موسميات کاتي جي پيشنگوئي مطابق سنڌ ۾ مون سون برساتن جي شروعات جون جي آخر کان ٿيندي ۽ سيپٽمبر جي آخر تائين هلندي. پاڪستان جي موسميات کاتي (PMD) جي تازين اڳڪٿين موجب هن سال (2025) ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مون سون برساتن جي شروعات 25 جون کان ٿيڻ جو امڪان آهي.
سنڌ جي مختلف علائقن جهڙوڪ: سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، ڪشمور، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي ۾ 25 کان 28 جون تائين برساتن جو امڪان آهي. محڪمي جي اطلاع مطابق اها برسات ڪنهن هنڌ گهڻي ۽ ڪنهن هنڌ هلڪي ٿي سگهي ٿي ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت هر سال جي ان قدرتي موسمياتي سائيڪل جنهن کي مون سون چئجي ٿو ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي تياري مڪمل ڪئي آهي يا نه؟ ڇو ته هن وقت نه صرف سڄو ملڪ پاڪستان، پر خاص طور تي سنڌ جنهن ۾ حيدرآباد موسمياتي تبديلين جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿي دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ شامل ٿي چڪو آهي.
اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن برساتون تمام گهڻيون ٿين ٿيون ۽ جيڪڏهن ڪنهن به شهر ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي پوي ٿو ته ڇا سنڌ حڪومت پنهنجون ذميداريون پوريون ڪندي ضلعي انتظاميه سان گڏ انهن سڀني شين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ حڪومت کي مون سون کان 15 يا 20 ڏينهن اڳ هڪ هنگامي اجلاس ڪوٺرائي مون سون جي برساتن کي منهن ڏيڻ جي جيڪا تياري ڪرڻي آهي ان بابت سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏئي الرٽ ڪري ته جيئن سڀ ادارا تيار هجن ۽ وقت سر هنگامي حالتن کي منهن ڏئي سگهن.
بدقسمتي سان هن وقت سنڌ جا وڏا وڏا شهر جيئن ڪراچي، حيدرآباد، سکر تمام گهڻي بد انتظامي ۽ اربنائيزيشن جو شڪار آهن. اربنائيزيشن هڪ مسلسل عمل هوندو آهي جنهن جو ٿيڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي، پر حڪومت کي ان جي لاءِ وڏن شهرن کي انفرااسٽرڪچر تيار ڪري ان وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون به ڪرڻيون پونديون آهن، پر اسان ڏٺو آهي ته ڪراچيءَ جي آبادي بغير ڪنهن پلاننگ جي وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري اتي نه صفائي جو پورو انتظام آهي ۽ نه ئي وري ڪراچي هڪ ميٽرو پوليٽن سٽي جو ڏيک ڏئي ٿو. هن وقت ڪراچي هڪ ٽٽل ڦٽل شهر جو منظر پيش ڪري ٿو.
ان کان علاوه حيدرآباد به ڪيترائي ڀيرا اربن فلڊنگ جو شڪار ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهن جا قيمتي گهر، گاڏيون ۽ ٻيا قيمتي اثاثا پاڻيءَ ۾ تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا. سنڌ حڪومت کي هينئر تيزيءَ سان ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ نالن ۽ گٽرن جي صفائي جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ٿي سگهي. پمپنگ ۽ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ جيڪا مشينري استعمال ٿئي ٿي ان جي تياري رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس سروسز کي به الرٽ رکيو وڃي. هنگامي مرڪزن کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ کپي، رليف ڪئمپون ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر قائم ڪيا وڃن. ان کان علاوه جيڪڏهن متبادل ڊرينز جو بندوبست ٿي سگهي ٿو ته ان تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت ته اڳ ۾ ئي هئي، پر هاڻي به ڪو نه ڪو بندوبست ڪيو وڃي.
يقينن سنڌ حڪومت وٽ انهن سڀني ڪمن ڪارين جي لاءِ ادارن جا فنڊ موجود هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اڃان تائين انهن ادارن کي اهي فنڊ رليز نه ڪيا ويا آهن ته انهن کي وقت کان اڳ فنڊ رليز ڪيا وڃن ته جيئن ادارا پنهنجون تياريون مڪمل ڪري سگهن.
ڇو ته سنڌ جا ڪراچي سوڌو وڏا شهر اربن فلڊنگ جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن جي ڪري شهرن جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، ماڻهن کي اڃان تائين 2022 واري ٻوڏ جا تجربا ياد آهن، جن مان هزارين ماڻهو اڃان تائين بحال ٿي نه سگهيا آهن. سنڌ حڪومت لاءِ به اها ڳالهه تمام خوش آئند هوندي ته جيڪڏهن اها وقت کان اڳ پنهنجون تياريون مڪمل ڪري ٿي ڇڏي ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪڏهن سندس سٺي تياري هوندي ته عوام ۾ سندس ساک اڃان وڌيڪ بهتر ٿيندي.
موسمياتي تبديلين جي ڪري ڪجهه سالن مان اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته شديد برساتن ۾ ٿوري وقت ۾ گهڻو مينهن پوي ٿو، جنهن جي ڪري عام انتظام اڻپورا لڳن ٿا ۽ ڪجهه ادارتي ڪمزوريون به سامهون اچي وڃن ٿيون، جنهن جي ڪري حڪومت کي سخت تنقيد برداشت ڪرڻي پوي ٿي.
اميد آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پنهنجي سڀني وڏن شهرن جي چونڊيل ميئرن سان گڏجي ان سڄي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت کي وقت کان اڳ غير معمولي ضروري قدم کڻڻ جون هدايتون ڪندا ته جيئن هن سال مون سون جون برساتون عوام جي لاءِ زحمت نه بلڪه رحمت بڻجي وڃن ۽ ماڻهو برساتن مان مزو ماڻي سگهن.