وڌيڪ، 2019 ۾ 600000 کان وڌيڪ ۽ 2020-2021 جي وبائي مرض کان متاثر ٿيل سالن دوران 500000 کان وڌيڪ ”اسڪلڊ“ ماڻهو هي ملڪ ڇڏي ويا هئا. وڃڻ وارن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ آئي ٽي پروفيشنل به شامل هئا، جنهن ڳالھ تي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته معاشي بدحالي عوام ۽ رياست جي دماغ جي وڌندڙ دوري سبب به آهي. هونئن اها مشڪل ڳالھ آهي ته ملڪ جي قرضن واري گهڻائي جي ڪري معيشت جو سڌرڻ مشڪل آهي ۽ ان جي ڪري سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. ڇو ته 2023-2024 ۾ پرڏيهي قرضن جو تخمينو 131 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ کي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. جهڙوڪ: دهشتگردي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ايمرجنسيون لاڳو ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ. ان کانسواءِ هيءَ رياست پاڻ کي جڏهن ”اسلام جو قلعو“ سمجهي يا سمجهائي ٿي يا مقرر ڪري ٿي جنهن کي ايمان جي آخري نشاني ليکيو وڃي ٿو. ان سان لاڳاپيل سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن معاشي بدحالي جي ڪري شيون بنيادي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي بگاڙ جا سبب بڻجن ۽ عوام جي دماغ کي رياست جي سوچ کان جدا ڪري بيهارين ته پوءِ ڇا ڪجي؟

هڪ ڪاٿي موجب ملڪ جي 23 سالن جي وچين عمر جي آبادي تقريبن 63 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ 15 کان 30 سالن جي عمر جي گروپ وارا ماڻهو اچي وڃن ٿا. هي هڪ اهڙو موڙ آهي جتي يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ 40 کان 50 جي عمر وارن ماڻهن جي شرح وڌي رهي آهي، پر انهن سڀني حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي اها ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته 30 کان 50 سالن تائين عمر جي حد ملڪ جي آبادي هڪ اهم اثاثو آهي، جنهن کي مؤثر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. ڇو ته اسان جهڙي رياست ۾ انساني سرمائي سان گڏ سياحت جهڙن شعبن کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاءِ اسان جي ملڪ ۾ هڪ ڀرپور صلاحيت موجود آهي. جيڪو هڪ امير ترين تاريخي ورثو رکي ٿو جنهن ۾ خوبصورت مذهبي ماڳ پڻ آهن جنهن ۾ هندن، سکن ۽ صوفين جي زيارت جا هنڌ به شامل آهن. اها حقيقت به مڃڻ گهرجي ته عالمي سطح تي هتان جا کاڌا به مشهور آهن، جنهن ۾ ملڪ اندر ٺاهيل دستڪاري ۽ متحرڪ بنيادن تي جوڙيل موسيقي جا رنگ ۽ ناچ مختلف نمونن جي شڪل ۾ هڪ اهميت جا حامل آهن، جن کي پرڏيھ ۾ فروغ ڏئي سگهجي ٿو، جنهن سان معياري سياحت کي به واڌ ملندي، هونئن ملڪ ۾ پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪرڻ  مائيڪرو (ننڍي) ۽ ميڪرو (وڏي) اقتصاديات پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به موجود آهي.

دنيا جي 10 بلند ترين جبلن جي چوٽين مان ٻه هتي موجود آهن ان سان گڏوگڏ 1365 ڪلو ميٽرن جي ساحلي پٽي پڻ آهي، هونئن ملڪ قدرتي عجائبات جي هڪ دلچسپ تصوير پڻ پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هرهڪ ٻئي کان وڌيڪ دلڪش آهي. فطري ڪشش جي سونهن برف سان ڍڪيل چوٽين کان وٺي دنيا جي سياحن کي اهو پيغام ڏين ٿا ته اسان ڪنهن کان گهٽ ناهيون جيڪي منفرد جهنگلي جيوت ۽ جادوگر وادين سان لطف اندوز ڪن ٿا. قوم پڻ صدين کان پکڙيل تاريخي يادگارن ذريعي قديم تهذيب کي نمايان ڪري ٿي. تنهن هوندي پنهنجي ثقافتي دولت، تاريخي اهميت، قدرتي خوبصورتي ۽ ورثي جي باوجود هي ملڪ پنهنجي ايشيائي پاڙيسري ملڪن کان پوئتي آهي. ورلڊ بئنڪ جي 2023 جي ڊيٽا ٻڌائي ٿي ته سياحت ۽ تفريحن ۾ سريلنڪا جي ”جي ڊي پي“ جي شرح تقريبن 12.6 هئي جنهن ۾ نيپال جي شرح 6.7 هئي ۽ ڀارت جي ”جي ڊي پي“ ۾ سياحت جي شرح 4.6 هئي، جنهن ۾ پاڪستان جو 2.7 سيڪڙو هو سو هاڻي گهٽجي ويو آهي. ڇو ته ننڍڙن ملڪن جيئن سريلنڪا ۽ نيپال ان شعبي ۾ پاڪستان کان گهڻو ۽ وڌيڪ بهتر ڪم ڪيو آهي. هونئن عالمي سطح تي اسان جو ملڪ ڪنهن کان به لڪيل ناهي رهيو. 2018 ۾ ”برٽش بيڪ پيڪر سوسائٽي“ پاران اعليٰ ايڊوينچر سياحتي مقام جي طور تي پاڪستان کي پڻ بهترين طريقي سان ڳڻيو ويو هو ۽ ان کي دنيا جي سطح تي ساراهيو ويو هو ۽ پاڪستان کي حيرت انگيز سياحتي مرڪزن ۽ جابلو نظارن جي طور تي به سڃاتو وڃي ٿو. ”فوربز ٽوئرز“ پاڪستان کي 2019 ۾ گهمڻ لاءِ بهترين جڳهن مان هڪ قرار ڏنو هو. ”ورلڊ اڪنامڪ فورم“ جي سفر ۽ سياحت واري رپورٽ پاڪستان جي عالمي ورثي جي ماڳن کي تسليم ڪيو، جيڪو قابل ذڪر آهي ۽ ڪيٽيگري ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي 25 سيڪڙو مٿي ۾ رکيو.

2020 ۾ Condé Nast Traveler پاڪستاني سياحتي مرڪزن کي موڪلن جي لاءِ بهترين جاءِ واري اعزاز سان نوازيو ۽ ان جي صلاحيت کي ايڊوينچر جي طور تسليم ڪيو هو. ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪڏهن مصر 2023 ۾ سياحت مان 12.75 بلين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو ۽ ٿائلينڊ پنهنجي وسيع ساحلي پٽي مان 19 بلين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو ته پاڪستان به پنهنجي تاريخي ماڳن جهڙوڪ: موهن جو دڙو ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي خوبصورت ساحلن تي سرمائيداري ڪري سگهي ٿو. ڇو ته عالمي ساحلي سياحت 2023 ۾ 175 بلين ڊالر تائين پهچي وئي هئي، ان ڪري پاڪستان به پنهنجي سامونڊي پٽي کي بهترين ڪري سگهي ٿو جنهن سان سياحت اجاگر ٿيندي، ان سان گڌوگڏ پاڪستاني آثار قديما جا ماڳ، جهڙوڪ: هندو مندر، سکن جا مذهبي ماڳ، قديم ٻڌ ڌرم جا ماڳ ۽ صوفي درگاهون، وغيره پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي سياحن کي راغب ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿيون. ان کان علاوه پٿرن جي نقش نگاري وارن ماڳن ۽ رني ڪوٽ جو قلعو، جنهن کي ”مِني چائنا وال“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو پڻ منفرد آهي. ملڪ جي انهن سياحتي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اضافي سرڪاري فنڊن جي ضرورت ناهي، پر توجھ جي ضرورت ضرور آهي. اسان جي قوم جي مهمان نوازي ۽ ڪاروباري طبيعت دنيا کي تمام گهڻي غلط فهمي ۽ بي اعتمادي واري حالت ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ملڪ جا خوبصورت پاسا ڏيکارڻ جو خيال پاسي تي رهجي ٿو وڃي. پاڪستان خاص طور تي سخت ويزا وارن ملڪن جي درجي ۾ اچي ٿو. جنهن ۾ رياستي لالچ ۽ لوڀ جو اهو حال آهي جو اهي ايئرپورٽن، بندرگاهن ۽ ٻين اهم قومي اثاثن کي ليز تي ڏيڻ کان گهٻرائين نٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ سياحت جي سڀني قسمن جا دروازا کولڻ جي لاءِ انهن جاين کي استعمال ڪري سگهن ٿا، جنهن سان ملڪي معاشي ۽ اقتصادي حالت بهتر ٿيندي ۽ گڏوگڏ ملڪ ڇڏي وڃڻ وارن ماڻهن جي لاءِ هڪ اتساھ پيدا ٿيندو ته اهي هن ملڪ ۾ رهي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن جتي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جا مسئلا به وقت سر حل ٿيندا رهن ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو رهي.