بلاگنئون

ماڻهو مڻيادار: استاد محمد صالح عباسي

اسان مَري وينداسين هن مِٽيءَ ۾ ملي وينداسين، پر اسان جي قبر جي مِٽيءَ جي خوشبو توهان کي ٻُڌائيندي ته هِنَ مِٽيءَ هيٺان مڻيادار ماڻھو دفن ٿيل آھي.

ساھتي پرڳڻي جي ننڍڙي ڳوٺ چنيھاڻي ۾ ڪيترن ئي عالمن، ولين، ڪاملن ۽ استادن جنم ورتو آھي انھن مان استاد محمد صالح عباسي به 22.5.1960 تي جنم ورتو. اسان جي ڳوٺ جو رھبر ۽ اسان جو استاد سائين محمد صالح عباسي سائين اسڪول ۾ جڏهن داخل ٿيندا هئا ته سڀني اسڪول جي شاگردن تي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. سندس شخصيت ۾ ايترو ته رعب، تاب ۽ دٻدٻو ھوندو ھو جو جڏھن مسجد ۾ يا ڪنھن محفل ۾ ايندو ھو ته في الحال ته سڀ ڪو ھڪٻئي کي چوندو هو ته چپ ڪر چپ ڪر سائين ٿو اچي ۽ سندس نرم دل به اھڙي ھوندي ھئي جو اسڪول جي شاگردن کي ڪا ڳالھه چوڻي ھوندي ھئي ته وڃي ڪري بغير ڪنھن خوف جي سائين محمد صالح کي چوندا ھئا. ڪنهن ڪنهن وقت سائين ڪلاس ۾ به شاگردن سان اهڙو ته رلي ملي ويندا ھئا جو ڪلاس ۾ ٽھڪ ئي ٽھڪ ھوندا ھئا ٻيا استاد پريشان ٿي اچي ڏسندا ھئا ته شايد سائين ڪلاس ۾ نه آھي، پر جڏهن اچي ڏسندا ھئا ته سائين پاڻ شاگردن سان گڏ مسڪرائي پيو ته استاد به حيران رهجي ويندا ھئا. سائين محمد صالح جي پڙھائڻ جو انداز به ھڪ نرالو انداز ھو. سڀني شاگردن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ڪو سائين کان سکي ها، جو سڀ شاگرد سائين ڏانهن پوري توجھه سان متوجهه ٿي ويندا ھئا. خاص طور رسيس کانپوءِ سائين حساب سيکاريندو هو پوءِ ته ڪلاس ۾ سائين گھمندو هو ۽ پنهنجي ڪڙڪ دار آواز سان حساب سيکاريندو هو. سائين جا هن وقت ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد اعليٰ عهدن تي فائز آھن. سائين پنهنجي ھمت، جستجو ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي جا 38 سال پورا ڪيا. جڏهن سائين رٽائر ٿيو ته ڄڻ ته اسان جي ڳوٺ جو اسڪول ويران ٿي ويو. خاموشي ئي خاموشي ڇانئجي وئي. رٽائرمينٽ کانپوءِ سائين محمد صالح پنھنجي گھر جي مصروفيات ۾ لڳي ويو ۽ سائين پنج وقت نماز جا پابند ايترا ته ھئا جو آذان اچڻ شرط گھران وضو ڪري مسجد ڏانهن روانا ٿيندا هئا، تڪبير اولي سان اچي نماز ادا ڪندا ھئا ايتري تائين جو جڏهن سائين ڪمن ڪارين شھر يا ڪيڏانهن ويندا ھئا ته مسجد جا سڀ جماعتي سائين جي راھ تڪيندا ھئا پوءِ جڏهن ڪو جماعتي چوندو ھو ته شايد سائين اتي ناھي ڪنھن ڪم ڪار سان ٻاهر نڪتل آهي ته پوءِ نماز جو فرض شروع ٿيندو ھو.

 2019ع ۾ رمضان المبارڪ جو مھينو ھجي مان ۽ مون سان گڏ مولانا مقبول احمد عباسي ۽ مولانا محمد آصف عباسي اعتڪاف ۾ ويٺا هئاسين 22 يا 23 جي رات ھئي تراويح پڙھي ڪري اتي ئي ويٺا هئاسين ته ڪجھه جماعتي مسجد کان نڪتا ۽ ڪجھه اتي ئي ويٺا هئا ته سائين محمد صالح به تراويح پڙھي گھر ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ گڏ ويندڙ ساٿين کي چيائون ته کين ڪجھه تڪليف محسوس ٿي رهي آهي ۽ هن سهاري ڏيڻ جي لاءِ چيو، آخر پنهنجي گھر جي دروازي تي پھچڻ کان پھريان دل جي دوري جي سبب ڪِري پيا، ان وقت ئي جلد سائين کي نوابشاھ اسپتال کنيو ويو. ان وقت پوري ڳوٺ ۾ حراس ڇانئجي ويو ۽ ننڍا وڏا سائين لاءِ دعائون ڪرڻ لڳا. 29 رمضان جي رات ھجي ان رات اسان جي گوٺ واري مسجد ۾ ختم القرآن به ھو، سومهڻي جي نماز کان پھريان اچي سندس فرزند مشتاق عباسي خوش خبري ٻڌائي ته بابا سائين اچي ويو آهي ۽ ڪافي طبيعت بھتر اٿن. بهرحال سائين ٻه ڏينھن گھر ۾ آرام ڪرڻ کانپوءِ پوءِ اچي عيد واري ڏينهن اسان سان گڏ عيد جي نماز پڙھي. ان کانپوءِ سائين هميشه نماز تي ايندا رهيا محسوس ئي نه ٿيندو ھو ته سائين کي به ڪو دل جو دورو پيو ھو.

سائين سان منھنجي آخري ملاقات 2025ع رمضان المبارڪ جي 26 روزي تي ڪراچي کان جڏهن ڳوٺ ويس ته سج لٿي جي نماز تي ٿي، هميشه جڏهن به مان ڳوٺ ايندو ھئس ته مسڪرائي پيار منجهان ڀاڪر پائي ملندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. مان ھن دفعي اتفاق سان 10 ڏينهن موڪل ڪئي ھئي ۽ ڏھ ئي ڏينهن سائين سان ھر نماز تي ملاقات ٿيندي رهندي ھئي. پھرين جون 2025ع جي شام 6 لڳي 45 منٽن تي فيسبوڪ کوليو ته سڀ پنھنجي ڀاءُ عبدالغفار عباسي جي پوسٽ ڏٺم ته سائين ھن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي!! زمين پيرن ھيٺان نڪري وئي انا لله و انا اليه راجعون پڙھي ڀاءُ کي فون ڪئي ته سائين کي ڇا ٿيو ڀاءُ ٻڌايو ته سائين جي ٽي چار ڏينهن پھريان طبيعت خراب ٿي پئي هئي ان ڪري حيدرآباد کڻائي ويا ھئا اڄ تقريبن 4 وڳي سائين ھن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو!!! انا لله و انا اليه راجعون. سائين محمد صالح پنهنجي زندگيءَ جا 65 سال گذاري ھن جھان کي الوداع چئي 01.06.2025 تي وڃي پنھنجي حقيقي خالق ڪائنات سان مليا. الله تعالي سائين محمد صالح جي درجات کي بلند فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي-آمين.